مواد ڏانھن هلو

لکپت

بيھڪ: 23°49′N 68°46′E / 23.82°N 68.77°E / 23.82; 68.77
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
لکپت
ننڍڙو شھر
لکپت قلعي جو دروازو
لکپت قلعي جو دروازو
لکپت is located in گجرات
لکپت
لکپت
لکپت is located in
لکپت
لکپت
گجرات، ھندستان ۾ بيھڪ
جاگرافي بيهڪ: 23°49′N 68°46′E / 23.82°N 68.77°E / 23.82; 68.77
ملڪ  ڀارت
رياست گجرات
ضلعو ڪڇ
بلندي 89 ميل (292 ft)
آبادي (2011)
 • ڪل 807
پير غوث محمد شاھ جو قبو

لکپت (انگريزي:Lakhpat) ھندستان جي گجرات صوبي جو ھڪ ننڍو شھر آھي. ھي سنڌ جي سرحد ويجهو ڪوري کاريءَ (Creek) جي منھن وٽ ڪڇ ضلعي جو ھڪ شھر آھي. ھن شھر جي چوڌاري ست ڪلوميٽر ڊگھي قلعي نما ڀت ڏنل آھي. اھا ڀت ارڙھين صديءَ ۾ تعمير ڪئي وئي ھئي. ھي شھر رائو لکا جي نالي سان منسوب آھي جيڪو تيرھين صديءَ ۾ سنڌ ۽ ڪڇ جي ڪجهه علائقن جو راجا ھو[1].

تاريخ

[سنواريو]

تاريخي طور تي گڏيل ھندستان ۾ ھي شھر سنڌ ۽ گجرات جي وچ ۾ واپار جو وڏو مرڪز ھو. پراڻي زماني ۾ سنڌو نديءَ جي ھڪ شاخ، جنھن کي پراڻ ندي چيو ويندو ھو، لکپت شھر کان ٿيندي ڏيسالپر واري علائقي ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي ھئي. ھن شھر جي آسپاس چانورن جو فصل تمام سٺو ٿيندو ھو. اھي چانور سنڌ ۽ ڪڇ جي علائقن ۾ وڪرو ٿيندا ھئا جن مان چڱو ناڻو ڪمايو ويندو ھو. 1801ع ڌاري ڪڇ رياست جي جمعدار فتح محمد ھن شھر جي چوڌاري ھڪ مضبوط ڀت ڏياري[2]. 1804ع ۾ ڪڇ رياست جي رائو جي مخالفت سبب فتح محمد کي لکپت مان تڙي ڪڍيو ويو. 1809ع ۾ ھن شھر جي رکوالي ڪندڙ ڪمانڊر مھين ميان، راجا ھنسراج سان بغاوت ڪري ھن شھر تي قبضو ڪيو. ان زماني ۾ ھن شھر جي رھواسين جو تعداد اٽڪل 15000 ماڻھن تي مشتمل ھو ۽ ھن شھر جي سالياني آمدني 60000 ھندستاني رپيا ھئي. 1819ع ۾ ھتي ھڪ زبردست زلزلو آيوجنھن جي نتيجي ۾ ھتي قدرتي طور تي ڇھ ميٽر اوچو ۽ 80 ڪلوميٽرن کان بہ وڌيڪ ڊگھو ٻنو ٺھي پيو جنھن ۾ پراڻ نديءَ جو پاڻي اچي گڏ ٿيندو ھو. ھي ڄڻ تہ پراڻ نديءَ جي پڇڙيءَ تي ھڪ قدرتي ڊيم ھو. جيئن تہ ھي ڊيم قدرتي طور تي ٺھي پيو ھو انڪري مقامي ماڻھن ھن کي ”اللّٰہ ڊيم“ چوڻ شروع ڪيو يعني ”اللّٰہ سائينءَ جو ٺاھيل ڊيم“. افسوس جو ٿوري ئي عرصي کان پوءِ سنڌو ندي پنھنجو رخ ڦيرائي وئي ۽ ھن علائقي ۾ ويراني ڦھلائي وئي. 1820ع تائين ھن شھر جا ڪافي ماڻھو روزگار جي سلسلي ۾ ٻين علائقن طرف لڏي ويا ۽ ھتان جي آبادي گھٽجي وڃي 6000 کن بچي. وقت سان گڏوگڏ ھي شھر وڌيڪ غربت، بدحالي ۽ بيروزگاريءَ جي ور چڙھي ويو ۽ 1880ع ۾ ھتي فقط 2500 ماڻھو وڃي بچيا. 2011ع ۾ ھتان جي آبادي 807 ماڻھن تي مشتمل ھئي. شھر جي چوڌاري ڀت اڃا بہ موجود آھي پر شھر اندر اڪثر عمارتون کنڊر بنجي چڪيون آھن.

جيئن تہ ھي شھر پاڪستان ۽ ھندستان جي وچ واري بين الاقوامي سرحد کان گھڻو پري ناھي انڪري ھن شھر جي سمنڊ واري پاسي واري ڀت تي ڀارتي فوج پنھنجا مورچا ٺاھي ڇڏيا آھن ۽ اتان سرحدي علائقي جي نگراني ڪئي وڃي ٿي[3].

دلچسپيءَ جون جايون

[سنواريو]
سکن جو گوردوارو

ھن شھر جي سڀ کان اھم ڏسڻ جھڙي جاءِ فتح محمد جي قلعي نما ڀت آھي. ناسي رنگ جي پٿر مان ٺھيل ھيءَ ڀت ست فوٽ ڊگھي آھي جنھن تي گول منارا ٺھيل آھن. ھيءَ ڀت زمين کان چڱي اوچي آھي پر گھڻي ٿلھي ناھي[1].

پير غوث محمد شاھ جو قبو ھتان جي تاريخي يادگارن مان ھڪ آھي. ھن بزرگ 1855ع ڌاري وفات ڪئي. پير غوث محمد جي ڀاءُ ٻاوا ميان پنھنجي مريدن جي مدد سان ھن بزرگ جي قبر تي ھڪ شاندار مقبرو تعمير ڪرايو. ھن قبي جي سامھون ھڪ تلاءُ آھي. مقامي ماڻھن جي چوڻ مطابق ھن تلاءُ ۾ وھنجڻ سان چمڙيءَ جون بيماريون ختم ٿي ٿيون وڃن.

ھتان جا ماڻھو چون ٿا تہ سک مذھب جو باني گرونانڪ جڏھن مڪي شريف جي سفر تي روانو ٿيو تہ ھن شھر مان گذريو ھو. ھتي سکن جو ھڪ گوردوارو موجود آھي جتي گرونانڪ سان منسوب ڪجهه شيون رکيل آھن[2].

حوالا

[سنواريو]
  1. 1.0 1.1 (en ۾) Gazetteer of the Bombay Presidency: Cutch, Palanpur, and Mahi Kantha. Printed at the Government Central Press. 1880. https://books.google.com/books?id=dLUBAAAAYAAJ&pg=PA210#v=onepage&q&f=false. 
  2. 2.0 2.1 آرڪائيو ڪاپي, وقت 2011-12-23 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2022-03-20 
  3. آرڪائيو ڪاپي, وقت 2011-08-11 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل, حاصل ڪيل 2022-03-20