مواد ڏانھن هلو

سراوان، ايران

Saravan

سراوان
شھر
Saravan is located in Iran
Saravan
Saravan
Coordinates: 27°22′15″N 62°20′03″E / 27.37083°N 62.33417°E / 27.37083; 62.33417
ملڪ ايران
صوبوسيستان ۽ بلوچستان صوبو
شھرستانسراوان
ضلعومرڪزي
آبادي
 (2016 واري آدمشماري)
• ڪل60,114 [1]
• ڪثافتauto في چورس ڪلوميٽر
وقتي علائقوUTC+3:30 (IRST)
  اونهارو (ر.ب.و)UTC+4:30 (IRDT)

سراوان (انگريزي: Saravan) ايران جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان جو ھڪ شھر جيڪو سراوان شھرستان (County) جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 60،040 آھي ۽ ھي صوبي جو اباديءَ جي لحاظ کان پنجون وڏو شھر آھي. ھن شھر جو پراڻو نالو شستون ھو جيڪو رضا شاھ پھلويءَ جي ڏينھن ۾ بدلائي سراوان رکيو ويو. ايران ۾ سج سڀ کان پھريائين ھن ئي شھر ۾ اڀرندو آھي ان ڪري ھن شھر کي ايراني سج جي جنم ڀومي سڏيو وڃي ٿو. ھي شھر پاڪستاني سرحد جي ويجھو آباد آھي ۽ شھر جا اڪثر رھواسي بلوچ آھن جيڪي بلوچي ٻولي ڳالھائين ٿا.

سراوان ايران جو ھڪ پراڻو شھر آھي جنھن جي پنھنجي عظيم تاريخ ۽ ثقافت جا ڪجهه اھڃاڻ اڄ بہ موجود آھن. آثار قديمہ جي ماھرن جي راءِ مطابق ھي شھر پھرين صدي ق.م ۾ بہ آباد ھو. ھتان ست ھزار سال پراڻا ٺڪر جا ٿانو مليا آھن. انھن ٿانون جا نمونا ھن شھر جي عجائب گھر ۾ محفوظ ڪيا ويا آھن. پراڻي زماني ۾ ھن شھر جي آسپاس ڪجهه پراڻا ڳوٺ آباد ھئا جن جا نالا بخشان، شستون، کنا ڪلہ ۽ جو بلوچان ھئا. اھي سمورا ڳوٺ ھاڻي سراوان شھر جو حصو بنجي ويا آھن[2]. ھي شھر سامونڊي مٿاڇري کان 1165 ميٽر اوچائيءَ تي آباد آھي ۽ ايران جي گاديءَ واري شھر تھران کان 1609 ڪلوميٽر پري آباد آھي.

ھن شھر جي موسم اونھاري ۾ خشڪ ۽ گرم رھندي آھي جڏھن تہ سياري ۾ ھلڪي ٿڌ پوندي آھي. ھي شھر جابلو علائقي ۾ آباد آھي. اڇو جبل ۽ ڳاڙھو جبل ھن شھر جا اوچي ۾ اوچا جبل آھن، جڏھن تہ ڪارن جبلن جو سلسلو ھن علائقي جو ڊگھي ۾ دگھو جابلو سلسلو آھي. اھو جابلو سلسلو تفتان کان شروع ٿي پاڪستاني علائقي ناھوڪ تائين وڃي ٿو. ھن شھر وٽان ٽي نديون ماشڪيد، سيمش ۽ روتڪ گذرن ٿيون[3].

7 اپريل 2013ع تي ھتي رڪٽر اسڪيل تي 7.8 ميگنيٽيوڊ جو زلزلو آيو. جيتوڻيڪ ھي ھڪ وڏو زلزلو ھو پر ڪو خاص جاني يا مالي نقصان نہ ٿيو[4].

حوالا

[سنواريو]
  1. "Statistical Center of Iran > Home".
  2. "سراوان زادگاه خورشید ایران/ ده‌ها جاذبه طبیعی و تاریخی سراوان، .گردشگران را فرا می‌خواند+تصاویر و فیلم- اخبار استانها تسنیم". خبرگزاری تسنیم، Tasnim (فارسي ۾). 2022-02-05 تي حاصل ڪيل.
  3. بلوچستان, استانداری سیستان و. "شهرستان سراوان". استانداری سیستان و بلوچستان (فارسي ۾). 2022-02-05 تي حاصل ڪيل.
  4. "7.8-magnitude earthquake hits near Iran-Pakistan border". the Guardian (انگريزي ۾). 2013-04-16. 2022-02-05 تي حاصل ڪيل.