سائرس اعظم
| سائرس اعظم 𐎤𐎢𐎽𐎢𐏁 | |
|---|---|
| فارس جو شھنشاھ | |
سائرس اعظم جو مجسمو | |
| اخميني سلطنت جو شھنشاھ | |
| 530 - 559 ق.م | |
| پيشرو | ڪمبوجيه پھريون |
| جانشين | ڪمبوجيه ٻيون (Cambyses II) |
| گھر واري | ڪسندانا (Cassandane) |
| نسل | {{plainlist|
|
| گهراڻو | تيئسپد (Teispid) |
| پيءُ | ڪمبوجس پھريون (Cambyses I) |
| ماءُ | ماندانا (Mandane) |
| جنم | 600 ق.م انشان، فارس، ايران |
| لاڏاڻو | 4 ڊسمبر 530 ق.م (70 ورھين جي ڄمار ۾) |
| تدفين | پاسارگاد (Pasargadae) |
سائرس اعظم ([انگريزي: Cyrus the Great]، 600 - 530 ق.م) ڪوروش اعظم اخميني سلطنت (Achaemenian Empire) جو باني ۽ پھريون بادشاھ ھو. ھو پنھنجي دور جو ھڪ طاقتور شھنشاھ ھو جنھن کي تاريخ ۾ سائرس ثاني يا سائرس ٻيون پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. ايران ۾ ھن کي ڪوروش بزرگ جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. اخميني ايمپائر فارس (پراڻي ايران) جي پھرين سلطنت ھئي جنھن جو بنياد سائرس اعظم 550 ق.م ۾ وڌو. ھيءَ دنيا جي وڏي ۾ وڏي سلطنت ھئي جنھن ۾ پراڻي ويجھي اوڀر (Ancient Near East) جا سمورا ملڪ شامل ھئا. ان کان علاوھ اولھ ۽ مرڪزي ايشيا جا بہ اڪثر ملڪ ھن سلطنت ۾ شامل ھئا. ھن سلطنت جون سرحدون اولھ ۾ ڀونوچ سمنڊ Mediterranean) Sea) ۽ ھيلسپورٽ (Halesport) تائين ۽ اوڀر ۾ سنڌو درياءُ تائين پکڙيل ھيون[1]. ھن سلطنت ۾ ڏکڻ يورپ جا ڪجهه علائقا بہ شامل ھئا.
سائرس ثاني 600 يا 599 ق.م ۾ ھڪ شاھي گھراڻي ۾ پيدا ٿيو. ھن جو پيءُ، ڏاڏو ۽ پڙڏاڏو بہ بادشاھ ھئا. ھن جي پيءَ جو نالو ڪمبوجيه پھريون (Cambyses I) ۽ ڏاڏي جو نالو سائرس اول (Cyrus I) ھو[2]. موجودھ فارسي ٻوليءَ ۾ لفظ ”ڪئمبيسس“ کي ”ڪمبوجيہ“ لکيو وڃي ٿو.
سائرس اعظم اٽڪل ٽيھ سال حڪومت ڪئي. ھن ميديا يا ميد سلطنت (اولھ ۽ اتر ايران)، ليديا سلطنت (اولھ ترڪي) ۽ بابلي سلطنت (عراق ۽ آسپاس وارا علائقا) پنھنجي ھٿ ھيٺ آندا. ھن مرڪزي ايشيا جي ڪيترن ئي ملڪن تي ڪاھون ڪري پنھنجي قبضي ۾ آندا. جيتوڻيڪ ھو مصر فتح نہ ڪري سگھيو. مولانا ابوالڪلام آزاد پنھنجي تحقيق جي روشنيءَ ۾ انھيءَ نتيجي تي پھتو آھي تہ َقرآن شريف ۾ ذوالقرنين نالي جنھن شخصيت جو ذڪر آيو آھي اھو سائرس اعظم ئي آھي[3]. انھيءَ جي ڪجهه ٻين سني ۽ شيعا عالمن بہ تائيد ڪئي آھي[4].
سائرس اعظم لاءِ مشھور ھو تہ جن ملڪن کي بہ فتح ڪندو ھو اتان جي تھذيب، ثقافت ۽ مذھب جي عزت ڪندو ھو. ھن فتح ڪيل ملڪن ۽ رياستن ۾ عوام جي ڀلائيءَ جا ڪيترائي ڪم ڪرايا ان ڪري ھو عوام ۾ ڪافي مقبول ھو. سائرس انساني حقن جي حفاظت، بھترين سياست ۽ اولھ توڙي اوڀر ۾ پنھنجي اثرورسوخ جي ڪري مشھور ھو. ھن ايران کي ھڪ مضبوط قوميت طور دنيا ۾ متعارف ڪرايو. ھن جي گاديءَ جو ھنڌ موجودہ ايران جي صوبي فارس جي شھر پاسارگاد ( Pasargadae ) ۾ ھو. ھن فتح ڪيل ملڪن ۾ پنھنجا گورنر يا وائسراءِ مقرر ڪيا ھئا جن کي ستريپ (satrap) ڪوٺيو ويندو ھو. سائرس ھڪ معاھدي تحت بني اسرائيل جي ٻارھن قبيلن کي اسرائيل جي سرزمين تي موٽي اچڻ جي اجازت ڏني ۽ کين بابلي سلطنت جي حڪمرانن جي قيد مان آزادي وٺي ڏني. ھي واقعو بائيبل ۾ بہ بيان ٿيل آھي.
سائرس 529 يا 530 ق.م ڌاري وفات ڪئي. ھن جو مقبرو پاسارگاد جي کنڊرن ۾ اڄ بہ قائم ۽ دائم آھي. موجودہ ايران ۾ ھن جو نالو نھايت عقيدت ۽ احترام سان ورتو وڃي ٿو. ھزارين ماڻھو سندس مزار تي حاضري ڀرڻ ايندا آھن. ايران جي خاتون شيرين عبادي کي 2003ع جو نوبيل انعام مليو. ھن پنھنجي تقرير ۾ سائرس اعظم لاءِ ھيٺيان لفظ چيا ھئا:
” آئون ھڪ ايراني آھيان، سائرس اعظم جي نسل مان آھيان. ھن شھنشاھ 2500 اڳ جڏھن ھو پنھنجي اقتدار جي عروج تي ھو اھو اعلان ڪيو ھو تہ ”جيڪڏھن عوام نہ چاھيندو تہ آئون پنھنجو تخت ڇڏي ڏيندس. ھن وعدو ڪيو ھو تہ ڪنھن بہ شخص کي پنھنجو مذھب ۽ عقيدو ڇڏڻ تي مجبور نہ ڪيو ويندو ۽ سڀني لاءِ آزاديءَ جي ضمانت ڏيان ٿو“.
سائرس اعظم کي ايران کان ٻاھر بہ وڏي عقيدت ۽ احترام سان ياد ڪيو وڃي ٿو. مشھور ليکڪ مائيڪل ھارٽ پنھنجي مشھور ڪتاب: لسٽ آف انفليوئينشل پيپل[5] ۾ جن 100 اھم ماڻھن جو ذڪر ڪيو آھي تن ۾ سائرس اعظم بہ شامل آھي. اڄ جي آمريڪا جي سياستدانن جي ڪيترن ابن ڏاڏن سائرس جي زندگي بابت سائروپيڊيا (Cyropaedia) [6] جهڙن ڪتابن مان اتساهه حاصل ڪيو. اها ڳالهه مشهور آهي ته آمريڪا جي صدر ٿامس جيفرسن وٽ هن ڪتاب جون هميشه ٻه ڪاپيون رهنديون هيون ۽ آمريڪا جي هر اعليٰ حڪومتي عملدار لاءِ اهو ضروري هو ته اھي ٻه ڪتاب ضرور پڙهي. هڪ سائرس وارو سائروپيڊيا ۽ ٻيو مئڪياولي جو لکيل ڪتاب ”دي پرنس“[7]. آئس لينڊ جي يونيورسٽيءَ ۾ شاگردن کي سائرس اعظم جي طرز حڪومت بابت پڙھايو وڃي ٿو. آسٽريليا جي شھر سڊنيءَ ۾ ھن بادشاھ جي مورتي لڳل آھي[8].
سائرس لفظ جي معنيٰ
[سنواريو]لفظ ”سائرس“ جي معنيٰ ۽ بنياد بابت مختلف ماھرن جا مختلف رايا آھ.ن. ھڪ مشھور رايو ھي آھي تہ سائرس پراڻي فارسيءَ جي لفظ ”ڪوروش“ جي بگڙيل صورت آھي[9] [10]جنھن جي معيٰ آھي ”سج جھڙو“ يا ”سج وانگر“[11]. ڪي ماھر سمجھن ٿا تہ ڪوروش اصل ۾ ”ڪي خسرو“ آھي. روايتن مطابق ڪي خسرو پراڻي ايران جو ھڪ طاقتور بادشاھ ھو جنھن جو تفصيلي ذڪر مشھور فارسي ڪتاب ”شاھنامہ“ ۾ ٿيل آھي[12]. بائيبل ۾ ھيبريو (Hebrew) ٻوليءَ ۾ سائرس کي ڪوريش (Koresh) سڏيو ويو آھي.
ڪارل ھوفمين (Karl Hoffmann) جي خيال ۾ ھي انڊو يورپي ٻوليءَ جو لفظ آھي جنھن جي معنيٰ آھي ”بيعزتو يا ذليل ڪرڻ وارو“ ڇاڪاڻ جو ھو دشمن کي ذليل ۽ خوار ڪري ڇڏيندو ھو[13].
ننڍپڻ ۽ جواني
[سنواريو]سائرس اعظم جي پيءُ جو نالو ڪمبوجيه پھريون (Cambyses I) ھو جيڪو انشان (Anshan) جو بادشاھ ھو. سندس ماءُ ماندانا (Mandane) ميدِيا (Media) سلطنت جي بادشاھ ايسٽيئيگس ( Astyages) جي ڌيءَ ھئي. سائرس 600 يا 599 ق.م ۾ ڄائو. ھن جي ڏاڏي جو نالو سائرس پھريون (Cyrus I) ۽ پڙ ڏاڏي جو نالو تيسيفاس (Teispes) ھو[2]. ھن شھزادي ڪساندا (Casandan) سان شادي ڪئي جنھن مان کيس ٻہ پٽ ۽ ٽي ڌيئرون ڄايون. سندس پٽن جا نالا ڪمبوجيه ٻيون ( Cambyses II) ۽ برديا ( Bardiya) ھئا، جڏھن تہ ڌيئرن جا نالا اتوسا (Atossa) ، ارتيستون (Artystone) ۽ رڪسانا (Roxane) ھئا. چون ٿا تہ سائرس اعظم ۽ سندس گھر واري ھڪٻئي سان تمام گھڻي محبت ڪندا ھئا[14]. ڪاساندانا سائرس اعظم جي حياتيءَ ۾ ئي وفات ڪري وئي. سندس وفات تي سڄي سلطنت ڪيترائي ڏينھن سوڳوار رھي[15]. سائرس اعظم پنھنجي والد جي وفات کان پوءِ 559 ق.م ۾ تخت تي ويٺو. تخت تي ويھڻ وقت سندس عمر 39 يا 40 سال ھئي ۽ سندس درٻار انشان شھر ۾ ھئي.
فوجي چڙھايون ۽ سوڀون
[سنواريو]ميدي (Media) سلطنت جي فتح
[سنواريو]
جيئن مٿي ڄاڻايو ويو آھي سائرس پنھنجي پيءُ جي وفات بعد تخت تي ويٺو پر پنھنجي وڏڙن وانگر ھو مڪمل طور تي خود مختيار بادشاھ نہ ھو کيس ميدي سلطنت جي سلطان جي بالا دستي قبول ڪرڻي پئي. ميدي (Media) سلطنت جي بالادستيءَ مان جان ڇڌائڻ لاءِ ھن ڪوشش شروع ڪئي ۽ ميدي سلطنت جي ڪجهه اميرن کي پاڻ سان ملائي ورتو. سائرس پنھنجي مھم جي شروعات ڪندي پاسارگاد ۾ موجود ميديا جي ھڪ قلعي تي قبضو ڪري ورتو. ايندڙ ٻن سالن ۾ ھن وڌيڪ طاقت حاصل ڪري ورتي. جڏھن ميديا جي بادشاھ ايسٽيئيگس (Astyages) کي انھيءَ ڳالھ جي خبر پئي تہ ھن سائرس کي پنھنجي قاصد ھٿان نياپو موڪليو تہ ھو سندس درٻار ۾ حاضر ٿئي. سائرس کيس جواب موڪليو تہ ”آئون تنھنجي اميد کان پھرين تو وٽ پھچي ويندس“. ايسٽيئيگس پنھنجي سپہ سالار ھارپاگوس (Harpagus) کي انشان تي حملو ڪرڻ جو حڪم ڏنو، پر ھارپاگوس بغاوت ڪئي ۽ پنھنجي فوجي دستي سميت سائرس سان وڃي مليو. لڳ ڀڳ ٽي سال (550-553 ق.م) ايسٽيئيگس ۽ سائرس جي فوج وچ ۾ چڪريون ھلنديون رھيون ۽ آخرڪار سائرس اعظم سوڀ ماڻي ورتي. سائرس ايسٽيئيگس جي جان بخشي ۽ سندس ڌيءَ سان شادي ڪري ورتي. انھيءَ شاديءَ جي نتيجي ۾ ميديا جا ڪيترائي امير سائرس اعظم جا حامي ۽ مددگار بنجي ويا. ايئن ميدي سلطنت مڪمل طور سائرس اعظم جي ھٿ ھيٺ اچي وئي. سائرس پنھنجي سوٽ ھستسپس (Hystaspes) کي ميديا جو گورنر مقرر ڪيو.
ليديا (Lydia) سلطنت جي فتح
[سنواريو]
مديا سلطنت تي سائرس جي قبضي کان پوءِ ليديا سلطنت جا حڪمران سائرس کان خطرو محسوس ڪرڻ لڳا. ھنن اھو محسوس ڪري ورتو تہ سائرس کي جيڪڏھن وڌيڪ مھلت ملي تہ ھو سندن سرزمين تي بہ قبضو ڪري وٺندو. ليديا جي سلطان ڪرزوس (Croesus) سائرس سان جنگ جوٽڻ جو پڪو پھ ڪري ورتو. ھن مصر ۽ بابل جي حڪمرانن ڏانھن ساٿ ڏيڻ لاءِ وفد موڪليا جن کيس مدد جو يقين ڏياريو. ڪرزوس جي ڪجهه درٻارين ساڻس دوکو ڪيو ۽ انھيءَ جنگي تياريءَ جو اطلاع سائرس تائين پھچائي ڇڏيو. سائرس دشمن کي مھلت نہ ڏيندي ھڪدم جنگ لاءِ تياري ڪري ورتي. 545 ق.م ۾ ٻئي فوجون ھڪٻئي سان مھاڏو اٽڪائڻ لاءِ نڪتيون ۽ پيٽرا (Petra) واري علائقي ۾ گھمسان جي جنگ لڳي. سائرس جي وڏي لشڪر کي ڏسي ڪرزوس واپس پنھنجي گاديءَ واري شھر ڏانھن موٽي ويو. ھن جو خيال ھو تہ سائرس پنھنجي تخت کان گھڻو پري آھي ۽ جڏھن بابل کان مدد پھچندي تہ ايندڙ بھار جي موسم ۾ سائرس کي شڪست ڏيڻ آسان ٿي ويندي. ھن بابل جي حڪمرانن سان ھڪ امن معاھدو بہ ڪري ورتو. سائرس نومبر 545 ق.م ۾ اچانڪ حملو ڪيو. ڪرزوس کي اھا اميد نہ ھئي تہ ڪو سياري ۾ حملو ٿيندو. بابل کان ايندڙ مدد بھار جي موسم کان پھرين ممڪن نہ ھئي. ڪرزوس گهوڙي سوار فوج سان سائرس جي لشڪر اڳيان صفبندي ڪئي. سائرس جي بھترين جنگي حڪمت عمليءَ سبب ڪرزوس جي فوجين کي قلعي ۾ پناھ وٺڻي پئي. ٻن ھفتن کان پوءِ سائرس جون فوجون قلعي ۾ وڃڻ ۾ ڪامياب ٿيون، ڪرزوس گرفتار ٿي ويو ۽ ليديا جي سلطنت بہ سائرس جي ھٿ ھيٺ اچي وئي.

پنھنجي تخت طرف موٽڻ کان پھريائين سائرس ليديا جي امير پيڪتياس (Pactyas) کي حڪم ڏنو تہ ھو خزانو پرشيا پھچائي. سائرس جي وڃڻ بعد پيڪتيا بغاوت ڪئي ۽ سائرس جي گورنر خلاف فوجون گڏ ڪرڻ لڳو. انھيءَ کي منھن ڌيڻ لاءِ سائرس پنھنجي فوجي جرنل مزاريس (Mazares) کي ليديا موڪليو ۽ ھن کي حڪم ڪيائين تہ پيڪتيا کي جيئرو پڪڙي درٻار ۾ حاضر ڪيو وڃي. مزاريس جي ليديا پھچڻ تي پيڪتيا آيونيا (Ionia) طرف ڀڄي ويو. مزاريس ميگنيشيا (Magnesia) ۽ پرائين (Priene) شھرن تي قبضو ڪري ورتو ۽ ليديا ۾ امن امان قائم ڪري ورتو. ھن ايشيا مائنر جا ڪجهه علائقا بہ فتح ڪيا.

بابل جي فتح
[سنواريو]بابل ۾ ھزارين پرڏيھي آباد ھئا. انھن ۾ اڪثريت يھودين جي ھئي جن کي پنھنجي ملڪ مان تڙي ڪڍيو ويو ھو. ھنن پنھنجي وطن موٽي وڃڻ جي اميد ڪڏھن بہ نہ ڇڏي ھئي. ھو ڪنھن بہ اھڙي مانھوءَ جي مدد ڪرڻ لاءِ تيار ھئا جيڪو ھنن کي پنھنجو ملڪ واپس وٺي ڏئي. ان سلسلي ۾ ھنن کي ايراني حاڪمن مان وڏي اميد ھئي. ان زماني ۾ بابل جو معاشرو سماجي اڻبرابريءَ جو شڪار ھو. پورھيت، سرڪاري ملازم، پادري، واپاري مطلب تہ معاشري جو ھر فرد پريشانيءَ جو شڪار ھو. بابل جو سلطان گاديءَ جي ھنڌ تيما (Tima) ۾ وڃي رھيو ھو. ھن واپار تي ڳرا ٽيڪس لڳائي ڇڏيا ھئا انڪري واپاري طبقو خوش نہ ھو. پادري بہ ھن کان ناراض ھئا. اڪثر فوجي اڳواڻ ۽ ويڙھاڪ بہ پنھنجي سلطان کان خوش نہ ھئا ۽ اقتدار جي ايوانن ۾ تبديليءَ جا خواھشمند ھئا. فوج جنگ جي لاءِ تيار نہ ھئي اھڙي حالت ۾ سائرس جھڙي سگھاري حڪمران کي روڪڻ لڳڀڳ ناممڪن ھو.
بابلي سلطنت کي فتح ڪرڻ تمام ڏکيو ھو. ھن جي اولھ ۾ فرات ندي، اوڀر ۾ دجلہ ندي ۽ ڏکڻ ۾ ايراني نار ھئي. ھڪ مضبوط ڀت پڻ ڏنل ھئي جنھن جي ٿولھ 20 فوٽ ءَ اوچائي 100 فوٽ ھئي. سائرس جي فوج ڏاکڻئين پاسي کان سروان ندي ٽپي اوپيس (Opis) تي يلغار ڪئي. ھڪ خوني جنگ کان پوءِ اوپيز تي قبضو ڪيو ويو ۽ شھر کي باھ ڏئي ساڙيو ويو. ساڳئي سال 10 آڪٽوبر تي سائرس جي فوجين سيپار (Sipar) شھر تي قبضو ڪيو[16]. بابلي ڪئلينڊر جي نئين سال واري ڏينھن سائرس جو لشڪر بابل شھر ۾ داخل ٿيو. شھر ۾ پھچڻ شرط اعلان ڪيو ويو تہ عبادتگاھن ۾ ماڻھو پنھنجي مرضيءَ سان بنان روڪ ٽوڪ جي پوڄا پاٺ ڪندا رھن ۽ ڪنھن بہ مذھبي تقريب کي نہ روڪيو وڃي. ايئن ٿو لڳي تہ سائرس بنان ڪنھن وڏي رڪاوٽ جي شھر فتح ڪري ورتو. فتح جي سترھين ڏينھن جڏھن سائرس پاڻ شھر ۾ داخل ٿيو تہ سندس والھانہ اسقبال ڪيو ويو ۽ ھن تي گل نڇاور ڪيا ويا. شھر ۾ مڪمل امن امان قائم ٿي ويو[17]. اوگبارس کي ھتان جو گورنر مقرر ڪيو ويو پر ھو فتح کان فقط ٽي مھينا پوءِ وفات ڪري ويو. ان بعد سائرس ھن علائقي جي ڪجهه حصن تي پنھنجي پٽ ڪمبوجس کي گورنر مقرر ڪيو. 525 ق.م ۾ سائرس ميسوپوٽيميا ۽ فرات جي اولھ وارن علائقن (فينيشيا، شام، فلسطين) کي ملائي پنھنجي سلطنت جو ھڪ صوبو ٺاھي گوبارو کي گورنر مقرر ڪيو. گوبارو جي خاندان گھٽ ۾ گھٽ 525 سال ھن علائقي تي حڪمراني ڪئي. بابل تي قبضو اولھ ايشيا ۾ طاقت جي توازن ۾ ھڪ اھم موڙ ھو جنھن جي نتيجي ۾ شام ۽ فلسطين سان گڏ فونيشين ساحل تي بہ ايرانين جي حڪومت قائم ٿي وئي. سائرس کان ھڪ پاسي پادري خوش ھئا تہ ٻئي پاسي يھودي بہ مطمئين ھئا. 535 ق.م ۾ سائرس يھودين کي فلسطين ۾ واپس اچڻ جي اجازت ڏني ۽ ”سڪس بازار“ نالي يھودين جي اڳواڻ کي يھوديہ علائقي جو گورنر بنايو. ھن يروشلم ۾ ھيڪل جي ٻيھر تعمير جو حڪم ڏنو. فلسطين ۽ يروشلم جي سرحدي علائقن ۾ فوجي اڏا قائم ڪيا ويا تہ جيئن اڳتي ھلي مصر تي قبضو ڪري سگھجي.
سائرس اعظم جو موت
[سنواريو]سائرس جي وفات بابت مختلف بيان موجود آهن. ڪٽيسياز پنهنجي ڪتاب پرسيڪا ۾ سڀ کان وڌيڪ تفصيلي بيان ڏئي ٿو، جنهن موجب سائرس ڊربيسس پيادل فوج جي بغاوت کي ڪچليندي مارجي ويو، جن جي مدد ٻين سيٿي تيراندازن، سوار فوج، ۽ ڀارتين پنهنجن جنگي هاٿين سان ڪئي. هن موجب اهو واقعو سير دريا جي سرچشمن جي اتر اوڀر ۾ پيش آيو.[18] هيروڊوٽس پنهنجي ڪتاب تاريخ ۾ ٻيو سڀ کان ڊگهو بيان ڏئي ٿو، جنهن مطابق سائرس مساجيتي قبيلي سان سخت جنگ ۾ مارجي ويو، جيڪو سيٿين سان واسطو رکندڙ هڪ قبيلائي اتحاد هو، جيڪو جديد دور جي قازقستان ۽ ازبڪستان جي علائقن ۾ واقع يوريشيائي گاھ جي ميدان جي ڏکڻ حصي ۾ رهندو هو. هيروڊوٽس موجب، سائرس ڪريئسس جي صلاح تي انهن تي سندن ئي علائقي ۾ حملو ڪيو.[19] مساجيتي لباس ۽ رهڻي ڪهڻي ۾ سيٿين سان ملندڙ جلندڙ هئا؛ اهي گهوڙن تي به ۽ پيادل به وڙهندا هئا. پنهنجي سلطنت وڌائڻ لاءِ، سائرس سڀ کان پهرين سندن راڻي توميرس کي شادي جي آڇ ڪئي، جيڪا هن رد ڪري ڇڏي.[حوالو گهربل]

ان کان پوءِ سائرس زور زبردستي سان مساجيتي علائقي تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي (تقريباً 529 ق.م.)،[20] ۽ اوڪسس (يعني آمو درياء) نديءَ تي پلون ۽ جنگي ٻيڙيون تيار ڪرايون. ٽومايرس کيس خبردار ڪيو ته هو اڳتي وڌڻ بند ڪري، پر هن خبرداريءَ کي نظرانداز ڪيو. توميرس کيس عزت واري جنگ لاءِ للڪاريو، جنهن کي سائرس قبول ڪيو، پر هن ڄاڻي واڻي شراب سان ڀريل ڇانوڻي ڇڏي، ڇو ته مساجيتي شراب کان اڻ واقف هئا. ٽومايرس جو پٽ اسپارگا پائسس ۽ مساجيتي فوج جو ٽيون حصو شراب پي نشي ۾ اچي ويو، جنهن بعد سائرس اوچتو حملو ڪيو. اسپارگا پائسس قيد ٿيو، پر هوش ۾ اچڻ بعد خودڪشي ڪري ڇڏي. ان کان پوءِ ٽومايرس پاڻ فوج جي اڳواڻي ڪندي ٻيهر جنگ ڪئي. هن جنگ ۾ سائرس اعظم مارجي ويو ۽ سندس فوج کي سخت نقصان پهتو. هيروڊوٽس هن جنگ کي قديم دنيا جي سڀ کان خونريز جنگن مان هڪ قرار ڏئي ٿو. ٽومايرس سائرس جو سر ڪٽي رت سان ڀريل ٿانوَ ۾ وڌو، پنهنجي پٽ جي موت جو بدلو وٺندي.[19] بهرحال، ڪجهه عالمن هن بيان تي شڪ ظاهر ڪيو آهي، ڇاڪاڻتہ خود هيروڊوٽس تسليم ڪري ٿو ته هن سائرس جي وفات بابت ڪيترائي مختلف قصا ٻڌا هئا.[21]

هيروڊوٽس اهو به لکي ٿو ته سائرس خواب ۾ ڏٺو ته هسٽاسپس جو وڏو پٽ دارا پھريون، ٻن پرن سان ايشيا ۽ يورپ تي ڇانوَ ڪري رهيو آهي.[22] آثار قديمه جي ماهر سر ميڪس مالوان هن خواب کي سائرس جي چار پرن واري نقش سان جوڙي ٿو. محمد دندامائيف موجب، ممڪن آهي ته فارسين سائرس جو لاش واپس مساجيتي کان وٺي آيا هجن، جيڪو هيروڊوٽس جي بيان جي ابتڙ آهي. ميخائيل السورياني جي تاريخ موجب (12هين صدي عيسوي)، سائرس کي سندس زال توميرس قتل ڪيو، جيڪا مساجيتي جي راڻي هئي. ٻئي پاسي، زينوفون پنهنجي ڪتاب سائروپيڊيا ۾ دعويٰ ڪري ٿو ته سائرس پنهنجي گاديءَ واري شهر ۾ قدرتي موت مئو. جڏهن تہ بيروسس جو بيان آهي ته سائرس دهائي قبيلن سان جنگ ڪندي مارجي ويو.
دفن
[سنواريو]- اصل مضمون جي لاءِ ڏسو قبرِ سائرس

سائرس اعظم جا آثار شايد سندس گاديءَ واري شهر پاسارگاد ۾ دفن ڪيا ويا، جتي اڄ به هڪ پٿريلي قبر موجود آهي، جنهن کي گهڻا ماڻهو سندس قبر سمجهن ٿا. اسٽرابو ۽ آرين قبر جي شڪل ۽ بناوت بابت لڳ ڀڳ هڪجهڙا بيان ڏين ٿا. صدين گذرڻ باوجود، قبر وڏي حد تائين محفوظ رهي آهي، جيتوڻيڪ سڪندر اعظم جي حملي دوران ان کي نقصان پهتو. سڪندر قبر جي حالت ڏسي ڏاڍو ڏکارو ٿيو ۽ ان جي مرمت جو حڪم ڏنو. آخرڪار، گڏيل قومن سائرس اعظم جي قبر ۽ پاسارگاد کي يونيسڪو عالمي ورثي طور تسليم ڪيو آهي.[23]
ورثو
[سنواريو]
برطانوي مورخ چارلس فريمن جو خيال آهي تہ ”وسعت ۽ پيماني ۾ سندس (سائرس جي) ڪاميابيون مقدوني بادشاهه سڪندر کان گهڻيون مٿانهون هيون؛ سڪندر 320ع واري ڏهاڪي ۾ اخميني سلطنت کي ته ڊاهي وڌو، پر ڪا به مستحڪم متبادل رياست قائم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.“[24] سائرس ڪيترن ماڻهن لاءِ ذاتي هيرو رهيو آهي، جن ۾ ٿامس جيفرسن، محمد رضا پهلوي، ۽ ڊيوڊ بين-گورين شامل آهن.[25]
قديم دور (antiquity) ۾ سائرس اعظم جون ڪاميابيون اڄ تائين ان طريقي سان ظاهر ٿين ٿيون، جيئن هن کي ياد ڪيو وڃي ٿو. سندس پنهنجي قوم، ايراني، کيس ”ابو“ ڪري سمجهندي آئي آهي، اهو ئي لقب جيڪو سائرس جي پنهنجي زماني ۾، سندس فتح ڪيل ڪيترن ئي قومن هن لاءِ استعمال ڪيو، جيئن زينوفون موجب:[26]
۽ جيڪي ماڻهو سندس ماتحت هئا، انهن سان هو عزت ۽ لحاظ سان پيش ايندو هو، ڄڻ اهي سندس پنهنجا ٻار هجن؛ جڏهن تہ سندس رعيت پاڻ سائرس کي ”پيءُ“ سمجهي وڏي عزت ڏيندي هئي ... ڪهڙو ٻيو ماڻهو ’سائرس‘ کانسواءِ، جيڪو هڪ سلطنت کي اونڌو ڪري، پوءِ به انهن ماڻهن وٽان ”پيءُ“ جو لقب وٺي مريو، جن کي هن پنهنجي طاقت هيٺ آندو هو؟ ڇوتہ اها ڳالهه پڌري آهي ته هي نالو ڏيڻ واري لاءِ آهي، وٺي وڃڻ واري لاءِ نه!
مورخ پلوٽارڪ (ت. 46 – c. 119 ع) لکي ٿو تہ ”فارسي ماڻهو، ڇاڪاڻتہ سائرس جو نڪ ٿلهو (hook-nosed) هيو، اڄ تائين ٿلهي نڪ وارن مردن کي پسند ڪن ٿا ۽ انهن کي سڀ کان سهڻو سمجهن ٿا.“[27] بابلي ماڻهن کيس ”آزاد ڪندڙ“ سمجهيو، ڇاڪاڻتہ هو سندن اڳئين حڪمران بخت نصر کان ناراض هئا، جنهن تي بيحرمتي ڪرڻ جو الزام هو.[28] عزرا جو ڪتاب سائرس جي پهرين سال ۾ جلاوطنن جي پهرين واپسي جو احوال بيان ڪري ٿو، جنهن ۾ سائرس اعلان ڪري ٿو: ”زمين جون سڀ سلطنتون مون کي آسمان جي خدا، خداوند، ڏنيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڏنو آهي ته مان يروشلم ۾، جيڪا يهودا ۾ آهي، هن لاءِ گهر تعمير ڪريان.“(سانچو:Bibleverse-lb) سائرس هڪ ئي وقت مدبر ۽ سپاهي طور ممتاز هو. هن جي ٺاهيل سياسي ڍانچي سبب، اخميني سلطنت سندس وفات کان پوءِ به ڊگهي عرصي تائين قائم رهي.[حوالو گهربل] سائرس جي حڪمراني هيٺ فارس جي اڀار دنيا جي تاريخ جي رخ تي گهرو اثر وڌو، جنهن ۾ ايراني فلسفو، ادب ۽ مذهب جهڙيون صورتون به شامل آهن. اخميني ايمپائر کان پوءِ ايندڙ ڪيترن ايراني گهراڻن ۽ انهن جي بادشاهن پاڻ کي سائرس اعظم جا وارث سمجهيو ۽ دعويٰ ڪئي ته اهي سائرس جي شروع ڪيل سلسلي کي جاري رکندا پيا اچن.[29][30] تنهن هوندي به، عالمن ۾ ان بابت مختلف راءِ آهي ته ڇا اهو ساساني گھراڻي بابت به درست آهي يا نه.[31] سڪندر اعظم پاڻ به، ننڍپڻ کان زينوفون جي سائروپيڊيا پڙهندي، سائرس اعظم جو دلدادو ۽ مداح رهيو، هن ڪتاب ۾ سائرس جي جنگي بهادري، حڪمراني، ۽ بادشاهه ۽ قانون ساز طور سندس صلاحيتون بيان ٿيل آهن.[32] پاسارگادي جي دوري دوران، سڪندر ارسطوبولُس کي حڪم ڏنو ته سائرس جي قبر جي دفني ڪمري (sepulchral chamber) جو اندريون حصو سينگاري.[32]
سائرس جو ورثو آئس لينڊ تائين به محسوس ڪيو ويو آهي.[33] قديم دور جا ڪيترائي مفڪر ۽ حڪمران، ۽ پڻ جاڳرتا (Renaissance) ۽ روشن خيالي جي دور جا ماڻهو به،[34] سائرس اعظم کان الهام وٺندا رهيا، ۽ آمريڪا جي گڏيل رياستن جي باني اڳواڻن به سائروپيڊيا جهڙن ڪتابن وسيلي سائرس کان متاثر ٿيا. مثال طور، ٿامس جيفرسن وٽ سائروپيڊيا جون ٻه ڪاپيون هيون، هڪ ۾ يوناني ۽ لاطيني ترجما سامهون سامهون صفحن تي هئا، ۽ انهن ۾ جيفرسن جون ڪيترين جڳهن تي نشانيون موجود آهن، جيڪي ڏيکارين ٿيون ته هن ڪتاب جو اثر آمريڪي آزاديءَ جي اعلان جي مسودي تي ڪيترو پيو.[35][36][37]
پروفيسر رچرڊ نيلسن فراءِ (Richard Nelson Frye) موجب، سائرس, جنهن کي فراءِ فتح ڪندڙ ۽ منتظم طور اهڙيون صلاحيتون رکندڙ چوي ٿو، جيڪي اخميني سلطنت جي ڊگهي عمر ۽ قوت سان ثابت ٿين ٿيون، فارسي ماڻهن ۾ لڳ ڀڳ هڪ اساطيري (mythic) ڪردار اختيار ڪري ويو، ”جيڪو روم ۾ رومولس ۽ ريمس يا بني اسرائيل لاءِ حضرت موسيٰ سان مشابهت رکي ٿو“؛ ۽ سندس ڪهاڻي ”قديم دنيا جي ٻين هنڌن جي هيرو ۽ فاتحن جي ڪهاڻين جي ڪيترن تفصيلن سان ملي ٿي.“[38] فراءِ لکي ٿو: ”هو قديم دور ۾ حڪمران کان اميد ڪيل وڏين خوبين جو نمونو بڻجي ويو، ۽ هڪ فاتح طور هن ۾ بردباري ۽ وڏي دل سان گڏ همت ۽ جرئت جا بھادرانه نقش به ظاهر ٿيا. يونانين جي نظر ۾ سندس شخصيت انهن تي ۽ سڪندر اعظم تي اثرانداز ٿي، ۽ جڏهن اها روايت رومين وسيلي منتقل ٿي، ته چئي سگهجي ٿو ته اها اڄ تائين اسان جي سوچ تي اثر وجهي ٿي.“[38] سندس حڪمرانيءَ جو مطالعو ۽ ساراهه ڪيترن وڏن اڳواڻن ڪئي—جهڙوڪ سڪندر اعظم، جوليس سيزر ۽ ٿامس جيفرسن.[39]
مذهب ۽ فلسفو
[سنواريو]

پيئر بريانٽ (Pierre Briant) لکيو آهي ته، جنهن قدر ٿوري معلومات اسان وٽ آهي، ”سائرس جو مذهب ڪهڙو ٿي سگهي ٿو, ان کي ٻيهر تعمير ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ واقعي بيحد لاپرواهي لڳي ٿي.“[40] اهو به بحث هيٺ آهي ته ڇا هو زرتشت مذهب (Zoroastrianism) جو پيرو هو يا زرتشت مذهب اخميني سلطنت جي سرڪاري/شاهي مذهب سان سندس کان پوءِ جڙي ٿو. ان جي حق ۾ دليلن ۾ سائرس جي خاندان جي ڪجهه نالن مان، ۽ اشعيا 40–48 ۾ يهوه جي بيان (جڏهن اشعيا سائرس جي انتظام هيٺ هڪ فارسي مبلغ سان واسطي ۾ آيو، جيڪو زرتشتي هو) ۽ گاٿن (Gathas) ۾ خالق ”اهورا مزدا“ جي بيان جي وچ ۾ مشابهتون شامل آهن.[41][42] هن نظريي جي خلاف دليلن ۾ اهو اچي ٿو ته سائرس مذهبي آزاديءَ جي اجازت ڏني، ماڻهن جي مندرن ۽ ٻين مقدس جڳهن جي تعمير لاءِ مالي مدد فراهم ڪئي، ۽ اهو به ممڪن آهي ته ايراني نبي زرتشت جي سرگرميءَ جو زمانو دير سان هجي, جنهن زرتشت مذهب قائم ڪيو.[43]
اقليتي مذهبن سان سائرس جي پاليسين بابت ڪيترن تاريخي احوالن ۾ دستاويزي ذڪر ملي ٿو، خاص طور بابلي متنن ۽ يهودي ذريعن ۾.[44] سائرس پنهنجي وسيع سلطنت ۾ مذهبي رواداري جي هڪ عام پاليسي رکندو هو. ڇا اها نئين پاليسي هئي يا اها بابلي ۽ آشوري حڪمرانن جي اڳين پاليسين جو تسلسل (جيئن ليستر گريب برقرار رکي ٿو) هئي، هي ڳالهه تڪراري آهي.[45] هن بابلي ماڻهن لاءِ امن آندو ۽ چيو وڃي ٿو ته هن پنهنجي فوج کي مندرن کان پري رکيو ۽ بابلي ديوتائن جا بت واپس سندن مزارن/مقدس هنڌن ڏانهن موٽايا. [46]
سائرس جي دور ۾ مذهب ۽ رسمن بابت ڪجهه معلومات زينوفون جي سائروپيڊيا، هيروڊوٽس جي تاريخون، ۽ ڪتبن/لکتن مان پڻ ملي ٿي، پر اهي بعد وارن دورن ۾ لکيون ويون، تنهنڪري انهن کي احتياط سان استعمال ڪرڻ گهرجي.[47][48] سائرس سلينڊر سائرس جي نالي سان پهرئين شخص جي بيان طور ترتيب ڏنو ويو. هي سلينڊر انتهائي مذهبي نوعيت جو آهي ۽ ان جي سڄي جوڙجڪ ديوتا مردوڪ جي مداخلتن جي چوڌاري ٺهيل آهي. متن جي شروعات ۾ مردوڪ جي ساراهه ڪئي وئي آهي؛ ۽ ان جي سڌي مداخلت کي ويجهي تاريخ ۾ ٿيندڙ واقعن جو سبب سمجهيو وڃي ٿو، ۽ اهو ئي مردوڪ آهي جيڪو سائرس کي سڏي ٿو ته جيئن هو پنهنجي اڳوڻي حڪمران نابونيدس جي غلطين کي درست ڪري.[49] وڌيڪ اهو ته، سائرس مردوڪ جي پوڄاگاہ کي ئي نه، پر مقامي پوڄائن (local cults) کي به احترام ڏئي ٿو.[50] اورڪ مان هڪ لکت ۾ چيو ويو آهي: ”(سائرس) ايسانگِل ۽ ايزيدا کي محبت ڪري ٿو“، جڏهن تہ اور مان هڪ ٻي لکت ۾ ذڪر آهي ته هن ”ديوتائن کي سندن مزارن ڏانهن واپس موٽايو“. هڪ ٻي لکت، بابِل يا سيپار (Sippar) مان، بيان ڪري ٿي ته نابونيدس جي ابتڙ، سائرس ديوتائن لاءِ صحيح ۽ بلڪه وڌايل قربانيون مهيا ڪيون.[51] وڌيڪ قابلِ اعتماد معلومات شايد سائرس جي قبر جي چوڌاري تدفين/رسمن مان به ملي سگهي ٿي، جيڪي مٿرا جي عزت ۾ هڪ خاص پوڄا ڏانهن اشارو ڪن ٿيون.[47][52] ڪي ماڻهو پاسارگادي جي ڌنڌلي نقش ۾ ڏيکاريل صورت کي مٿرا سمجهن ٿا، جنهن سان مٿرا بابت سائرس جي عقيدت وڌيڪ ظاهر ٿئي ٿي.[53] ٻيا ثبوت به سائرس ۽ مٿرا جي ڳانڍاپي ڏانهن اشارو ڪن ٿا.[54]
يھودي متن
[سنواريو]بابِل ۾ جلاوطنيءَ دوران يهودين سان سائرس جو ورتاءُ، جڏهن بخت نصر ٻئين (Nebuchadnezzar II) يروشلم کي تباهه ڪيو، بائيبل ۾ بيان ٿيل آهي. سائرس کي مثبت نموني پيش ڪيو ويو آهي ۽ يھوه جو وسيلو سمجهيو ويو آهي، جيتوڻيڪ اهو به چيو ويو آهي ته هو يھوه کي ”نه سڃاڻيندو“ هو (اشعيا 45:4–5).[55]
عبراني بائيبل جو ڪتووِم (Ketuvim) حصو ٻئين واقعانامي تي ختم ٿئي ٿو، جتي سائرس جو فرمان آهي ته جلاوطنن کي بابِل مان وعدي ڪيل زمين ڏانهن موٽايو وڃي ۽ مندر ٻيهر تعمير ڪيو وڃي.[56]
اهڙي طرح سائرس، فارس جو بادشاهه، چوي ٿو: زمين جون سڀ سلطنتون آسمان جي خدا، سانچو:LORD، مون کي ڏنيون آهن؛ ۽ هن مون کي حڪم ڏنو آهي ته مان يروشلم ۾، جيڪا يهودا ۾ آهي، هن لاءِ هڪ گهر تعمير ڪريان. اوهان مان جيڪو به سندس سڀني ماڻهن مان آهي—سانچو:LORD، سندس خدا، ساڻس هجي—سو اتي وڃڻ لاءِ روانو ٿئي. (2 Chronicles 36:23)
هي فرمان عزرا جو ڪتاب ۾ پڻ پورو نقل ٿيل آهي.
"سائرس بادشاهه جي پهرئين سال ۾، سائرس بادشاهه هڪ فرمان جاري ڪيو: "يروشلم ۾ خدا جي گهر بابت, مندر، يعني اها جاءِ جتي قربانيون پيش ڪيون وڃن ٿيون، ٻيهر تعمير ڪئي وڃي ۽ ان جون بنيادون برقرار رکيون وڃن؛ ان جي اوچائي 60 هٿ ۽ ان جي ويڪر 60 هٿ هجي؛ وڏن پٿرن جون ٽي تھون ۽ ڪاٺين جي هڪ تھ هجي. ۽ خرچ شاهي خزاني مان ادا ڪيو وڃي. پڻ خدا جي گهر جا سون ۽ چاندي جا برتن، جيڪي بخت نصر يروشلم جي مندر مان کڻي بابل ڏانهن آندا هئا، واپس ڪيا وڃن ۽ يروشلم جي مندر ۾ پنهنجي هنڌن تي آندا وڃن؛ ۽ اوهان انهن کي خدا جي گهر ۾ رکو." – (سانچو:Bibleverse-lb)
يهودين هن کي باوقار ۽ نيڪ بادشاهه طور عزت ڏني. هڪ تنخ واري جڳهه ۾ اشعيا (Isaiah) کيس مسيح (سانچو:Lit) سڏيندو آهي (سانچو:Bibleverse-lb)، ۽ اهڙي طرح هو اهو واحد غير يهودي آهي جنهن لاءِ اهو لقب استعمال ٿيو. ٻي هنڌ اشعيا ۾ خدا بابت چيو ويو آهي: ”مان سائرس کي پنهنجي راستيءَ ۾ اٿاريندس: مان سندس سڀ رستا سڌا ڪندس. هو منهنجو شهر ٻيهر تعمير ڪندو ۽ منهنجن جلاوطنن کي آزاد ڪندو، پر نه قيمت لاءِ ۽ نه انعام لاءِ، چوي ٿو قادرِ مطلق خدا.“ (سانچو:Bibleverse-lb) جيئن متن ڏيکاري ٿو، سائرس آخرڪار اسرائيل جي قوم کي بغير معاوضي يا خراج جي جلاوطنيءَ مان آزاد ڪيو. اهي خاص حصا (اشعيا 40–55، جن کي اڪثر ڊيٽوئرو-اشعيا (Deutero Isaiah) چيو وڃي ٿو) گهڻن جديد تنقيدي عالمن موجب بابلي جلاوطنيءَ جي آخر ۾ (تقريباً 536 ق.م.) ڪنهن ٻئي ليکڪ پاران شامل ڪيا ويا.(c. 536 BC).[57]
پهرين صديءَ جي يهودي مورخ جوزفس، Antiquities of the Jews جي ڪتاب 11، باب 1 ۾، اشعيا ۾ سائرس بابت اڳڪٿيءَ تي يهودين جي روايتي موقف جو احوال بيان ڪري ٿو:[58]
سائرس جي حڪومت جي پهرئين سال ۾، جيڪو اهو سترهون سال هو جڏهن اسان جي قوم کي پنهنجي ملڪ مان ڪڍي بابل ۾ آندو ويو هو، خدا انهن غريب ماڻهن جي قيد ۽ مصيبت تي رحم ڪيو، جيئن هن شهر جي تباهي کان اڳ نبي يرمياه جي وسيلي اڳ ئي کين ٻڌايو هو ته جڏهن هو نبوڪدنضر ۽ سندس اولاد جي خدمت ڪندا ۽ ستر سال اها غلامي سهنندا، تڏهن خدا کين ٻيهر سندن ابن ڏاڏن جي زمين ڏانهن موٽائيندو، ۽ هو پنهنجو مندر تعمير ڪندا ۽ پنهنجي پراڻي خوشحالي ماڻي وٺندا. ۽ خدا انهن سڀني ڳالهين کي پورو ڪيو؛ ڇاڪاڻتہ هن سائرس جي دل کي جنبش ڏني، ۽ هن کان سڄي ايشيا ۾ هي اعلان لکرائي ڇڏيو:
"سائرس بادشاهه چوي ٿو: جڏهنتہ قادرِ مطلق خدا مون کي سڄي آباد زمين جو بادشاهه مقرر ڪيو آهي، تنهنڪري مان سمجهان ٿو ته اهو ئي اهو خدا آهي، جنهن جي عبادت بني اسرائيل جي قوم ڪري ٿي؛ ڇاڪاڻتہ هن نبيّن جي ذريعي اڳ ئي منهنجو نالو ٻڌايو هو، ۽ اهو پڻ ته مان يهوديه جي ملڪ ۾ يروشلم ۾ سندس لاءِ هڪ گهر تعمير ڪندس."
اهو سائرس کي ان ڪتاب جي پڙهڻ سان معلوم ٿيو، جيڪو نبي يسعياه پنهنجي نبوتن بابت ڇڏي ويو هو؛ ڇاڪاڻتہ هن نبي چيو هو ته خدا هن سان هڪ ڳجهي رؤيا ۾ اهڙي طرح ڳالهايو هو: "منهنجي مرضي اها آهي ته سائرس، جنهن کي مون ڪيترين ۽ وڏين قومن تي بادشاهه مقرر ڪيو آهي، منهنجي ماڻهن کي سندن پنهنجي زمين ڏانهن واپس موڪلي، ۽ منهنجو مندر تعمير ڪري."
هي ڳالهه يسعياه مندر جي ڊهڻ کان هڪ سؤ چاليهه سال اڳ ئي اڳڪٿي ڪئي هئي. تنهنڪري جڏهن سائرس اهو پڙهيو ۽ الهي قدرت کي ساراهيو، ته هن جي دل ۾ اها ڳالهه پوري ڪرڻ لاءِ شديد خواهش ۽ عزم پيدا ٿيو؛ پوءِ هن بابل ۾ رهندڙ يهودين جي معزز ماڻهن کي گهرايو ۽ کين چيو ته هو کين پنهنجي ملڪ ڏانهن موٽڻ، پنهنجي شهر يروشلم کي ٻيهر آباد ڪرڻ، ۽ خدا جو مندر تعمير ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو؛ ۽ اهو پڻ ته هو سندن مددگار ٿيندو، ۽ يهوديه جي ڀرپاسي وارن حڪمرانن ۽ گورنرن ڏانهن لکي موڪليندو ته هو مندر جي تعمير لاءِ کين سون ۽ چاندي ڏين، ۽ ان سان گڏ سندن قربانين لاءِ جانور پڻ فراهم ڪن.

جيتوڻيڪ سائرس جي ساراهه تنخ ۾ ڪئي وئي آهي (Isaiah 45:1–6 ۽ Ezra 1:1–11)، تڏهن به يهودي تنقيد ان وقت پيدا ٿي جڏهن ڪُٿائيتن (Cuthites) هن کي ڌوڪو ڏنو؛ انهن چاهيو ته ٻئي مندر جي تعمير روڪجي. هنن يهودين تي بغاوت جي سازش جو الزام هنيو، جنهن تي سائرس تعمير روڪائي ڇڏي، ۽ پوءِ اها تعمير 515 ق.م. ۾ دارا پهريون جي دور ۾ مڪمل ٿي.[59][60]
بائيبل موجب، اهو بادشاهه ارتاڪسيرڪسس هو جنهن کي يروشلم ۾ مندر جي تعمير روڪڻ لاءِ راضي ڪيو ويو (عزرا 4:7–24).

هن فرمان جي تاريخي حيثيت بابت اعتراض ڪيا ويا آهن. پروفيسر ليستر ايل. گريب جو دليل آهي ته ڪو ”فرمان“ نه هو، پر هڪ پاليسي هئي، جنهن تحت جلاوطن ماڻهن کي پنهنجن وطنن ڏانهن موٽڻ ۽ پنهنجا مندر ٻيهر تعمير ڪرڻ جي اجازت ڏني ويندي هئي. هو اهو به چوي ٿو ته آثارِ قديمه مان ظاهر ٿئي ٿو ته واپسي ”قطارن“ جي صورت ۾، شايد ڪيترن ڏهاڪن ۾ ٿي، جنهن سان وڌ ۾ وڌ آبادي شايد 30,000 تائين پهتي.[61] فلپ آر. ڊيويز (Philip R. Davies) ان فرمان جي اصليت کي ”مشڪوڪ“ سڏيو، گريب جو حوالو ڏيندي وڌيڪ چوي ٿو ته عزرا 1:1–4 جي ”اصليت“ جي خلاف دليل طور جي. بريئان (J. Briend) پڻ آهي، جنهن 15 ڊسمبر 1993 تي "انسٽيٽيوٽ ڪيٿولڪ ڊي پئرس" ۾ پڙهيل پنهنجي مقالي ۾ چيو ته اهو سرڪاري دستاويز جي صورت سان نه ٿو ملي، پر بائيبل جي نبوي اندازِ بيان جهڙو آهي.[62] ميري جون وِن ليث (Mary Joan Winn Leith) جو خيال آهي ته عزرا ۾ ڏنل فرمان ممڪن آهي اصلي هجي، ۽ سلينڊر سان گڏ اهو ظاهر ڪري ٿو ته سائرس، اڳين حڪمرانن وانگر، اهڙن فرمانن وسيلي انهن ماڻهن جي حمايت حاصل ڪرڻ چاهيندو هو، جيڪي حڪمتِ عمليءَ طور اهم ٿي سگهن—خاص طور اهي علائقا جيڪي مصر جي ويجهو هئا، جنهن تي هو حملو ڪرڻ چاهيو پيو. هن اهو به لکيو ته ”سلينڊر ۾ مردوڪ کي سڏ ۽ بائيبل جي فرمان ۾ يهوه کي سڏ، فارسين جي ان رجحان کي ڏيکاري ٿو ته هو شاهي ڪنٽرول جي مفاد ۾ مقامي مذهبي ۽ سياسي روايتن کي گڏ ڪندا هئا.“[63]
اسلامي متن
[سنواريو]ڪجهه جديد مسلمانن تجويز ڪيو آهي ته قرآن جو ڪردار ذوالقرنين دراصل سائرس اعظم جي نمائندگي ڪري ٿو. هي نظريو 1855 ۾ جرمن لسانيات دان گسٽاو مورٽز ريڊسلب (Gustav Moritz Redslob پيش ڪيو هو، پر اولهه ۾ ان کي گهڻا پوئلڳ نه مليا.[64] مسلمان شارحن ۾، ان کي پهريون ڀيرو سيد احمد خان (وفات 1889) اڳتي وڌايو،[65] پوءِ مولانا ابوالڪلام آزاد،[66] ۽ پوءِ وقت سان گڏ ان کي وڌيڪ قبوليت ملي.[67][68][2]
ڪرنسي جو قدر
[سنواريو]

ڪروزيد (Croeseid) سڪو، جيڪو ليديا ۾ سائرسِ اعظم (𐎤𐎢𐎽𐎢𐏁|𐎤𐎢𐎽𐎢𐏁) کان وٺي داريوس پھريون (𐎭𐎠𐎼𐎹𐎺𐎢𐏁) (داراياوَهُش) جي دور تائين، لڳ ڀڳ 545–520 ق.م. ۾ ٺهرايو ويو. هن سڪي جو وزن رڳو 8.06 گرام هو، جڏهن تہ ليديا جي بادشاهه ڪروئسس طرفان جاري ڪيل اصل ڪروزيد، جيڪو دنيا جو پهريون سون جو سڪو هو، 10.7 گرام وزن رکندڙ هو.[69]]]
ڪوروُش نالي جو استعمال سڪن جي قدر طور ڇهين صدي ق.م. تائين وڃي ٿو، جنهن جي شروعات ڪروزيد جي دور کان ٿئي ٿي، جيڪو دنيا جو پهريون سون جو سڪو هو ۽ اصل ۾ ليديا جي بادشاهه ڪروئسس طرفان ٺهرايو ويو هو. بعد ۾ ڪروزيد کي اخميني سلطنت جي دور ۾ به جاري رکيو ويو ۽ سائرسِ اعظم ان سڪي کي وڏي جغرافيائي علائقي ۾ ڦهلايو. سائرس، ٿمبرا جي جنگ (547 ق.م.) ۾ بادشاهه ڪروئسس کي شڪست ڏئي ليديا فتح ڪئي. سائرس (ڪوروُش) ڪروزيد کي پنهنجي وسيع سلطنت جو معياري سون جو سڪو بڻايو. هن ساڳيو شينھن ۽ ڍڳي وارو نقشو برقرار رکيو، پر سڪي جو وزن گهٽايو ويو (8.06 گرام، جڏهن تہ بادشاهه ڪروئسس جي جاري ڪيل اصل سڪي جو وزن 10.7 گرام هو). اهو وزن گهٽائڻ ان ڪري ڪيو ويو، ڇاڪاڻ تہ وڏي سلطنت ۽ وڏي آبادي لاءِ انهن سڪن جي وڏي مقدار گهربل هئي.
لقب
[سنواريو]سائرسِ اعظم جا مڪمل شاهانه لقب هن ريت هئا: عظيم بادشاهه، فارسي جو بادشاهه، انشان جو بادشاهه، ميديا جو بادشاهه، بابِل جو بادشاهه، سومير ۽ اڪاد جو بادشاهه، ۽ دنيا جي چار ڪنڊن جو بادشاهه. نابونيدس واقعانامي ۾ سندس لقب ۾ آيل تبديلي جو ذڪر ملي ٿو، جتي سندس لقب انشان جو بادشاهه مان بدلجي فارسي جو بادشاهه ٿي وڃي ٿو.
اشوريالاجسٽ فرانسوا ڦاللا (François Vallat) لکي ٿو ته: «جڏهن ايسٽيئيگس ، سائرس خلاف چڙهائي ڪئي، تڏهن سائرس کي “انشان جو بادشاهه” سڏيو ويو؛ پر جڏهن سائرس ليڊيا ڏانهن ويندي دجله درياهه کي پار ڪري ٿو، تڏهن کيس “فارسي جو بادشاهه” چيو وڃي ٿو. ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته اقتدار جي اها تبديلي انهن ٻن واقعن جي وچ ۾ وقوع پذير ٿي.»[70]
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Chapter Seven. Herodotus", Time in Ancient Greek Literature, BRILL, 01 جنوري 2007, صص: 113–130۔
- 1 2 3 Kuhrt, Amélie (1995). The ancient Near East, c. 3000-330 BC. London. ISBN 978-0-415-16762-8. OCLC 31606363. https://www.worldcat.org/oclc/31606363. حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; name ":0" defined multiple times with different content - ↑ Āzād, Abūlkalām (1990). India's Maulana Abul Kalam Azad. Syeda Saiyidain Hameed, Mujīb. Riz̤vī, Ṣug̲h̲rā Mahdī. New Delhi: Indian Council for Cultural Relations. ISBN 81-85434-00-X. OCLC 25281164. https://www.worldcat.org/oclc/25281164.
- ↑ "Zulqarnain: Alexander or Cyrus?", The Express Tribune (ٻولي ۾ انگريزي), 20 نومبر 2012, حاصل ڪيل 30 ڊسمبر 2021۔
- ↑ A Ranking of the Most Influential Persons in History, Hart Publishishing Company, New York. Hart M.H. (1990), The 100
- ↑ Xenophone: Cyropaedia or The Institution of Cyrus, Translated by Maurice Ashley, 1803.
- ↑ "الیوت آبرامز: کوروش الهام بخش بسیاری از رییسجمهوران آمریکا بوده است", ایران اینترنشنال (ٻولي ۾ فارسي), 28 آڪٽوبر 2020, حاصل ڪيل 01 جنوري 2022۔
- ↑ الطاف شيخ: ايران ڏي اڏام، روشني پبليڪيشنس ڪنڊيارو، 2008.
- ↑ Schmitt, Rüdiger (1996), "Onomastica Iranica Platonica", Λhnaika, Wiesbaden: Vieweg+Teubner Verlag, صص: 81–102, آئي ايس بي اين 978-3-663-12217-3۔
- ↑ Digard, Jean-Pierre (2003-05-15). "« Gāvbāzi », in : Ehsan Yarshater (ed.), Encyclopœdia Iranica. New York, Bibliotheca Persica Press, vol. X, 2001, pp. 336-339.". Abstracta Iranica (Volume 24). doi:. ISSN 0240-8910. http://dx.doi.org/10.4000/abstractairanica.34963.
- ↑ Almagor, Eran (01 آگسٽ 2018), "Ctesias (b)", Plutarch and the Persica, Edinburgh University Press, صص: 73–133۔
- ↑ "Abu Raihan Al Biruni (Abu Raihan Mohammad Ibn Ahmad Al Biruni) (973 – 1048 A.D.)". Qatar Medical Journal 2004 (1). 2004-06-01. doi:. ISSN 0253-8253. http://dx.doi.org/10.5339/qmj.2004.1.4.
- ↑ The ancient Near East : historical sources in translation. Mark W. Chavalas. Malden, MA: Blackwell Pub. 2006. ISBN 0-631-23580-9. OCLC 60375467. https://www.worldcat.org/oclc/60375467.
- ↑ Benjamin G. Kohl; Ronald G. Witt; Elizabeth B. Welles (1978). The Earthly republic: Italian humanists on government and society. Manchester University Press ND. p. 198. ISBN 978-0-7190-0734-7.
- ↑ Kuhrt, Amélie (2007). The Persian Empire. London: Routledge. ISBN 978-0-203-60774-9. OCLC 681219999. https://www.worldcat.org/oclc/681219999.
- ↑ "Babylonia - Livius", www.livius.org, حاصل ڪيل 31 ڊسمبر 2021۔
- ↑ van der Spek, Robartus Johannes (12 مارچ 2021), "The Nabonidus Chronicle on the ninth year of Nabonidus (547-6 BC).", Achemenet. Vingt ans apres, Peeters Publishers, صص: 415–428۔
- ↑ A history of Greece, Volume 2, By Connop Thirlwall, Longmans, 1836, p. 174
- 1 2 "Ancient History Sourcebook: Herodotus: Queen Tomyris of the Massagetai and the Defeat of the Persians under Cyrus", Fordham.edu۔
- ↑ Grousset, Rene. The Empire of the Steppes.
- ↑ Nino Luraghi. The historian's craft in the age of Herodotus.
- ↑ The Cambridge History of Iran.
- ↑ UNESCO, "Pasargadae"۔
- ↑ Freeman 1999: p. 188
- ↑ "The Cyrus cylinder: Diplomatic whirl". The Economist. 23 March 2013. https://www.economist.com/news/books-and-arts/21573955-show-tests-limits-cultural-politics-diplomatic-whirl.
- ↑ Xenophon (1855). The Cyropaedia. H. G. Bohn. https://archive.org/details/cyropaediaorins00xenogoog. "cyropaedia."
- ↑ Briant 2002226.
- ↑ Cardascia, G., Babylon under Achaemenids, in Encyclopedia Iranica.
- ↑ Richard Nelson Frye (1963). The Heritage of Persia. World Pub. Co..
- ↑ Cyrus Kadivar (25 January 2002). "We are Awake". The Iranian.
- ↑ E. Yarshater, for example, rejects that Sassanids remembered Cyrus, whereas R. N. Frye does propose remembrance and line of continuity: See A. Sh. Shahbazi, Early Sassanians' Claim to Achaemenid Heritage, Namey-e Iran-e Bastan, Vol. 1, No. 1 pp. 61–73; M. Boyce, "The Religion of Cyrus the Great" in A. Kuhrt and H. Sancisi-Weerdenburg, eds., Achaemenid History III. Method and Theory, Leiden, 1988, p. 30; and The History of Ancient Iran, by Frye p. 371; and the debates in Vesta Sarkhosh Curtis, et al. The Art and Archaeology of Ancient Persia: New Light on the Parthian and Sasanian Empires, Published by I. B. Tauris in association with the British Institute of Persian Studies, 1998, ISBN 1-86064-045-1, pp. 1–8, 38–51.
- 1 2 حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedUlrich - ↑ Jakob Jonson: "Cyrus the Great in Icelandic epic: A literary study". Acta Iranica. 1974: 49–50
- ↑ Nadon, Christopher (2001), Xenophon's Prince: Republic and Empire in the Cyropaedia, Berkeley: UC Press, ISBN 0-520-22404-3
- ↑ "Cyrus and Jefferson: Did they speak the same language?", payvand.com, اصل کان 26 October 2015 تي آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 26 December 2015۔
- ↑ "Cyrus Cylinder: How a Persian monarch inspired Jefferson". BBC News. 11 March 2013. https://www.bbc.com/news/world-us-canada-21747567.
- ↑ Boyd, Julian P., "The Papers of Thomas Jefferson", حاصل ڪيل 18 August 2010۔
- 1 2 "Cyrus II Encyclopædia Britannica 2008. Encyclopædia Britannica Online", Original.britannica.com, حاصل ڪيل 30 December 2012۔[مئل ڳنڍڻو]
- ↑ "Cyrus the Great Biography", Biography Online (ٻولي ۾ en-GB), حاصل ڪيل 05 ڊسمبر 2023۔
- ↑ Briant 200294.
- ↑ Boyce, Mary (2014), "Achaemenid Religion", Encyclopedia Iranica (ٻولي ۾ en-US)۔
- ↑ Boyce 1988.
- ↑ Shannon, Avram (2007). "The Achaemenid Kings and the Worship of Ahura Mazda: Proto-Zoroastrianism in the Persian Empire". Studia Antiqua 5 (2): 79–85. https://scholarsarchive.byu.edu/cgi/viewcontent.cgi?article=1073&context=studiaantiqua.
- ↑ Crompton, Samuel Willard (2008) (en ۾). Cyrus the Great. New York: Chelsea House Publishers. p. 80. ISBN 978-0-7910-9636-9.
- ↑ "The "Persian Documents" in the Book of Ezra: Are They Authentic?". Judah and the Judeans in the Persian period. Eisenbrauns. 2006. p. 542. ISBN 978-1-57506-104-7.
- ↑ Dandamayev 1993516-521, "Cyrus's religious policies".
- 1 2 Briant 200293–96.
- ↑ Daryaee 201331.
- ↑ Finkel 201323–24.
- ↑ Finkel 2013120.
- ↑ Daryaee 201327.
- ↑ Daryaee 201333.
- ↑ Soudavar 201249–52.
- ↑ Daryaee 201333–36.
- ↑ Lind, Millard (1990). Monotheism, power, justice: collected Old Testament essays. Wipf & Stock Publishers. p. 158. ISBN 978-0-936273-16-7.
- ↑ "Bible Gateway passage: 2 Chronicles 36 – New Living Translation", Bible Gateway (ٻولي ۾ انگريزي), حاصل ڪيل 09 آڪٽوبر 2023۔
- ↑ Simon John De Vries: From old Revelation to new: a tradition-historical and redaction-critical study of temporal transitions in prophetic prediction آرڪائيو ڪيا ويا 8 January 2016 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.. Wm. B. Eerdmans Publishing 1995, ISBN 978-0-8028-0683-3, p. 126
- ↑ Josephus, Flavius. The Antiquities of the Jews, Book 11, Chapter 1 آرڪائيو ڪيا ويا 20 December 2011 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- ↑ Goldwurm, Hersh (1982). History of the Jewish People: The Second Temple Era. ArtScroll. pp. 26, 29. ISBN 0-89906-454-X.
- ↑ Schiffman, Lawrence (1991). From text to tradition: a history of Second Temple and Rabbinic Judaism. KTAV Publishing. pp. 35, 36. ISBN 978-0-88125-372-6.
- ↑ Grabbe, Lester L. (2004). A History of the Jews and Judaism in the Second Temple Period: Yehud: A History of the Persian Province of Judah v. 1. T & T Clark. p. 355. ISBN 978-0-567-08998-4. https://books.google.com/books?id=-MnE5T_0RbMC&q=gave+the+Jews+permission+to+return+to+Yehud+province+and+to+rebuild+the+Temple&pg=PA355. Retrieved 10 November 2020.
- ↑ Philip R. Davies (1995). John D Davies. ed. Words Remembered, Texts Renewed: Essays in Honour of John F.A. Sawyer. Continuum International Publishing Group. p. 219. ISBN 978-1-85075-542-5. https://books.google.com/books?id=WQttyS7HRrIC&q=authenticity+decree+cyrus&pg=PA219. Retrieved 10 November 2020.
- ↑ Winn Leith, Mary Joan (2001). "Israel among the Nations: The Persian Period". in Michael David Coogan (Google Books). The Oxford History of the Biblical World. Oxford; نيو يارڪ: Oxford University Press. p. 285. ISBN 0-19-513937-2. OCLC 44650958. https://books.google.com/books?id=zFhvECwNQD0C&q=The+Oxford+History+of+the+Biblical+World. Retrieved 14 December 2012.
- ↑ Tatum, James (1994). The Search for the ancient novel. Johns Hopkins University Press. p. 342. ISBN 978-0-8018-4619-9.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>tag; no text was provided for refs namedsymbols - ↑ Sirry, Mun'im A. (2014). Scriptural polemics: the Qur'an and other religions. Oxford New York: Oxford University Press. pp. 106, 244n35. ISBN 978-0-19-935936-3.
- ↑ Maududi, Syed Abul Ala. Tafhim al-Qur'an. http://www.englishtafsir.com/Quran/18/index.html#sdfootnote62sym.
- ↑ Tabatabai, Muhammad Hussein. "Al-mizan." Beirut: Academic Press Co 1403 (1995): 353.
- ↑ "CNG: Feature Auction Triton XIII. KINGS of LYDIA. Time of Cyrus to Darios I. Circa 545-520 BC. AV Stater (8.06 g). Sardes mint.", www.cngcoins.com۔
- ↑ François Vallat (2013). Perrot, Jean. ed. The Palace of Darius at Susa: The Great Royal Residence of Achaemenid Persia. I.B.Tauris. p. 39. ISBN 978-1-84885-621-9. https://books.google.com/books?id=fDimj7F2VVgC&q=Cambyses+I%7CElder+%22king+of+persia%22&pg=PA39. Retrieved 11 March 2018.
- فارسي ٻولي جي خارجي ربط
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون
- اڻ تصديق ٿيل دعوائن وارا مضمون از October 2022
- بنا يوآرايل ويب حوالا استعمال ڪندڙ صفحا
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links از December 2018
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- Pages with numeric Bible version references
- سائرس اعظم
- بادشاهه
- قديم فارس
- قديم فارس جي تاريخ
- قديم فارس جا بادشاهه
- قديم فارس جون شخصيتون
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا