جارج شولاف
| جارج يوري شيويلوف George Yurii Shevelov | |
|---|---|
| پيدائش | جرمن: [George Yurii Schneider] Error: {{Lang}}: text has italic markup (help) 17 ڊسمبر 1908 وامزا، پولينڊ |
| وفات | 12 اپريل 2002 (عمر 93 سال) |
| مدفن | نيويارڪ |
| شھرت جو ڪارڻ | يوڪريني لغت جو ماھر ۽ اديب |
| سائنسي ڪيريئر | |
| ٿيسز | --> |
| ڊاڪٽورل صلاحڪار | ليونڊ بلاخووسڪي |
جارج يوري شيويلوف (George Shevelov) يوڪرين ڄائو آمريڪي پروفيسر، لغت جو چاڻو، فلاسافر، ليکڪ ۽ نقاد ھو. ھن ھڪ ڊگھي عرصي تائين آمريڪا جي ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ سلاوي (Slavik) ٻوليءَ جي پروفيسر طور پنھنجيون خدمتون سرانجام ڏنيون. ٻوليءَ جي اڪثر ماھرن جي خيال ۾ يوڪريني، بيلاروسي ۽ روسي ٻوليون اوڀر سلاوي ٻوليءَ جون شاخون آھن. جارج شيويلوف انھيءَ نظرئي جو مخالف ھو. سندس کوجنا موجب يوڪرين، بيلاروس ۽ روس ۾ ڳالھائيجندڙ اھي ٻوليون اوڀر سلاوي ٻوليءَ جون شاخون ناھن بلڪ اھي الڳ الڳ ٻولين طور اڀريون آهن.[1]
ننڍپڻ
[سنواريو]جارج شولاف جي ڄمڻ جي ھنڌ بابت اختلاف آھي. ڪجهه ماھرن جي راءِ مطابق ھو پولينڊ جي شھر وامزا (Łomża) ۾ 1908ع ۾ پيدا ٿيو پر سندس ڪٽنب 1910ع ۾ موجودھ يوڪرين جي شھر خارڪيف (Kharkiv) ۾ لڏي اچي ويٺو انڪري ھن جو ننڍپڻ خارڪيف ۾ گذريو. ٻين جي خيال ۾ھو خارڪيف شھر ۾ ئي پيدا ٿيو ھو[2]. ياد رھي تہ شولاف جي ڄمڻ واري زماني ۾ پولينڊ ۽ يوڪرين ٻئي روس جو حصو ھئا. ھن جو پيءُ ولاديمير ڪارلووچ شنيدر (Vladimir Karlovich Shnaider) روسي شاھي فوج ۾ ميجر جنرل ھو. ھن جو پي۽ ۽ ماءُ ٻئي جرمن نسل مان ھئا. ھن جو پيءُ پھرين عالمگير جنگ دوران اوچتوئي اوچتو گم ٿي ويو. غالب گمان آھي تہ ھو ڪنھن جنگي محاذ تي دشمن جي گولين جو شڪار ٿي ويو. شولاف ابتدائي تعليم خارڪيف ۾ حاصل ڪئي.
يوڪرين ۾ تدريسي سرگرميون
[سنواريو]1925ع ۾ ھوخارڪيف جي ٽريڊ ۽ انڊسٽري يونين اسڪول مان گريجوئيٽ ٿيو. 1925 ع کان 1927ع تائين ھن ھڪ شمارياتدان ۽ آرڪائيو ڪيپر طور ڪم ڪيو. 1927ع کان 1931ع تائين ھو خارڪيف جي پيپلز ايڊيوڪيشن انسٽيٽيوٽ ۾ ادب ۽ ٻوليءَ جا سبق پڙھندو رھيو. 1931ع ۾ ھو اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو ۽ ٻارن کي يوڪريني ٻولي پڙھائيندو رھيو. ھن يوڪرين جي ڪميونسٽ ٽيڪنيڪل اسڪول ۽ يوڪرين جي صحافتي ڪميونسٽ اسڪول ۾ يوڪريني ٻوليءَ جي استاد طور پنھنجيون خدمتون سرانجام ڏنيون. 1936ع ۾ ھن ليونڊ بلاخووسڪي (Leonid Bulakhovsky) جھڙي ماھر جي نگرانيءَ ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ شروع ڪئي. نومبر 1939ع ۾ خارڪيف جي ھڪ تدريسي اداري ۾ اسسٽنٽ پروفيسر مقرر ٿيو. 1941ع ۾ ھو يوڪرين جي سائنسي اڪيڊميءَ ۾ ريسرچ فيلو مقرر ٿيو.
1934ع ۾ ھنن ٻين ماھرن سان گڏجي يوڪريني ٻوليءَ جي گرامر تي ھڪ ڪتاب لکيو جيڪو ٻن جلدن ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو[3].
يورپ ۾ خدمتون
[سنواريو]ٻي عالمگير جنگ ۽ ان کان ٿورو پوءِ ھو يوڪرين جي مختلف اخبارن ۽ ڪجهه تعليمي ۽ سماجي تنظيمن سان سلھاڙيل رھيو. 1943ع ۾ ھو خارڪيف ڇڏي ليوف (Leviv) شھر منتقل ٿي ويو. ان بعد ھوڪجه وقت پولينڊ، سلوواڪيا ۽ آسٽريليا ۽ جرمن رياست زاڪسن (Sachsen) ۾ رھيو.
ٻي عالمگير جنگ ۾ جرمنيءَ جي شڪست کان پوءِ ھن 1947ع ۾ يوڪرين جي فري يونيورسٽيءَ مان ڊاڪٽر آف فلاسافيءَ جي سند حاصل ڪئي. انھي ئي زماني ۾ ھو يوڪرين جي ادبي ائسوسيئيشن جو نائب صدر پڻ رھيو. 1950 کان 1952ع تائين ھو سئيڊن جي لنڊ يونيورسٽيءَ ۾ روسي ٻوليءَ جو ليچرار رھيو.
آمريڪا جي گڏيل رياستن طرف سفر
[سنواريو]1952ع ۾ ھن پنھنجي ماءُ سان گڏ آمريڪي شھريت حاصل ڪئي. آمريڪا ۾ ھن پنھنجي تدريسي سرگرمين جي شروعات ھارورڊ يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار طور ڪئي. ان بعد ھو 1958ع کان 1977ع تائين ڪولمبيا يونيورسٽيءَ ۾ پھريائين ائسوسيئيٽ پروفيسر ۽ پوءِ پروفيسر طور پنھنجون خدمتون سرانجام ڏيندو رھيو[4]. ھو يوڪرين جي فري اڪيڊمي آف سائنسز جو بنيادي ميمبر ۽ صدر رھيو. سلاوي ۽ يوڪريني ٻوليءَ لاءِ سندس گرانقدر خدمتن جي مڃتا طور يونيورسٽي آف البرٽا (1983ع) ۽ لنڊ يونيورسٽيءَ (1984ع) پاران کيس پي ايڇ ڊي جون اعزازي سندون عطا ڪيون ويون. ھن جا تحقيقي مقالا ۽ مضمون ڪيترن ئي ساک وارن تحقيقي رسالن ۾ ڇپيا.
يوڪرين طرف واپسي
[سنواريو]ھو ھڪ ڊگھي عرصي کان پوءِ 1990ع ۾ پنھنجي اباڻي وطن يوڪرين طرف موٽيو. کيس يوڪرين جي قومي اڪيڊمي آف سائنسز جو بين الاقوامي ميمبر چونڊيو ويو. 1999ع ۾ ھن کي يوڪرين جي خارڪيف يونيورسٽي ۽ نيشنل يونيورسٽي آف ڪيف مھيلا اڪيڊمي National) University of Kyiv-Mohyla Academy) پاران اعزازي ڊاڪٽريٽ جون سندون ڏنيون ويون[5]. 2001ع ۾ ھن ٻن جلدن ۾ پنھنجي آتم ڪٿا ڇپائي پڌري ڪئي.
جارج يوري شولاف 12 اپريل 2002ع تي وفات ڪئي.
ٻوليءَ تي تحقيق
[سنواريو]شولاف عڪريني ٻوليءَ ۽ سلاوي ٻولين جي لغت، بڻ بڻياد ۽ اھڙن ٻين موضوعن تي 600 کان وڌيڪ تحقيقي مقالا لکيا. 1943ع ۾ ھن اھو رايو پيش ڪيو تہ يوڪريني ٻولي سلاوي ٻولين جي شاخ ناھي بلڪ ھڪ جدا ٻوليءَ طور پروان چڙھي. سندس خيال مطابق ھن ٻوليءَ جي ابتدا ستين صدي عيسويءَ ڌاري ٿي.
يادگاري تختي
[سنواريو]4 سيپٽمبر 2913ع تي خارڪيف شھر ۾ جارج شولاف جي ھڪ يادگاري تختي آويزان ڪئي وئي. 25 سيپٽمبر 2013ع تي خارڪيف جي سٽي ڪائونسل جي 69 مان 65 ميمبرن ٺھراءُ منظور ڪيو تہ اھا يادگاري تختي غير قانوني آھي ڇاڪاڻ جو ھو يھودي ۽ نازي فوج جو جاسوس ھو[6]. انھيءَ فيصلي جي نتيجي ۾ ھي يادگار مسمار ڪيو ويو. ان واقعي کان ڪجهه وقت پوءِ آمريڪا جي ڪيمبرج يونيورسٽي، ڪولمبيا يونيورسٽي، ڪنساس يونيورسٽي، روتگرس يونيورسٽي، نارٿ ويسٽرن يونيورسٽي ۽ البرٽا يونيورسٽيءَ پاران ھڪ کليل خط لکيو ويو جنھن ۾ چيو ويو تہ شولاف تي نازي فوج جو حمايتي ۽ جاسوس ھئڻ جو الزام غلط آھي. 5 جنوري 2015ع تي يوڪرين جي ھڪ ڪورٽ شولاف جي يادگاري تختي ھٽائڻ واري ٺھراءُ کي رد ڪيو[7]. 2021ع ۾ اھا يادگاري تختي ٻيھر شھر ۾ آويزان ڪئي وئي[8].
حوالا
[سنواريو]- ↑ "George Shevelov". Google Arts & Culture (انگريزي ۾). 2022-03-04 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Shevelov, George Yurii". www.encyclopediaofukraine.com. 2022-03-04 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Юрій Шевельов. Українська мова. Енциклопедія". izbornyk.org.ua. 2022-03-04 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Shevelov, George Yurii". www.encyclopediaofukraine.com. 2022-03-04 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "Сторінку не знайдено". www.nas.gov.ua. 2022-03-04 تي حاصل ڪيل.
- ↑ ""Шевельов - поплічник фашистів" - депутати Харківської міськради". Історична правда. 2022-03-05 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "У Харкові суд скасував рішення про демотаж дошки "пособнику фашистов"". Українська правда (يوڪراني ۾). 2022-03-05 تي حاصل ڪيل.
- ↑ "У Харкові стався вандалізм щодо дошки Шевельову". Історична правда. 2022-03-05 تي حاصل ڪيل.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]- George Y. Shevelov Homer's Arbitration in a Ukrainian Linguistic Controversy: Alexander Potebnja and Peter Niscyns'kyj آرڪائيو ڪيا ويا 6 March 2017 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.
- Rieger J., Hnatiuk A. Jurij Szewelow (George Y. Shevelov, Jurij Szerech)1908–2002 // Slavia Orientalis. – 2002. – T. LI. – Nr. 3. – S. 351–360
- George Y. Shevelov biography and bibliography at Kharkiv University
- George Y. Shevelov biography and bibliography at Kharkiv University[مئل ڳنڍڻو]
- George Y. Shevelov Papers at the Rare Book and Manuscript Library, Columbia University, New York
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- Lang and lang-xx template errors
- صفحات جيڪي Infobox scientist کي نامعلوم پيرا ميٽر سان استعمال ڪن ٿا
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- CS1 يوڪراني-language sources (uk)
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from May 2024
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ISNI سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BIBSYS سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- NLA سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ٻوليون
- لسانيات
- لسانيات جا ماهر
- يوڪرين جون شخصيتون
- 1908ع جون پيدائشون
- 2002ع جون فوتگيون
- جرمن نسل جا يوڪريني ماڻهو
- سلاف ٻولين جا ماهر لسانيات
- يوڪريني ماڻهو
- يوڪريني ٻولي جا ماهر
- يوڪريني ادبي نقاد
- جرمن نسل جا روسي ماڻهو
- يوڪريني جمهوريت جا ڪارڪن
- يوڪريني ٻولي جو اڀياس
- نيشنل يونيورسٽي آف خارڪيف جا شاگرد
- هارورڊ يونيورسٽي فيڪلٽي
- ڪولمبيا يونيورسٽي فيڪلٽي
- نيشنل يونيورسٽي آف خارڪيف جو تعليمي عملو
- شيوچينڪو نيشنل پرائيز جا وصول ڪندڙ
- يوڪرين جي نيشنل اڪيڊمي آف سائنسز جا ميمبر
- شيوچينڪو سائنٽيفڪ سوسائٽي جا ميمبر
- 20هين صدي جا لسانيات جا ماهر