جيسلمير
جيسلمير | |
---|---|
شھر | |
Jaisalmer | |
جيسلمير قلعي تان شھر جو نظارو | |
عرفيت: سونھري شھر | |
راجستان رياست ۾ بيھڪ | |
جاگرافي بيهڪ: 26°54′47″N 70°54′54″E / 26.913°N 70.915°E | |
ملڪ | ھندستان |
رياست | راجستان |
ضلعو | جيسلمير |
قيام | راول جيسل |
پکيڙ[1] | |
• شھري | 62.38 ڪ.م2 (24.09 ميل2) |
بلندي | 225 ميل (738 ft) |
آبادي (2011) | |
• شھر | 65,471 |
يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو | |
سرڪاري نالو | جيسلمير قلعو |
حصو آهي | راجستان جا جابلو قلعا |
يونيسڪو عالمي ثقافتي ورثو | ثقافتي: (ii)(iii) |
حوالو | 247rev-006 |
داخلا | 2013 (37th سيشن) |
ايراضي | 8 ha (0.031 sq mi) |
بفر زون | 89 ha (0.34 sq mi) |
جيسلمير (انگريزي: Jaisalmer, راجستاني: जैसलमेर، ٻُڌو) يا جئسلمير ھندستان جي صوبي راجستان جو ھڪ شھر آھي جيڪو جئپور کان 575 ڪلوميٽر (357 ميل) اولھ ۾ آباد آھي. جوڌپور ھتان کان 215 ڪلوميٽر (135 ميل) پري ڏکڻ اوڀر ۾ آباد آھي.
ھي شھر ھندستان جي ورھاڱي کان اڳ جيسلمير رياست جي گاديءَ جو ھنڌ ھو. ھن شھر جون اڪثر عمارتون پيلي ناسي پٿر مان ٺاھيون ويون آھن ۽ سج جي روشنيءَ ۾ سون وانگر چمڪنديون نظر اينديون آھن، انڪري ھن شھر کي ڀارت جو سونھري شھر سڏيو وڃي ٿو. ھتان جو جيسلمير قلعو ھن شھر جي سونھن آھي جنھن کي 2013ع ۾ يونيسڪو جي ثقافتي ورثي واري ماڳ طور رجسٽر ڪيو ويو. ھن قلعي اندر شاھي محل، جين ڌرم جا خوبصورت مندر، ھوٽلون ۽ ڪيترائي گھر ٺھيل آھن. قلعي اندر گيان ڀنڊار (علم جو خزانو) نالي ھڪ وڏي لائبرري بہ موجود آھي جنھن ۾ سنسڪرت ۽ پراڪرت ٻولين ۾ لکيل ڪيترائي قديم ۽ ضخيم ڪتاب موجود آھن. ھتان جي گڏيسر ڍنڍ شھر جي قدرتي حسن کي چارچنڊ لڳائي ٿي. ھي شھر ھندستان جي ٿر ريگستان ۾ آباد آھي ۽ ھن جي آبادي اٽڪل 78000 آھي. ھي جيسلمير ضلعي جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ آھي.
نالي جو بنياد ۽ تاريخ
[سنواريو]ھن شھر جو بنياد راول جيسل 1156ع ۾ وڌو[2]. جيسلمير معنيٰ جيسل جو جابلو قلعو. جيسل راول ھندستان جي تاريخي راجپوتانا واري علائقي جو ھڪ راجا ھو. ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ جيسلمير ھندستان جي ھڪ سکي ستابي ۽ سياسي طور تي سگھاري رياست ھئي. پراڻي زماني ۾ جيسلمير رياست جو گھڻو حصو سنڌ ۾ بہ شامل رھيو[3]. چوڏھين صديءَ جي شروع ۾ خلجي گھراڻي جي بادشاھ علاوالدين خلجي ھن رياست تي قبضو ڪيو. چون ٿا تہ علاوالدين خلجيءَ جي فوجن لڳاتار 8 سال جيسلمير قلعي جو گھيرو جاري رکيو. اٺن سالن کان پوءِ جڏھن قلعي اندر کاڌ خوراڪ جا ذخيرا ختم ٿيڻ لڳا ۽ ھتان جي رھواسين کي شڪست جي پڪ ٿي وئي تہ ھتان جي 24000 عورتن قابض فوجين کان پنھنجي عصمت بچائڻ لاءِ جوھر جي رسم ادا ڪئي يعني دشمن جي پھچڻ کان اڳ پاڻ کي ماري ڇڏيو. ھن قبضي وقت ھتان جي 38000 مردن بہ دشمن سان وڙھندي پنھنجي جان جي قرباني ڏني. انھيءَ قبضي بعد ھيءَ رياست پنھنجو اڳوڻو اوج وڃائي ويٺي[4]. چوڏھين صديءَ جي آخري سالن ۾ فيروز شاھ تغلق ھن شھر کي نيست ۽ نابود ڪيو. انھيءَ حملي ۾ 1700 جنگجو نوجوانن پنھنجي حياتيءَ جو نذرانو پيش ڪيو ۽ 16000 عورتن جوھر جي رسم ادا ڪئي. پندرھين صديءَ ۾ ھتان جي ڀٽي راجپوت راجائن ٻيھر ھن علائقي جون واڳون سنڀالي ورتيون ۽ ڪنھن حد تائين آزاديءَ سان راڄ ڪرڻ لڳا. سورھين صدي عيسويءَ ۾ ھتي افغانستان جي سردار امير عليءَ دوکي سان ھن شھر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ھن ھتان جي راجا کي عرض ڪيو تہ سندس زالون جيسلمير جي راڻين کي ڏسڻ ٿيون چاھين. ھن کي قافلي سان گڏ قلعي اندر اچڻ ڏنو ويو. اصل ۾ ھو شھر تي قبضو ڪرڻ لاءِ پنھنجا ھٿياربند ماڻھو وٺي آيو ھو جن کي ھن دوکي ڏيڻ لاءِ عورتون ظاھر ڪيو. اوچتي حملي سبب ھتان جا ڪافي ماڻھو موت جو شڪار ٿي ويا ۽ عورتن پنھنجي پاڻ کي مارڻ شروع ڪيو، پر آخرڪار حملو ڪندڙن کي شڪست آئي ۽ امير علي قتل ٿي ويو. افسوس جو انھيءَ افراتفريءَ دوران شھر جون اٽڪل اڌ عورتون پنھنجي عصمت بچائڻ لاءِ پنھنجون حياتيون وڃائي چڪيون ھيون.
1818ع ۾ ھتان جي راجائن انگريزن سان معاھدو ڪيو جنھن تحت انگريزن جي حڪمرانيءَ کي تسليم ڪيو ويو پر ھتان جي راجائن جي حڪمراني بہ برقرار رھڻ ڏني وئي. انگريزن جي دور ۾ جيسلمير کي رياست جو درجو حاصل رھيو ۽ جيسلمير شھر انھيءَ جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو. انھن ئي ڏينھن ۾ بمبئي (ھاڻي ممبئي) واپار جو مرڪز بنجي ويو جنھن سبب جيسلمير ۾ واپاري سرگرميون گھڻي حد تائين گھٽجي ويون. انھيءَ ئي دور ۾ ھتي ڏڪار واري حالت پيدا ٿي پئي ۽ ھي شھر پنھنجو اوج گھڻي حد تائين وڃائي ويٺو. 1949ع ۾ جيسلمير رياست کي راجستان جو حصو بنايو ويو.
جاگرافي ۽ آبھوا
[سنواريو]جيسلمير جيئن تہ ٿر جي ريسگتاني علائقي ۾ آباد آھي انڪري ھتان جي اونھاري ۽ سياري جي گرميءَ جي درجن ۾ گھڻي ڦيرڦار ٿئي ٿي. اونھاري ۾ ھتان جو وڌ ۾ وڌ گرميءَ جو درجو 490C (1200F) تائين پھچي سگھي ٿو جڏھن تہ اونھاري ۾ گھٽ ۾ گھٽ گرميءَ جو درجو 250C (770F) ٿي سگھيٿو. سياري ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي جو درجو 23.60C (74.50F) ۽ گھٽ ۾ گھٽ گرميءَ جو درجو 50C (310F) ٿي سگھي ٿو. ھتان جي تاريخ جو وڌ ۾ وڌ گرميءَ جو درجو 500C (1220F) ۽ گھٽ ۾ گھٽ گرميءَ جو درجو 5.90C (21.40F)- رڪارڊ ڪيو ويو آھي[5]. سال ۾ سراسري طور تي 209.5 ملي ميٽر (8.25 انچ) مينھن وسي ٿو.
معاشيات ۽ ثقافت
[سنواريو]ھن شھر جي سڀ کان وڏي صنعت سياحت آھي. ھتان جو قلعو ۽ ٻيون تاريخي جايون ڏسڻ لاءِ سڄي دنيا مان سياح ھن شھر جو رخ ڪن ٿا. ھي شھر پنھنجي روايتي موسيقي، راڳ ۽ ناچ ۽ مخصوص لباس جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. ھتان جي لوڪ موسيقي ٻڌندڙ جي من کي موھي وجھندي آھي ۽ ماڻھو ازخود جھومڻ ۽ جھمريون پائڻ تي مجبور ٿي پوندو آھي. سياحن کي اٺن جي سواريءَ جو مزو وٺڻ جو بہ موقعو ملندو آھي ۽ ٿر جي واريءَ ۾ ڊوڙون پائڻ جو تجربو بہ حاصل ڪري سگھجي ٿو. ھتان جا اٺ جي کل مان ٺھيل ٿيلھا بہ ڪافي مشھور آھن.
ھن شھر ۾ ھر سال فيبروريءَ جي مھيني ۾ ريگستاني ميلو (Desert Festival) ملھايو ويندو آھي. ھن ميلي ۾ اٺن جي ڊوڙ جو مقابلو، پٽڪي ٻڌڻ جو مقابلو، مسٽر ريگستان جو مقابلو ۽ ٻيا مقابلا ۽ ڪرتب منعقد ٿين ٿا. ھتان جي روايتي موسيقي، راڳ ۽ ناچ جو بہ خاص اھتمام ڪيو ويندو آھي. ھتان جو باھ تي ٿيندڙ ناچ ڏسندڙن کي ڏندين آڱريون ڏئي ڇڏيندو آھي.
ڀارت سرڪار جيسلمير ضلعي ۾ تيل جي ڳولا جو ڪم 56-1955ع ۾ شروع ڪيو[6]. 1988ع ۾ ھتان گئس جا ذخيرا ھٿ آيا آھن[7].
آمدورفت
[سنواريو]ھن شھر کان بسن وسيلي گجرات رياست جي اڪثر شھرن ڏانھن سفر جون سھولتون موجود آھن. جيسلمير ھوائي اڏو شھر جي ڏکڻ اوڀر ۾ شھر جي مرڪز کان اٽڪل 17 ڪلوميٽر پري آھي. ھن ھوائي اڏي تان ھوائي جھاز رستي دھلي، ممبئي، احمدآباد ۽ ٻين ڀارتي شھرن طرف سفر ڪري سگھجي ٿو. جيسلمير ريلوي اسٽيشن تان روزانو ريل گاڏيون جوڌپور کان ٿينديون ملڪ جي مختلف شھرن تائين مسافرن کي پھڍائين ٿيون. ھتان سياحن لاءِ ھڪ خاص ريل گاڏي پڻ ھلائي وڃي ٿي جيڪا جيسلمير سميت راجستان رياست جي سياحت سان واسطو رکندڙ مختلف ماڳن ڏانھن مسافرن کي کڻي وڃي ٿي.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "District Census Handbook - Jaisalmer" (PDF). censusindia.gov.in. حاصل ڪيل 11 February 2021.
See page 24 'Jaisalmer (M) - 62.38', the '38,401' figure is for the 'Jaisalmer - District Total'
- ↑ Rajasthan (India) (1962) (en ۾). Rajasthan [district Gazetteers.: Jaisalmer]. Printed at Government Central Press. https://books.google.co.in/books?id=pORhAAAAIAAJ&pg=PA1&redir_esc=y.
- ↑ Dr M Riyasat Husain 'Caste and clan in Northern and Central Punjab and some patterns of shift: An analysis' in Journal of South Asian Study Vol 2, No 8, 1992, Lahore, pp. 21–46
- ↑ "Jaisalmer, India, Britannica". www.britannica.com. حاصل ڪيل 2022-04-01.
- ↑ "JAISALMER". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-04-01.
- ↑ "2nd Five Year Plan". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-04-01.
- ↑ "Oil India Limited :: Our Company :: Corporate Spread". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-04-01.