مهجبين قزلباش

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مهجبين قزلباش (انگريزي: Mahjabeen Qazalbash، جنم: 1958ع ـ وفات: 26 فيبروري 2020ع) پشتو ٻوليءَ جي مشهور ڳائڻي هئي. هن سنڌي، اردو، هندڪو، سرائڪي ۽ اردوءَ ۾ به خوبصورت گيت ڳايا. هن فارسيءَ ۽ ترڪي ٻوليءَ ۾ پڻ پنهنجا سر وکيريا. کيس پنهنجي مٺڙي آواز ۽ من موهيندڙ گائڪيءَ سبب ”سرحد جي بلبل“ ڪوٺيو ويندو هو[1].

ذاتي زندگي[سنواريو]

مهجبين قزلباش جو جنم 1958ع ۾ پشاور ۾ ٿيو. سندس وڏا اصل ۾ ايراني هئا[2]. مهجبين جو ڏاڏو ايران ڇڏي اچي افغانستان ۾ رهيو، اڳتي هلي هن جي مائٽن پشاور جا وڻ اچي وسايا. مھجبين جو ننڍپڻ پشاور ۾ ئي گذريو. سندس اصل نالو ثريا بيگم هو. هن 13 سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع ڪيو. هوءَ اورڪزئي قبيلي سان واسطو رکندڙ فلمي اداڪار امان اللّٰہ خان عرف ائمل خان سان شاديءَ جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌل هئي[3]. کيس ٻه پٽ ۽ هڪ ڌيءَ جو اولاد هو. کيس ڇھ ڀائر ۽ هڪ ڀيڻ هئي. سندس ڀيڻ جو نالو شاهين قزلباش هو.

فن جو سفر[سنواريو]

مهجبين 13 سالن جي ننڍڙي ڄمار ۾ ڳائڻ شروع ڪيو.پنهنجي خوبصورت آواز ۽ سر تار جي سڃاڻپ سببان ٿوري ئي عرصي ۾ مشهوري ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي. ريڊيو پاڪستان پشاور کان هن فني زندگيءَ جي شروعات ڪئي. سندس پشتو ڳايل گيت ٻڌندڙن ۾ ڪافي مقبول ٿي ويا. بعد ۾ هن ٻين ٻولين ۾ به پنهنجي آواز جو جادو جاڳايو. هن ڪيترين ئي فلمن لاءِ به گيت ڳايا. هن جا ڳايل سنڌي گيت به ڪافي مقبول آهن. خاص طور تي مرحوم شمشيرالحيدريءَ جو گيت ”تون ياد وري آئين“ هن انتهائي خوبصورتيءَ سان ڳايو آهي.

وفات[سنواريو]

عمر جي آخري حصي ۾ کيس دل جي تڪليف ٿي پئي. 2015ع ۾ کيس پهريون دل جو دورو پيو. دل جي مرضن جي مشهور ماهر ڊاڪٽر عدنان گل سندس اينجيوگرافي ڪئي[4]. آخرڪار هن 26 فيبروري 2020ع تي پشاور ۾ دم ڌڻيءَ حوالي ڪيو[5].

حوالا[سنواريو]

  1. "Mahjabeen Qazalbash Passes away". Daily Dawn Karachi, 27th February 2020. حاصل ڪيل 2020-02-28. 
  2. ماه جبین قزلباش د فلم ډکولو پر وخت په فلمي ډول واده کړی[مئل ڳنڍڻو]، حاصل ڪيل: 01-01-2020
  3. "Veteran Pashto singer Mahjabeen Qazalbash suffers heart attack". Tribal News Network, January 01, 2020. حاصل ڪيل 2020-02-28.  Check date values in: |archive-date= (مدد)
  4. "بلبل سرحد ماہ جبین قزلباش کا علاج جاری، حالت بدستور تشویشناک". ٹی این این خبریں (ٻولي ۾ Urdu). حاصل ڪيل 2020-02-29. 
  5. "Pashto singer Mahjabeen Qazalbash dies at 62". Daily Samaa. حاصل ڪيل 2020-02-27.