اصفھان صوبو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيويگيشن ڏانھن ٽپ ڏيو ڳولا ڏانھن هلو
Isfahan Province
اصفھان صوبو
صوبو
Isfahan counties.svg
Map of Iran with Esfahan highlighted
ايران ۾ اصفھان جي بيھڪ
Map
جاگرافي بيهڪ: 32°39′28″N 51°40′09″E / 32.6577°N 51.6692°E / 32.6577; 51.6692مڪانيت: 32°39′28″N 51°40′09″E / 32.6577°N 51.6692°E / 32.6577; 51.6692
ملڪ ايران
علائقو ريجن 2
گاديءَ جو ھنڌ اصفھان
ڪائونٽيز 24
حڪومت
 • گورنر جنرل رضا مرتضوي
پکيڙ
 • ڪل ١٠٧٬٠١٨ ڪ.م٢ (٤١٬٣٢٠ ميل٢)
آبادي (2016)
 • ڪل ٥٬١٢٠٬٨٥٠
 •  ڪاٿو

  2020

٥,٣٤٣,٠٠٠

اصفھان (انگريزي: Isfahan) ايران جو ھڪ صوبو آھي. ھي آباديءَ جي لحاظ کان ايران جو ڇھون نمبر ۽ پکيڙ جي لحاظ کان ٽيون نمبر وڏو صوبو آھي[2]. اصفھان، ڪاشان، نجف آباد ۽ خميني شھر ھن صوبي جا مکيہ شھر آھن. ھن صوبي جي پکيڙ 107.018 چورس ڪلوميٽر آھي. ھن جي اوڀر ۾ يزد ۽ ڏکڻ خراسان صوبا، اتر ۾ سمنان، قم ۽ مرڪزي صوبو، اولھ ۾ لرستان ۽ چھارمحل ۽ بختياري صوبا، ۽ ڏکڻ ۾ ڪھگيلويہ، بوير احمد ۽ فارس صوبا موجود آھن. ھن صوبي جو اوڀر ۽ اتر وارو علائقو ريگستاني آھي جڏھن تہ اولھ ۽ ڏکڻ ۾ زاگروس جبلن جون قطارون اٿس. اصفھان صوبو ايران ۾ لوھ ۽ اسٽيل جي پيداوار ۽ ھٿ جي ھنرن جو مرڪز آھي.

2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن صوبي جي آبادي 5,120,850 ماڻھن تي مشتمل آھي جن مان اٽڪل 88 سيڪڙو ماڻھو شھرن ۾ ۽ باقي 12 سيڪڙو ماڻھو ٻھراڙيءَ ۾ رھن ٿا. صوبي جي موسم عام طور وچٿري ۽ خشڪ آھي. شاھانڪوھ (Shahankuh) صوبي جو سڀ کان اوچو جبل آھي جنھن جي اوچائي 4040 ميٽر آھي. ھي جبل اصفھان صوبي جي اولاھين حصي ۾ فريدون شھر کان ويھ ڪلوميٽر ڏکڻ اولھ ۾ واقع آھي.

اصفھان صوبي ۾ 52 نديون وھن ٿيون. انھن مان زاينده رود ( Zāyanderud) ندي سڀ کان ڊگھي ندي آھي جنھن جي ڊيگھ 405 ڪلوميٽر آھي[3].

تاريخ ۽ ثقافت[سنواريو]

تاريخي مسودن ۾ ھن صوبي جو نالو اصپھان (Espahan)، سپاھان (Sepahan) ۽ اسفھان (Isfahan) لکيو ويو آھي. ھن صوبي ۾ ڪيترائي ڪوٽ، قلعا ۽ فوجي ڇانوڻيون قائم ھيون. ابيانہ ( Abyaneh) ھن صوبي جو ھڪ تاريخي ڳوٺ آھي جنھن ۾ ساساني دور جا کنڊر ۽ زرتشت مذھب جا باھ جا مندر اڄ بہ ڏسي سگھجن ٿا. سترھين ۽ ارڙھين صديءَ ۾ صفوي گھراڻي جي باشاھن اصفھان شھر کي پنھنجي گاديءَ جو ھنڏ بنايو انڪري ھي صوبو ايران جي خوشحال علائقن ۾ شمار ٿيندو ھو. ان زماني ۾ ڪاشان شھر بہ ڪافي مشھور ۽ خوشحال شھر ھو جتي بادشاھ ۽ شھزادا پنھنجون موڪلون ملھائڻ ايندا ھئا.

ھن صوبي ۾ ڪيترن ئي نسلن جا ماڻھو آباد آھن. ھتان جا اڪثر ماڻھو فارسي ڳالھائين ٿا پر بختياري لُر، جارجيائي، آرمينيائي ۽ ڪشڪائي ترڪ بہ ھتان جي رھواسين ۾ شامل آھن. ھن صوبي جي سرزمين ڪيترائي شاعر، اديب، مفڪر، سائنسدان، مفتي ۽ عالم پيدا ڪيا آھن.

قدرتي وسيلا ۽ ماحول[سنواريو]

اصفھان صوبي جو ٽيون حصو ريگستان آھي. سڄي ايران جو 10 سيڪڙو ريگستاني علائقو ھن صوبي ۾ آھي. ريگستاني علائقي ۾ جيڪي شھر وسيل آھن تن ۾ شھرضا، نايين، نجف آباد، اردستان، نطنز، آران و بيدگل، ڪاشان، خميني شھر ۽ اصفھان شامل آھن. ھن صوبي جي جابلو علائقي ۾ جيڪي شھر آباد آھن تن ۾ گلپايگان، خوانسار، فريدن، فريدون شھر، ديھگان، چاديگان، تيران و ڪرون ، بوئن ۽ مياندشت خاص ذڪر جي لائق آھن.

صوبي جي 412 ھزارھيڪٽر ايراضي ٻيلن ۽ جھنگلن تي مشتمل آھي. اٽڪل 976000 ھيڪٽر زمين ماحولياتي تحفظ واري اداري جي ھٿ ھيٺ آھي جنھن ۾ ٻہ نيشنل پارڪ، چار جھنگلي جيوت جا محفوظ علائقا ۽ چار ٻيا محفوظ علائقا شامل آھن. صوبي جي 12 علائقن ۾ شڪار تي پابندي عائد آھي. ان کان علاوھ ھن صوبي ۾ ھڪ بين الاقوامي ويٽ لينڊ پڻ موجود آھي جنھن جي پکيڙ 63000 ھيڪٽر آھي[2]. ھن صوبي ۾ قسمين قسمين گل، ٻوٽا، وڻ ۽ جانور ملن ٿا. ماھرن جي چوڻ مطابق ھتي اٽڪل 2000 قسمن جا گل، ٻوٽا ۽ وڻ موجود آھن. ھن صوبي ۾ 63 قسمن جا کير ڌارائيندڙ جانور، 296 قسمن جا پکي، 40 قسمن جا ريڙھيون پائيندڙ جانور، 8 قسمن جا بنا ڪرنگھي وارا جانور ۽ 41 قسمن جي مڇي ملي ٿي.

ايران ۾ سرن ٺاھڻ جي بٺن جو ڪل تعداد 1700 جي لڳڀڳ آھي جن مان 457 بٺا اصفھان صوبي ۾ آھن. انھن بٺن مان نڪرندڙ دونھون ڪجه علائقن ۾ ماحولياتي گدلاڻ ڦھلائڻ جو سبب بنجي رھيو آھي.

2018ع ۾ ھن صوبي ۾ اٽڪل 568 ھزار ھيڪٽر زرعي زمين ۽ 6 ملين لائيواسٽاڪ يونٽ ھئا. صوبي جي ڪل زرعي اپت 7.5 ملين ٽن ھئي جيڪا ملڪ جي ڪل زرعي پيداوار جو 5 سيڪڙو آھي[4].

جاگرافي[سنواريو]

اصفھان صوبو زاگروس جبلن جي سلسلي کان شروع ٿي ريگستان ۾ ختم ٿئي ٿو. صوبي جي ڪل پکيڙ اٽڪل 107،018 چورس ڪلوميٽر آھي. ھن صوبي جي سرزمين جو ڪجه حصو جابلو ۽ ڪجھ ميداني علائقو آھي ۽ ھن جي سامونڊي مٿاڇري کان سراسري اوچائي 1600 ميٽر آھي[5]. آبھوا ء۽ زميني ماحول جي لحاظ کان ھن صوبي کي ٽن ڀاڱن ۾ ورھائي سگھجي ٿو:

  1. اولھ ۽ ڏکڻ واريون نيم گھميل ۽ ٿڌيون ماٿريون جن ۾ گلپایگان, خوانسار، فريدن، فريدون شھر ۽ سميرم وارا علائقا شامل آھن.
  2. مرڪزي ريگاستان جي ڀر وارا علائقا جن ۾ نائين، اردستان ۽ ڪاسان وارا علائقا شامل آھن. ان کان علاوہ انارڪ، ڪور ۽ جندَق ڳوٺ بہ ھن ڀاڱي ۾ شامل آھن.
  3. زاينده رود نديءَ جي ڪناري وارا علائقا جن ۾ تيران و ڪرون، نجف آباد، لنجان، مبارڪہ، فلاورجان، خميني شھر، اصفھان ۽ ٻيا ڪجه علائقا شامل آھن.

ثقافتي ورثو[سنواريو]

2021ع جي انگن اکرن مطابق يونيسڪو جي عالمي ورثي ۾ ايران جا 26 ماڳ شامل آھن جن مان ھيٺيان پنج اصفھان ۾ آھن[6]:

  1. نقش جھان اسڪوائر
  2. فارسي باغ
  3. اصفھان جي جامع مسجد
  4. فارسي قنات
  5. چھل ستون محل

2015ع جي انگن اکرن مطابق ھتي 1731 تاريخي يادگار، 24 عجائب گھر ۽ 548 جھوني جُڳَ جا ماڳ موجود آھن[4].

اصفھان صوبي جا شھر[سنواريو]

ھيٺينءَ جدول ۾ اصفھان صوبي جي آباديءَ جي لحاظ کان 46 وڏن شھرن جي فھرست ڏجي ٿي. ھن جدول ۾ فقط اھي شھر شامل ڪيا ويا آھن جن جي آبادي گھٽ ۾ گھٽ 10000 آھي.

درجو

(2016)

شھر جو نالو لحاظ 1996 2006 2011 2016
1 اصفھان اصفھان 1,327,283 1,689,392 1,853,293 1,961,260
2 ڪاشان ڪاسان 201,372 253,509 275,325 304,487
3 نجف آباد نجف آباد 178,498 208,647 221,814 293,275
4 خميني شھر خميني شھر 165,888 223,071 244,696 247,128
5 شاھين شھر شاھين شھر ۽ ميمہ 84,827 127,412 143,308 173,329
6 شھرضا شھرضا 89,779 109,601 123,767 134,952
7 فولاد شھر لنجان 39,264 55,664 66,903 88,426
8 بھارستان اصفھان ... 45,629 61,647 79,023
9 مبارڪہ مبارڪہ 46,428 62,728 66,092 69,449
10 آران و بيد گل آران و بيد گل ... 55,833 60,290 65,404
11 گلپايھان گلپايگان 40,634 48,987 54,572 58,936
12 زرين شھر لنجان 50,837 56,375 60,118 55,817
13 سرچہ پياز خميني شھر 33,356 43,200 44,689 47,800
14 دولت آباد برخوار 26,845 33,961 37,098 40,945
15 فلاورجان فلاورجان 36,520 38,224 38,310 37,704
16 قھدريجان فلاور جان 27,109 30,016 31,679 34,226
17 خورزوق برخوار 17,921 20,311 22,321 29,154
18 نايين نايين 20,826 25,516 25,379 27,379
19 سميرم سميرم 24,504 26,795 25,122 26,942
20 ڪليشاد و سودرجان فلاور جان 20,006 23,215 24,355 25,635
21 گلدشت نجف آباد 19,287 23,056 23,192 25,235
22 گز شاھين شھر ۽ ميمہ 18,185 20,493 21,991 24,433
23 ابريشم فلاورجان ... 19,406 21,794 22,429
24 خوانسار خوانسار 21,966 21,313 21,338 21,883
25 تيران تيان و ڪرون 13,511 15,744 19,421 21,703
26 داران فريدن 17,033 19,583 19,645 20,078
27 سدھ لنجان لنجان 15,659 17,372 18,654 19,101
28 ديزيچہ مبارڪہ 9,579 17,966 18,750 18,935
29 ورنامخواست لنجان 14,893 15,301 17,384 18,700
30 دھاقان دھاقان 17,170 16,934 17,108 17,945
31 دشتگرد برخوار 14,021 15,524 16,848 17,775
32 اردستان اردستان 13,893 15,284 15,701 15,744
33 چمگردان لنجان 13,679 16,101 16,219 15,574
34 بادرود نطنز 15,995 14,415 13,120 14,723
35 ايمانشھر فلاورجان ... 13,554 14,267 14,633
36 نطنز نطنز 10,782 12,509 12,281 14,122
37 چرمھين لنجان 11,335 12,304 13,568 13,732
38 فريدون شھر فريدون شھر 13,592 13,821 14,007 13,603
39 پير بڪران فلاورجان 5,464 10,856 12,192 13,469
40 ڪوشڪ خميني شھر 10,299 11,271 12,029 13,248
41 ورزنہ اصفھان 9,946 11,520 11,924 12,714
42 نوش آباد آران و بيدگل ... 10,485 10,904 11,838
43 بھاران شھر فلاورجان ... 10,325 11,132 11,284
44 ڪھريز سنگ نجف آباد ... 8,267 9,264 10,442
45 باغبادران لنجان 8,043 8,812 9,598 10,279
46 زيبا شھر مبارڪہ ... 9,097 9,668 10,200

حوالا[سنواريو]

  1. "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. وقت 2018-09-23 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2018-09-13.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. 2.0 2.1 ”اسناد راهبردی برنامهٔ ششم توسعهٔ استان اصفهان (1400-1396) -جلد سوم: حوزه‌های فرابخشی. اصفهان: سازمان مدیریت و برنامه‌ریزی استان اصفهان“.( فارسي ٻوليءَ ۾ لکيل). ويب سائيٽ: https://www.mpo-es.ir/dorsapax/Data/Sub_4/File/Esfahan_B6_J3.pdf
  3. ISFAHAN i. GEOGRAPHY، ِEncylopedia Iranica, Online Edition. Retrieved on Juanuary 14, 2022.
  4. 4.0 4.1 گزارش عملکرد بخش کشاورزی در استان اصفهان، سازمان مدیریت و برنامه‌ریزی استان اصفهان. ص. ۵ و ۱۱. ويب سائيٽ: https://www.mpo-es.ir/dorsapax/Data/Sub_9/File/%DA%AF%D8%B2%D8%A7%D8%B1%D8%B4%20%D9%83%D8%B4%D8%A7%D9%88%D8%B1%D8%B2%D9%8A%20%D9%85%D9%86%D8%B7%D9%82%D9%87%20%DA%86%D9%87%D8%A7%D8%B128%D9%807%D9%8098.pdf
  5. Foundation, Encyclopaedia Iranica. "Welcome to Encyclopaedia Iranica". iranicaonline.org. حاصل ڪيل 2022-02-21. 
  6. "All UNESCO Sites in Isfahan". Isfahan Tourist Information. حاصل ڪيل 2022-01-14.