چوڙيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

چُوڙيو (انگريزي: Choorio) ننگرپارڪر تعلقي جو ھڪ ننڍڙو، خوبصورت ڳوٺ ۽ ھندن لاِءِ ھڪ پاڪ ۽ پوتر ماڳ آھي[1]. ھي ڳوٺ پاڪستان ۽ ھندستان جي سرحد ويجھو ننگرپارڪر شھر کان اٽڪل 31 ڪلوميٽر اوڀر اتر پاسي آباد آھي. ھن ڳوٺ ۾ پھچڻ لاءِ ننگرپارڪر شھر ۽ ويراواھ کان ڪچا رستا وڃن ٿا. ننگرپارڪر شھر مان جيپ ڀاڙي تي ڪري ھي ڳوٺ ۽ آسپاس جا علائقا گھمي سگھجن ٿا.

چون ٿا تہ ھندستان جي ورھاڱي کان اڳ ھتي شاندار قسمن جون چوڙيون ٺھنديون ھيون.دهليءَ کان وٺي سنڌ صوبي جي ڪنڊ ڪڙڇ مان چوڙيون وٺڻ لاءِ واپاري ھتي ايندا هئا. چوڙين جي واپار سبب ھن ڳوٺ تي چوڙيو نالو پئجي ويو.

ھن ڳوٺ جي ڀرسان ھڪ ٽڪري آھي جنھن کي چوڙيو جبل ڪوٺيو وڃي ٿو. انھيءَ جبل تي درگا ماتا جو مندر اڏيل آھي جنھن جي ديدار لاءِ ھزارين ھندو ھر سال ھن ڳوٺ ۾ اچن ٿا[2]. ھندو مئل ماڻھن جي خاڪ ھن ڳوٺ جي پوتر پاڻيءَ جي حوالي ڪندا آھن. ڳوٺ ۾ سورج واھ نالي ھڪ قديم کوھ آھي جتان ھتان جا ڳوٺاڻا پاڻ لاءِ ۽ پنھنجن جانورن لاءِ پاڻي ڀريندا ھئا. گھٽ برسات ۽ ڪڇ جي رڻ ويجھي ھئڻ سبب ھن کوھ جو پاڻي کارو ٿي ويو آھي ۽ پيئڻ جي لائق نہ رھيو آھي.

ھن ڳوٺ ۾ ڪولھي، ميگھواڙ، ٺڪر، چوھاڻ، ڪنڀار، کوسا ۽ ٻين ذاتين وارا ماڻھو رھن ٿا. چوڙيو جبل جي چوٽيءَ تي بيھي پاڪستان ھندستان جي سرحد جو نظارو ڪري سگھجي ٿو.

چوڙيو جبل ۽ آسپاس جي ٽڪرين مان انتھائي قيمتي گرينائيٽ پٿر ملي ٿو. ڪجهه ٺيڪيدار انھن ٽڪرين کي ڊائنامائيٽ سان اڏائي اھو پٿر حاصل ڪن ٿا جنھن ڪري اھي ٽڪريون نيست ۽ نابود ٿي رھيون آھن[3]. مقامي ماڻھن انھيءَ خلاف ڪئين ڀيرا احتجاج ڪيو آھي.

Gallery[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. "چُوڙيو2 : (Sindhianaسنڌيانا)". www.encyclopediasindhiana.org (ٻولي ۾ Sindhi). حاصل ڪيل 2021-12-25. 
  2. "Nagarparkar: the land of history and architectural marvels". Global Village Space. حاصل ڪيل 2021-12-25. 
  3. "Indus Asia Online Journal (iaoj)". Indus Asia Online Journal (iaoj). حاصل ڪيل 2021-12-25.