ٽوڪيو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
سلجھائپ صفحن جي لاءِ معاونت نظر ھيٺ مضمون the Japanese prefecture and its city تي آهي. ٻين استعمالن جي لاءِ ٽوڪيو (سلجھائپ) ڏسو.
ٽوڪيو
東京都
ميٽروپولس
ٽوڪيو شھر
ٽا ور؛ گهڙيال جي ڪانٽن واري رخ ۾: نشي شنجوڪو ۽ فيوجي جبل: ٽوڪيو ٽاور؛ نيشنل ڊائيٽ بلڊنگه؛ ٽوڪيو اسٽيشن؛ ٽوڪيو امپيريل پيليس؛ شبويا ڪراسنگ؛ ٽوڪيو اسڪاءِ ٽري؛ رينبو برج
ٽوڪيو
جھنڊو
ٽوڪيو
Seal
ترانو: "Tokyo Metropolitan Song"
(東京都歌, Tōkyō-to Ka)
جاپان ۾ بيھڪ
جاپان ۾ بيھڪ
Map
جاگرافي بيهڪ: 35°41′23″N 139°41′32″E / 35.68972°N 139.69222°E / 35.68972; 139.69222مڪانيت: 35°41′23″N 139°41′32″E / 35.68972°N 139.69222°E / 35.68972; 139.69222
ملڪ جاپان
علائقو ڪانتو
ٻيٽ ھونشو
گاديءَ جو ھنڌ ٽوڪيو[1]
ڊويزنون 23 اسپيشل وارڊ، 26 شھر ۽ 4 ننڍيون وسنديون
حڪومت
 • مجلس ٽوڪيو ميٽروپوليٽن حڪومت
 • گورنر Yuriko Koike (TF)
 • نمائندہ 42
 • ڪائونسلر 11
پکيڙ[2]
 • ڪل 2,194.07 ڪ.م2 (847.14 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو 45ھون نمبر
بلند ترین  پیمائش[3] 2,017 ميل (6,617 ft)
گھٽ ترین  پیمائش 0 ميل (0 ft)
آبادي (2021)[4]
 • ڪل 14,043,239

ٽوڪيو (انگريزي: Tokyo) جاپان جي گاديءَ جو ھنڌ ۽ دنيا جو وڏي ۾ وڏو شھر آھي[7]. ھونشو ٻيٽ (Honshu Island) تي آباد ھي شھر جاپان جي معيشيت ۽ سياست جو وڏو مرڪز آھي. جاپان جي بادشاھ جو محل ۽ مرڪزي حڪومت جون آفيسون ھن ئي شھر ۾ موجود آھن. 2021ع جي انگن اکرن موجب ھن شھر جي آبادي اٽڪل 14.04 ملين آھي[8].

تاريخ جا ورق ورائي ڏسبا تہ پتو پوندو تہ ٽوڪيو واري علائقي ۾ مھاڻن جو ھڪ ڳوٺ آباد ھو جتي ھو مڇيون پڪڙيندا ھئا. ڳوٺ جو نالو ايدو (ِEdo) ھو. 1603ع ۾ ان وقت جي فوجي حڪومت ھن ماڳ کي پنھنجي حڪومت جو مرڪز بنايو جنھن سبب ھتي جي آباديءَ ۾ واڌارو آيو ۽ ھن ڳوٺ شھر جو روپ اختيار ڪري ورتو. ارڙھين صديءَ جي وچ تائين ھي دنيا جو وڏي ۾ وڏو شھر بنجي ويو ۽ ھن جي آبادي ڏھن لکن تائين پھچي وئي. 1868ع ۾ ھن شھر کي جاپان جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو ويو ۽ شھر جو نالو ايدو مان بدلائي ٽوڪيو رکيو ويو. 1923ع ۾ ھڪ خطرناڪ زلزلو آيو جنھن ھن شھر کي تمام گھڻو نقصان پھچايو. ٻي عالگير جنگ ۾ آمريڪا ۽ ان جي اتحادي ملڪن جي بمباري بہ ھن شھر جي برباديءَ جو سبب بني. 1950ع واري ڏھاڪي ۾ ھن شھر جي ٻيھر آبادڪاريءَ جو ڪم شروع ٿيو ۽ ھن شھر جون رونقون موٽي آيون، جنھن سبب شھر جي آباديءَ ۽ پکيڙ ۾ خاطر خواھ واڌارو آيو. ھن وقت ٽوڪيو جو شمار دنيا جي اميرترين شھرن ۾ ٿئي ٿو. 2020ع ۾ ھن شھر کي دنيا جو چوٿون وڏو مالدار شھر قرار ڏنو ويو. ھن شھر ۾ دنيا جو سڀ کان اوچو ٽاور تعمير ڪيو ويو آھي جنھن کي ”ٽوڪيو اسڪاءِ ٽري (Tokyo Skytree) ڪوٺيو وڃي ٿو.

ھن شھر ۾ 1964ع ۽ 2020ع واريون اولمپڪ رانديون منعقد ٿيون. شھر ۾ تيز رفتار ريل گاڏين جو ھڪ وڏو نيٽ ورڪ قائم ٿيل آھي ۽ ھتان جي شنجوڪو (Shinjuku) ريلوي اسٽيشن دنيا جي سڀ کان مصروف ريلوي اسٽيشن آھي.

اوائلي تاريخ[سنواريو]

ٽوڪيو جو پراڻو نالو ايدو ھو. اصل ۾ ھي ھڪ ننڍو ڳوٺ ھو جتي مھاڻا مڇيون ماريندا ھئا. ٻارھين صديءَ جي آخر ڌاري ايدو قبيلي جي ماڻھن ھن ڳوٺ جي چوڌاري ھڪ ڪوٽ تعمير ڪرايو. 1457ع ۾ ھتان جي مذھبي اڳواڻ ۽ فوجي آفيسر اوتا دوڪان (Ōta Dōkan) ھتي ھڪ قلعو تعمير ڪرايو. 1603ع ۾ فوجي اڳواڻ تاڪوگاوا ليياسو (Tokugawa Ieyasu) ھتي پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. ھن فوجي حڪمران ۽ سندس پونئرن ھن شھي کي چڱي موڇاري ترقي ڏياري. 1853ع کان پوءِ ھتي آمريڪا جي مداخلت وڏي وئي ۽ ھي علائقو بدامنيءَ جي ور چڙھي ويو. ھتان جي ماڻھن حڪومت خلاف مظاھرا ڪرڻ شروع ڪيا. 1967ع ڌاري فوجي حڪومت جو خاتمو ٿي ويو[9].

1869 کان 1943ع وارو دور[سنواريو]

1869ع ۾ جاپان جي شھنشاھ ميجي ھن شھر ۾ اچي رھائش اختيار ڪئي ۽ شھر جو نالو ٽوڪيو رکڻ جو اعلان ڪيو. شھنشاھ جي رھائش سبب ھي شھر ملڪي سياست جو محور بنجي ويو ۽ ايئن ھي جاپان جي گاديءَ جو ھنڌ بنجي ويو. 1 مئي 1889ع تي ٽوڪيو کي سرڪاري طور تي شھر جو درجو ڏنو ويو. 30 ڊسمبر 1927ع تي ٽوڪيو ميٽرو گنزا لائين جو افتتاح ٿيو. ھيءَ جاپان ۽ اوڀر ايشيا جي پھرين سب وي لائين (Subbway Line) ھئي. ان کان پوءِ شھر ۾ ڪيتريون ئي ريل جون پٽڙيون وڇايون ويون. 1923ع ۾ ھتي ھڪ ھولناڪ زلزلو آيو جنھن ۾ 140،000 ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا ۽ ڪيتريون ئي عمارتون ڊھي پٽ ٿي ويون. ٻي عالمگير جنگ ۾ ھتي دشمن جي فوجن زبردست بمباري ڪئي جنھن سبب ڪافي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو.

1945ع کان ھاڻي تائين[سنواريو]

ٻي عالمگير جنگ کان پوِءِ ھي شھر آمريڪا جي غلاميءَ ھيٺ اچي ويو. ظاھر آھي تہ ڌارين جي قبضي دوران شھر جي ترقي ناممڪن ھئي. 1952ع ۾ جاپان آمريڪا جي تسلط مان آجو ٿيو. ان بعد شھر جي ٻيھر تعمير جو ڪم شروع ٿيو ۽ تمام ٿوري عرصي ۾ ئي ھي شھر دنيا جي جديد ۽ مالدار شھرن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. 1964ع ۾ ھتي اولپڪ رانديون منعقد ڪيون ويون. 1970ع ۽ 1980ع وارن ڏھاڪن ۾ ھتي ڪيتريون ئي آسمان سان ڳالھيون ڪندڙ بلند عمارتون تعمير ٿيون جن شھر جي خوبصورتيءَ کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. 1978ع ۾ ھتي جڳ مشھور عمارت سن شائين (Sunshine 60) جڙي راس ٿي. ساڳئي ئي دور ۾ نريتا بين الاقوامي ھوائي اڏي جو افتتاح ٿيو ۽ شھر جي آبادي 11 ملين کان وڌي وئي. آباديءَ ۾ آيل واڌ سبب ھتان جي ميٽرو ۽ ريل جو نيٽ ورڪ دنيا جو مصروف ترين نيٽ ورڪ بنجي ويو. 1990ع وارو ڏھاڪو معاشي بدحاليءَ جو شڪار رھيو البت انھيءَ ڏھاڪي گذرڻ کان پوءِ معيشيت ھڪ دفعو ٻيھر بھتر ٿيڻ لڳي ۽ ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جو اھو سفر اڃا تائين جاري آھي. 2020ع ۾ ھن شھر ۾ ٻيو ڀيرو اولمپڪ رانديون منعقس ٿيون. آھڙيءَ طرح ھي ايشيا جو پھريون شھر آھي جتي ٻہ ڀيرا اولمپڪ رانديون منعقد ٿيون آھن. ياد رھي تہ 2020ع ۾ ڪرونا وائرس جي وبا پکڙجڻ سبب 2020ع واريون اولمپڪ رانديون 2021ع ۾ منعقد ٿيون.

جاگرافي ۽ انتظامي جوڙجڪ[سنواريو]

ٽوڪيو شھر جو وڏو حصو ٽوڪيو خليج جي اتر اولھ ۾ آباد آھي. شھر ۽ ان جي پسگردائيءَ ۾ موجود علائقن کي انتظامي طور تي اسپيشل وارڊن ۾ ورھايو ويو آھي. ان کان علاوھ شھر جو اولاھون علائقو جنھن کي تاما ڪوٺيو وڃي ٿو پڻ ٽوڪيو جي انتظامي حدن ۾ شامل آھي. پئسيفڪ سمنڊ ۾ موجود ازو ٻيٽ (Izu Islands) ۽ اوگاساوارا ٻيٽ (Ogasawara Islands) بہ ٽوڪيو جي حدن ۾ شامل آھن. ٽوڪيو جي ڪل آبادي اصل ۾ انھن سمورن علائقن جي گڏيل آبادي آھي. ھي شھر انتظامي طور تي 23 اسپيشل وارڊن، 26 شھرن ۽ اٺن ڳوٺن جو مجموعو آھي. ٽوڪيو جي ميٽروپوليٽن سرڪار انھن سڀني علائقن جو انتظام سنڀالي ٿي. ميٽروپوليٽن جو انتظامي سربراھ ٽوڪيو جو گورنر آھي جنھن کي عوام ووٽ ڏئي چونڊيندو آھي. ٽوڪيو جي ھر اسپيشل وارڊ جو انتظام ميئر ساڀاليندو آھي.

ٽوڪيو زمين جي ھڪ اھڙي ٽڪري تي آباد آھي جتان جي ڌرتي ھميشہ ڌٻندي رھندي آھي. ھر سال سون جي تعداد ۾ ننڍا ننڍا زلزلا ايندا رھن ٿا. البت ھنن ننڍن زلزلن سان ڪو خاص جاني يا مالي نقصان نہ ٿيندو آھي. ٽوڪيو جي ھر عمارت ٺاھڻ وقت اھو خيال رکيو ويندو آھي تہ منجھس زلزلي جا لوڏا سھڻ جي طاقت ھجي. ھتي 1703ع، 1782ع، 1812ع، 1855ع، 1923ع ۽ 2011ع ۾ خوفناڪ زلزلا آيا. خاص طور تي 1923ع وارو زلزلو تمام گھڻو خطرناڪ ھو جنھن ۾ 140،000 ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا.

فيوجي جبل ھن شھر جي ڏکڻ اولھ ۾ اٽڪل 100 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي موجود آھي. ھي ھڪ ٻرندڙ جبل آھي پر ھن مان ٽوڪيو شھر کي ڪو وڏو خطرو لاحق ناھي. ھي جبل آخري ڀيرو 1707ع ۾ ڦاٽو ھو جنھن سبب ٽوڪيو شھر ھن جبل مان نڪرندڙ رک ۾ ڀرجي ويو ھو.

ٽوڪيو جي آبھوا گھميل ۽ ڪنھن حد تائين گرم رھي ٿي. اونھاري جي موسم عام طور تي گرم ۽ گھميل رھي ٿي جڏھن تہ سياري ۾ ھلڪي ٿڌ پوي ٿي. عام طور تي آگسٽ جو مھينو ھتان جو گرم ترين مھينو ھوندو آھي جنھن ۾ سراسري گرميءَ جو درجو 26.40C رھي ٿو. جنوري عام طور تي ٿڌي ۾ ٿڌو مھينو ھوندو آھي جنھن ۾ سراسري گرميءَ جو درجو 5.20C ٿي سگھي ٿو. ھن شھر ۾ گھٽ ۾ گهٽ گرميءَ جو درجو 9.20C- ھو جيڪو 13 جنوري 1876ع تي رڪارڊ ڪيو ويو ھو. ھن شھر جي تاريخ جو وڌ ۾ وڌ گرميءَ جو درجو 39.50C ھو جيڪو 20 جولاءِ 2004ع تي رڪارڊ ڪيو ويو. ھتي سال ۾ سراسري طور تي 1530 ملي ميٽر مينھن وسي ٿو. مينھن گھڻو ڪري اونھاري ۾ وسندو آھي ۽ سيارو گھڻو ڪري خشڪ رھندو آھي. ٽوڪيو ۾ ننڍا ۽ وڏا سامونڊي طوفان بہ ايندا رھندا آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. . Tokyo Metropolitan Government https://web.archive.org/web/20140419085331/http://www.chijihon.metro.tokyo.jp/sonota/syozaiti.htm. وقت April 19, 2014 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل April 12, 2014.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد); Missing or empty |title= (مدد) Shinjuku is the location of the Tokyo Metropolitan Government Office. But Tokyo is not a "municipality". Therefore, for the sake of convenience, the notation of prefectural is "Tokyo".
  2. "Reiwa 1 nationwide prefectures, cities and towns area statistics (October 1)" (ٻولي ۾ Japanese). Geospatial Information Authority of Japan. حاصل ڪيل April 28, 2020. 
  3. "Mountains of Tokyo Metropolis" (ٻولي ۾ Japanese). Geospatial Information Authority of Japan. حاصل ڪيل April 28, 2020. 
  4. "Tokyo Metropolis' Population overview – Reiwa 3 January 1" (ٻولي ۾ Japanese). Tokyo Metropolitan Government. حاصل ڪيل August 30, 2021. 
  5. "The World's Cities in 2018" (PDF). United Nations. حاصل ڪيل May 5, 2020. 
  6. "Population economics statistics (Tokyo inner production etc.)" (ٻولي ۾ Japanese). Tokyo Metropolitan Government. حاصل ڪيل April 28, 2020. 
  7. "衆議院議員逢坂誠二君提出日本の首都に関する質問に対する答弁書". www.shugiin.go.jp. حاصل ڪيل 2022-02-02. 
  8. "東京都の人口(推計)-令和3年8月1日現在|東京都". www.metro.tokyo.lg.jp. حاصل ڪيل 2022-02-02. 
  9. "Edo, the city that became Tokyo: an illustrated history". Choice Reviews Online 41 (05): 41–2621-41-2621. 2004-01-01. doi:10.5860/choice.41-2621. ISSN 0009-4978. http://dx.doi.org/10.5860/choice.41-2621.