سيستان ۽ بلوچستان صوبو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيويگيشن ڏانھن ٽپ ڏيو ڳولا ڏانھن هلو
سيستان ۽ بلوڇستان
استان سیستان و بلوچستان
صوبو
Sib and Suran Castle
ايران اندر سيستان ۽ بلوچستان جي بيھڪ
سيستان ۽ بلوچستان صوبو ۽ ان جا شھرستان
ايران جي نقشي ۾ سيستان ۽ بلوچستان جي بيھڪ گاڙھي رنگ ۾
ايران جي نقشي ۾ سيستان ۽ بلوچستان جي بيھڪ گاڙھي رنگ ۾
جاگرافي بيهڪ: 29°29′33″N 60°52′01″E / 29.4924°N 60.8669°E / 29.4924; 60.8669مڪانيت: 29°29′33″N 60°52′01″E / 29.4924°N 60.8669°E / 29.4924; 60.8669
ملڪ ايران
گاديءَ جو ھنڌ زاھدان
شھرستان جو تعداد 19
حڪومت
 • گورنر جنرل حسين مدرس خياباني
پکيڙ
 • ڪل ١٨٠٬٧٢٦ ڪ.م٢ (٦٩٬٧٧٩ ميل٢)
آبادي (2016)[1]
 • ڪل ٢٬٧٧٥٬٠١٤

سيستان ۽ بلوچستان (انگريزي: Sistan and Baluchistan; فارسي: استان سيستان و بلوچستان) ايران جو پکيڙ جي لحاظ کان ٻيو نمبر وڏو صوبو آھي. ايران جي ڏکڻ اوڀر ۾ موجود ھن صوبي جون سرحدون پاڪستان ۽ افغانستان سان ملن ٿيون[3]. ھن صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ زاھدان آھي[4] ۽ ھن جي ڪل پکيڙ 181،785 چورس ڪلوميٽر آھي[5]. ھن صوبي جي پکيڙ سڄي ايران جي پکيڙ جو 11 سيڪڙو آھي. ھن صوبي جي 1100 ڪلوميٽر سرحد پاڪستان ۽ افغانستان سان ملي ٿي. ھي پاڪستان جو واحد صوبو آھي جنھن جي سرحد پاڪستان سان ملي ٿي. ھن صوبي جي 300 ڪلوميٽر سرحد عماني سمنڊ سان ملي ٿي[6].

اصل ۾ سيستان ۽ بلوچستان ايرن جا ٻہ جدا صوبا ھئا پر 1979ع ۾ ٻنھي صوبن کي ملائي ھڪ صوبو بنايو ويو[7]. ھلمند ندي ھن صوبي جي وڏي ۾ وڏي ندي آھي جنھن جو پاڻي زراعت ۽ پيئڻ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن صوبي ۾ 2,775,014 ماڻھو رھن ٿا جن ۾ بلوچ، پارسي سيستاني، ڪرد ۽ ٻيا شامل آھن. ھن صوبي جي موسم خشڪ گرم ۽ ريگستاني آھي. زاھدان، زابل ۽ ايرانشھر ھن صوبي جا وڏا شھر آھن.

نالو[سنواريو]

لفظ سيستان اصل ۾ ”سجستان“ يا ”سڪستان“ مان ورتل آھي جنھن جي معنيٰ آھي ”سڪا قوم جي ماڻھن جو ديس“. سڪا قوم جي ماڻھن ھن علائقي ۾ 2500 ق.م ڌاري ھلمند نديءَ جي ڪناري تي اچي پنھنجون وسنديون قائم ڪيون ھيون. انھن ڏينھن ۾ ھن علائقي کي ”زرنج“ يا ”زرنگ“ سڏيو ويندو ھو. سڪا قوم جي اچڻ کان پوءِ اھو نالو بدلجي ”سڪستان“ ٿي ويو[8]. پراڻي زماني ۾ ھلمند نديءَ جي ڪناري نصرآباد (يا نصر شھر) ۽ حسين آباد نالي ٻہ وسنديون ھڪٻئي کان ٿوري مفاصلي تي موجود ھيون. وقت سان گڏوگڏ ھنن وستين جي آبادي ۽ پکيڙ ۾ واڌارو آيو ۽ ٻئي وستيون ھڪ شھر بنجي ويون. ھن نئين شھر جو نالو زابل رکيو ويو جيڪو ھن وقت سيستان ۽ بلوچستان صوبي جو ٻيو نمبر وڏو شھر آھي[9].

بلوچستان کي پراڻي زماني ۾ مڪہ سڏيو ويندو ھو. اھو نالو اڳتي ھلي ”مڪران“ بنجي ويو. ھي خطو ھخامنشي سلطنت جو چوڏھون صوبو ھو. غالب امڪان آھي تہ نادر شاھ افشار جي بادشاھت واري دور ۾ ھن علائقي تي بلوچستان نالو پيو. فردوسيءَ جي مشھور ڪتاب شاھنامہ ۾ بہ مڪران جو ذڪر موجود آھي[10].

تاريخ[سنواريو]

ھن صوبي جي تاريخ سمجھڻ لاءِ سيسان توڙي بلوچستان جي تاريخ جو اڀياس ڪرڻو پوندو. سيستان ۽ بلوچستان اصل ايران جا ٻہ جدا صوبا ھئا جن کي ايراني حڪومت پاڻ ۾ ملائي ھڪ صوبي جو درجو ڏنو آھي.

ايران ۾ اسلامي حڪومت قائم ٿيڻ کان اڳ وارا اڪثر يادگار کنڊر بنجي ويا آھن انڪري ھتان جي پراڻي تاريخ بابت پڪ سان ڪجه چوڻ مشڪل آھي. سيستان جي سراوان شھر ۾ ھڪ پٿريلي پھاڙي موجود آھي جنھن کي مقامي ماڻھو مھرگان جبل سڏين ٿا. روايتون آھن تہ انھيءَ پھاڙيءَ جي چوٽيءَ تي ماڻھو ڪجه خاص ڏھاڙن تي باھ جا ڀنڀٽ ٻاريندا ھئا ۽ پنھنجون مذھبي رسمون ادا ڪندا ھئا. فردوسيءَ جي شاھنامہ جي ھيرو رستم جو جنم سيستان ۾ ٿيو. جڏھن اردشير بابڪان ھن علائقي تي قبضو ڪيو تہ سيستان ساساني سلطنت جو حصو بنجي ويو. ساساني سلطنت جي خاتمي کان پوءِ ھتي عربن جي حڪومت قام ٿي. اسلام اچڻ کان پوءِ يعقوب ليث صفاري ھتان جو پھريون مشھور ايراني حاڪم بنيو. ھن فارسيءَ کي ملڪ جي سرڪاري ٻوليءَ جو درجو ڏنو. ان کان پوءِ صفاري، ساماني، غزنوي ۽ سلجوقي گھراڻي جي بادشاھن ھن علائقي جون واڳون سنڀاليون. سيستان جي سرزمين تي جيڪي ڏسڻ جھڙا ماڳ موجود آھن تن ۾ خواجہ جبل خاص ذڪر جي لائق آھي. ھن جبل جي چوٽيءَ تي خواجہ علي مھديءَ جي مزار آھي، انھيءَ ڪري ھن جبل کي خواجہ جبل ڪوٺيو وڃي ٿو. ھي سيستان جو اوچي ۾ اوچو جبل آھي. زرتشت مذھب وارن جو عقيدو آھي تہ سندن پيغمبر جو ظھور ھن جبل تان ٿيو. ھن جبل تي اشڪاني، ساساني ۽ اسلامي حڪومتن جا اھڃاڻ اڄ بہ موجود آھن.

مڪران جي سرزمين کي يونانين ”گدروزيا“ سڏيو آھي. پراڻي زماني ۾ مڪران جي سرزمين تي ڪافي ڌٻڻون ھيون. سنسڪرت ٻوليءَ ۾ ”ايرينا“ يا ”اراينا“ لفظ جي معنيٰ آھي ”ڌٻڻ“. انھيءَ ڪري شايد ”مڪران“ ٻن لفظن ”مڪہ“ ۽ ”ايرينا“ جو مرڪب آھي. مڪران حضرت عمر فاروق رضيہ واري دور ۾ اسلامي حڪومت جو حصو بنيو ۽ ھڪ عرب حڪمران مڪران جون واڳون سنڀاليون. ھتان جي عوام عربن جي حڪمرانيءَ کي مڃڻ کان انڪار ڪيو ۽ حڪومت خلاف ھٿياربند جدوجھد جو آغاز ڪيو جنھن ڪري عرب حڪمران کي ھن علائقي تان دستبردار ٿيڻو پيو. سلجوقي دور ۾ مڪران ايران جو حصو رھيو پر مرڪزي حڪومت جو ھن علائقي ۾ فقط نالي ماتر ڪنٽرول ھو.

1 آڪٽوبر 1877ع تي انگريز جرنل ريگنالڊ ايڊورڊ ھيري ڊائر (Reginald Edward Harry Dyer) ھن علائقي تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنھنجون فوجون وٺي آيو. ھي اھو زمانو ھو جڏھن ايسٽ انڊيا ڪمپني موجودھ پاڪستاني ۽ ڀارت جي لڳڀڳ سمورن علائقن تي پنھنجو تسلط قائم ڪري ورتو ھو، ايتريقدر جو پاڪستاني بلوچستان وارا علا.قا بہ ھنن فتح ڪري ورتا ھئا. انگريزن ھن علائقي تي قبضو ڪري چابھار بندر کي پنھنجي ھٿ ھيٺ آڻڻ ٿي چاھيو. ھتان جي بھادر بلوچن انگريزن سان مھاڌو اٽڪائي کين پنھنجي ملڪ جي سرحدن کان پري ڀڄائي ڪڍيو. جن بلوچ اڳواڻن انگريزن سان جنگ جوٽي تن ۾ سردار جمع خان، اسماعيل زھي، سردار خليل خان گمشادزھي ۽ سردار جنيد خان يار احمد زھي خاص ذڪر جي لائق آھن. جيتوڻيڪ جنگ ۾ ڪيترن ئي بلوچي ويڙھاڪن شھادت جو جام پيتو پر ھنن دشمنن کي پنھنجي علائقي ۾ اچڻ نہ ڏنو[11].

جڏھن رضا شاھ پھلوي ايران جو بادشاھ بنيو تہ ھن پنھنجي ڪمانڊر امان اللّٰہ جھان باني جي ھٿ ھيٺ ھن علائقي ۾ فوج موڪلي تہ جيئن علائقي تي حڪومتي رٽ قائم ڪري سگھجي. نتيجي طور ھن علائقي تان بلوچن جي قبائلي سردارن جو اثر گھثجي ويو ۽ بلوچستان مرڪزي ۡحڪومت جي ڪنٽرول ۾ اچي ويو[12]. 2013ع ۾ زبول مان چونڊيل قومي اسميبليءَ جي ميمبر حليمہ علي پارليامينٽ ۾ تقرير ڪندي ٻڌايو تہ پاڻيءَ جي کوٽ سبب وڏي پيماني تي ماڻھو سيستان ۽ بلوچستان صوبي مان لڏپلاڻ ڪري رھيا آھن. ھن گھر ڪئي تہ ھلمند نديءَ ۾ پاڻي ڇوڙيو وڃي تہ جيئن ماڻھو زراعت، چوپائي مال ۽ پنھنجي پيئڻ لاءِ پاڻي حاصل ڪري سگھن[13].

ھي صوبي جو عوام اڄ بہ غربت ۽ بدامنيءَ جھڙن مسئلن ۾ گھيريل آھي. صوبي جي اڪثر علائقن ۾ گئس جي سھولت موجود ناھي. پاڻيءَ جي کوٽ سبب صوبي ۾ زراعت کي ڪاپاري نقصان پھتو آھي ۽ اونھاري ۾ خوفناڪ مٽيءَ جا طوفان اٿن ٿا جنھن ڪري فضائي آلودگي وڌي وئي آھي.

ماڻھو، سندن نسل ۽ مذھب[سنواريو]

ھن صوبي جي سيستان واري علائقي ۾ اڪثر ماڻھو شيعا آھن ۽ سيساني لھجي ۾ فارسي ٻولي ڳالھائين ٿا جڌھن تہ بلوچستان جا ماڻھو بلوچي ٻولي ڳالھائين ٿا ۽ انھن مان اڪثر سني مسلمان آھن. زابول، ھلمند، ھامون، نمروز ۽ زھڪ سيستان جو حصو آھن. سيستان جو ھڪ وڏو علائقو افغانستان جو حصو آھي. بلوچستان جي اھم شھرن ۾ زاھدان، خش، ميرجاوھ ۽ چابھار بندر شامل آھن. بلوچستان جو ھڪ وڏو حصو پاڪستان ۾ شامل آھي.

سيستان ۽ بلوچستان جا ڏھ وڏا شھر[سنواريو]

درجو نالو آبادي (2016ع)
1 زاھدان 587,730
2 زابل 134,950
3 ايرانشھر 113,750
4 چابھار 106,739
5 سراوان 60,014
6 خاش 56,584
7 ڪنارڪ 43,258
8 جالق 18,098
9 نيڪشھر 17,732
10 پشين 16,011

حوالا[سنواريو]

  1. "Archived copy" (PDF). وقت 15 March 2017 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 19 March 2017.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "Sub-national HDI - Area Database - Global Data Lab". hdi.globaldatalab.org. حاصل ڪيل 2018-09-13. 
  3. "معرفی استان سیستان و بلوچستان". hprc.zaums.ac.ir. حاصل ڪيل 2022-02-04. 
  4. "آشنایی با استان سیستان و بلوچستان". همشهری آنلاین (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-02-04. 
  5. آرامش, دکتر حامد; تباوار, علی اصغر; یعقوبی, نورمحمد; درخشان, عبدالناصر (2020-05-21). "تاثیر بازاریابی سبز بر گردشگری سلامت در استان سیستان و بلوچستان". Journal of Business Management Perspective 19 (41): 0–0. doi:10.52547/jbmp.19.41.137. ISSN 2251-6069. http://dx.doi.org/10.52547/jbmp.19.41.137. 
  6. "معرفی استان سیستان و بلوچستان". hprc.zaums.ac.ir. حاصل ڪيل 2022-02-08. 
  7. "Sistan and Baluchistan | Encyclopedia.com". www.encyclopedia.com. حاصل ڪيل 2022-02-04. 
  8. بلوچستان, استانداری سیستان و. "معرفی شهرستان زابل". استانداری سیستان و بلوچستان (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-02-04. 
  9. بلوچستان, استانداری سیستان و. "معرفی شهرستان زابل". استانداری سیستان و بلوچستان (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-02-04. 
  10. شاهنامه حکیم ابوالقاسم فردوسی / حکیم ابوالقاسم فردوسی ؛ بخط سمیع شیرازی.. University of Arizona Libraries. 1951. http://dx.doi.org/10.2458/azu_acku_pk6458_fay44_1330. 
  11. مهاجمان سرحد-رویارویی نظامیان انگلیسی با سرداران بلوچ ایرانی نویسنده: ریجنالد ادوارد هری دایر مترجم: حمید احمدی- تهران انتشارات نشر نی – کتابخانه ملی ایران 1378.
  12. عملیات قشون در بلوچستان (بقلم امیر لشکر امان‌الله جهانبانی) - کتابخانه بنیاد دائرةالمعارف اسلامی». www.lib.ir. دریافت‌شده در ۲۰۲۱-۰۳-۳۱.
  13. "'مهاجرت مردم سیستان به دلیل خشک شدن هامون'". BBC News فارسی (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-02-04.