ٽيڪساس

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

آمريڪا جي گڏيل رياستن مان ھڪ رياست جيڪا آباديءَ توڙي پکيڙ جي لحاظ کان آمريڪا جي ٻيو نمبر وڏي رياست آھي. ھن رياست جون سرحدون اوڀر ۾ لوئيزانيا (Louisiana), اتر اوڀر ۾ ارڪنساس، اتر ۾ اوڪلاھوما، ۽ اولھ ۾ نيو ميڪسيڪو رياستن سان ملن ٿيون. ڏکڻ ۾ ھن رياست جون سرحدون ميڪسيڪو سان وڃي ملن ٿيون. ميڪسيڪو نار (Gulf of Mexico) ھن جي ڏکڻ ۾ موجود آھي.

ھوسٽن (Houston) ھن رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر ۽ سان انتونيو (San Antonio) ٻيو نمبر وڏو شھر آھي. آسٽن (Auston)ھن رياست جي گاديءَ ھو ھنڌ آھي. ٽيڪساس اصل ۾ اصلوڪن آمريڪين (شيدين) جي ڪيڊو (Caddo) ٻوليءَ جي لفظ ”ٽيشا“ (Taysha)مان ورتل آجي جنھن جي معنيٰ آھي ”دوست“.

اسپين يورپ جو پھريون ملڪ ھو جنھن ٽيڪساس واري علائقي تي پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. فرانس بہ ٿوري عرصي تائين ھتان جي ڪجھ علائقن تي قابض رھيو. 1836ع تائين ھي علائقو ميڪسيڪو حڪومت جو حصو رھيو. 1845ع ۾ ھن کي آمريڪا جي 20 رياست بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو. مختلف قومن جي تسلط ۽ خانہ جنگين سببان گهڻي عرصي تائين ھيءَ رياست غربت جي گھاڻي ۾ پيسجندي رھي. پر ٻي عالمگير جنگ کان اڳ چوپايو مال، ڪپھ، ڪاٺ ۽ تيل ھتان جي معيشيت کي ھٿي وٺائڻ جا مکيہ ڪارڻ رھيا.

آمريڪا جي گھروويڙھ (Civil War) کان اڳ ۽پوءِ چوپايو مال ھتان جي سڀ کان اھم صنعت ھئي البت 19ھين صديءَ جي پڇاڙڪن سالن ۾ ڪپھ جي پيداوار ۽ ڪاٺ ھتان جي معيشيت ۾ ڪرنگھي جي ھڏي واري حيثيت حاصل ڪري ورتي[1]. اڳتي ھلي جڏھن ھتان تيل جا ذخيرا ھٿ آيا تہ ھن رياست جي خوشحاليءَ کي چار چنڊ لڳي ويا ءَ اھڙيءَ ريت ويھين صديءَ ۾ ھن رياست ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جون نيون منزلون ماڻيون. ويھين صديءَ جي وچ ڌاري ھتي صنعتن جو ڄار پکڙجي ويو. ھن وقت ھيء رياست سياحت، زراعت، پيٽرول ۽ ڪيميائي شينن جي صنعتن (Petrochemicals)، ڪمپيوٽر، اليڪٽرانڪس، ھوابازي، جيو طب (Biomedical) ۽ ٻين اھم شعبن ۾ آمريڪا جي ڪيترين ئي رياستن کان گوءِ کڻي وئي آھي.

تاريخ[سنواريو]

يورپي لوڪن جي اچڻ کان اڳ جي تاريخ[سنواريو]

يورپي لوڪن جي اچڻ کان اڳ ھي علائقو اصلوڪن آمريڪي لوڪن جو مسڪن ھو. ھتي ڪيترائي ننڍا وڏا قبيلا آباد ھئا جن جون پنھنجون پنھنجون ريتون رسمون ھيون. انھن قبيلن ۾ ڪيڊون (Caddoan)، اتاڪاپان (Atakapan)، اٿابسڪان (Athabaskan)، ڪوھلٽيڪان (Kohuiltecan) ۽ اوتو ازٽيڪان (Uto-Aztecan) وڌيڪ مشھور ھئا. اوتو ازٽيڪان قبيلي جا ماڻھو ھن رياست جي اولاھن علائقن .۾ ريو گرينڊ (Reo Grande) جي آسپاس آباد ھئا. اٿابسڪان (Athabaskan) ٻولي ڳالھائيندڙ اپاچي قبيلا رياست جي اندروني علائقن جا رھواسي ھئا. ڪيڊون قبيلن جو ڳاڙھي نديءَ واري علائقي تي ڪنٽرول ھو. رياست جي ڏکڻ ۾ اراناما (Aranama) نالي ھڪ قبيلو اباد ھو. افسوس جو ھن قبيلي جو ڪوبہ نالو نشان باقي نہ رھيو آھي. موجودھ ٽيڪساس ۾ اصلوڪن امريڪي قبيلن جي ثقافت، رھڻي ڪرڻي ۽ رصتن رسمن جو ڪوبہ نالو نشان نہ رھيو آھي. ھتي ڀانت ڀانت جا ماڻھو اڇي گڏ ٿيا آھن. جيتوڻيڪ اصلوڪن ماڻھن جا ڪجھ قبيلا اڄ بہ ٽيڪساس جي حدن اندر آباد آھن پر ھو پنھنجو اثررسوخ گھڻي حد تائين وڃائي چڪا آھن[2].

جڏھن يورپي لوڪ ھتي پھتا تہ اصلوڪن رھواسين جي ڪجھ قبيلن ھنن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ھنن جي ھتان جي فصلن، کاڌي پيتي ۽ شڪار بابت رھنمائي ڪندا رھيا. البت ڪجھ جنگجو قبيلن ڌارين سان مھاڏو اٽڪايو ۽ ڌارين کي پنھنجي ديس مان تڙي ڪڍڻ جي جدوجھد ڪئي. 1830ع ڌاري يورپي لوڪن اصلوڪن رھواسين جون زمينون ضبط ڪري ڇڏيون ۽ اصلوڪا رھواسي اوڪلاھوما ۽ ٻين علائقن طرف لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا.

يورپي لوڪن جي آمد[سنواريو]

1519ع ۾ ھڪ اسپيني سياح گلف ڪوسٽ (Gulf Coast) جو نقشو ٺاھيو جيڪو اڄ تائين رڪارڊ ۾ موجود آھي. نو سال پوءِ اسپيني سياح ڪيبيزا ڊي ويڪا (Cabeza de Vaca) پنھنجي ساٿين سميت ٽيڪساس واري علائقي ۾ اچي پنھنجا ّخيما کوڙيا. ھن ھتان جي اصلوڪن رھواسين بابت ھيٺيان ويچار ونڊيا آھن[3]: ” ھو باھ جون اماڙيون کڻي ميدانن ۽ ڪکن پنن کي باھيون ڏيڻ لڳا تہ جيئن ،ڇرن کي ڀڄائي سگھجي. انھيءَ باھ لڳائڻ سان زمين مان سانڊيون ۽ ٻيا جيو نڪري اچن ٿا جيڪي ھو کائيندا آھن. ساڳئي ئي طريقي سان ھو ھرڻن جو شڪار ڪن ٿا. باھ جون اماڙيون کڻي ھرڻ جي چوڌاري گھيرو ڪن ٿا ۽ ھن کا سوگھو ڪري وٺن ٿا. ھتي ٻہ قبيلا ڪيوريچوس (Querechos) ۽ تياس (Teyas) آباد آھن. ٻنھي قبيلن جا ماڻھو ھڪٻئي جا دشمن آھن. ھنن جي سڄي جسم تي چٽسالي ٿيل ھوندي آھي. ھو خانہبدوش آھن ۽ ڍڳين جا ولر ڪاھي ھڪ ھندان ٻئي ھند پيا گھمندا آھن. ھو گوشت خور آھن ۽ ڪچو گوشت بہ کائي ويندا آھن. جڏھن ھنن کي اڃ لڳندي آھي تہ جاورن جو رت پيئڻ کان بہ نہ مڙندا آھن. ھو وڏن لڪڙن سان ٻڌل تنبو گھرن طور استعمال ڪن ٿا. لڏپلاڻ دوران ھو ڪتن جي پٺين سان سامان ٻڌي ڇڏيندا آھن ۽ اھي ڪتا اھو سامان گھليندا ھلندا ويندا آھن“.

1685ع ۾ ٽيڪساس ۾ پھرين يورپي ڪالوني قائم ڪئي وئي پر نامناسب حالتن ۽ اصلوڪن آمريڪين جي سخت مخالفت سبب اھا ڪالوني چئن سالن کان پوءِ ختم ڪئي وئي. سترھين صديءَ جي پڇاڙڪن سالن ۾ ھتي فرانس پنھنجا پير پڪا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسپين انھيءَ کي منھن ڏيڻ لاٰءِ وڏي تعداد ۾ پنھنجا ماڻھو ھن علائقي ۾ آباد ڪرڻ شروع ڪيا. 1718ع ۾ اسپين پنھنجي ماڻھن جي آبادڪاريءَ لاءِ سان اينتونيو (San Antonio) شھر جو بنياد رکيو. اصلوڪن آمريڪي لوڪن جي حملن سبب اسپين جي لوڪن جي چرپر انتھائي محدود رھي ۽ تيڪساس ائين اسپين جو سڀ کان گھٽ آباديءَوارو صوبو رھيو. اصلوڪن لوڪن جي قبيلن جي باھمي اختلاف ۽ يورپين جي وڌندڙ تعداد سبب 18ھين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ سپين ھتي پير پختا ڪري ورتا. 1821ع ۾ ھيءُ علائقو ميڪسيڪو جي قبضي ۾ اچي ويو. ميڪسيڪو حڪومت ٽيڪساس جي آدمشماري وڌائڻ لاءِ پنھنجون اميگريشن پاليسيون نرم ڪيون. نتيجي ۾ يورپ، آمريڪا جي ٻين يراستن ۽ ميڪسيڪو جي اندروني علائقن مان ڪيترائي ماڻھو ھتي اچي آباد ٿيا. 1825غ ۾ ھتان جي آدمشماري 3500 ھئي جيڪا 1834ع ۾ 37600 تائين پھچي وئي. 1836غ ۾ ٽيڪساس ھڪ آزاد جمھوري ملڪ بنجي ويو. 29 ڊسمبر 1845ع تي ٽيڪساس کي آمريڪي يراست بنائڻ جو اعلان ڪيو ويو. ٽيڪساس جي آمريڪي رياست بنجڻ سبب ميڪسيڪو ۽ آمريڪا جا لاڳاپا خراب ٿي ويا ۽ ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ مختلف ھنڌن تي جنگيون لڳيون جن ۾ آمريڪا سوڀارو ٿيو. اڳتي ھلي آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ ھڪ ٺھراءُ پاس ٿيو جنھن تحت آمريڪا کي ٽيڪساس جو مڪمل اختيار ملي ويو جنھن جي عيوض آمريڪا ھڪ ڪروڙ 82 لک 50 ھزار ڊالر ميڪسيڪو کي ادا ڪيا. اصلوڪن آمريڪي رھواسين جي اڪثريت کي غلام بنايو ويو. ھڪ رپورٽ موجب 1850ع کان 1860ع جي وچ ۾ 58000 کان 182566 اصلوڪن آمريڪين کي غلام بنائي سڄي دنيا ۾ وڪرو ڪيو ويو.

گھريلو ويڙھ کان 19ھين صديءَ جي پڄاڻيءَ تائين[سنواريو]

1860ع وارين چونڊن کان پوءِ ٽيڪساس ھڪ ڀيرو ٻيھر گھرو ويڙھ جي ور چڙھي ويو. ان وقت ھتان جي آباديءَ جو 30 سيڪڙو ڪاري چمڙيءَ وارا شيدي ھئا جن مان اڪثر کي غلام بنايو ويو ھو. ابراھم لنڪن جي صدر بنجڻ کان پوءِ سائوٿ ڪيرولينا آمريڪا جي گڏيل رياستن کان علحدگيءَ جو اعلان ڪيو. ڏسندي ئي ڏسندي آمريڪا جي ڏاکڻئين علائقي جي وڌيڪ پنجن رياستن آمريڪا کان جدا ٿيڻ جو اعلان ڪيو. 1 فيبروري 1961ع تي ٽيڪساس بہ آمريڪي رياستن کان الڳ ثيڻ جو اعلان ڪيو. ساڳئي سال 4 مارچ تي ٽيڪساس ۽ ٻين آمريڪا کان الڳ ٿيل رياستن پاڻ ۾ ملي ”ڪنفيڊريشن رياستن“ جي صورت اختيار ڪئي. ڪافي جنگين ۽ خون خررابي کان پوءِ 1870غ ۾ ٽيڪساس کي ھڪ ڀيرو ٻيھر آمريڪا جي رياست بنايو ويو. گھريلو جنگين ۽ بدامنيءَ جي ڪري سڄي رياست غربت جي گھاڻي ۾ پيڙجي رھي ھئي. ڳچ عرصي تائين ھيءَ رياست آمريڪا جي بدنام ترين رياست بنيل رھي. ماڻھو قرضن ۽ تيڪس کان بچڻ لاءِ ھن رياست ۾ اچي گم ٿي ويندا ھئا. پر پوءِ آھستي آھستي رياست ترقيءَ طرف وکون کڻڻ شروع ڪيون. شروع ۾ چوپائي مال ھتان جي معيشيت کي ھٿي ڏني، ان بعد ڪڻڪ ۽ عمارتي ڪاٺ ھتان جي اھم صنعتن ۾ شمار ٿيڻ لڳا. ٽيڪساس کي ريل ۽ سمنڊ وسيلي آمريڪا جي ٻين حصن سان ڳنڍيو ويو. 20ھين صديءَ جي شريع وارن سالن ۾ عمارتي ڪاٺ ھتان جي وڏي ۾ وڏي صنعت جو درجو اختيار ڪري ورتو.

ويھين صديءَ جو پھريون اڌ[سنواريو]

1900ع ۾ ھتي گيلويسٽن (Galveston) نالي ھڪ وڏو سامونڊي طوفان آيو جنھن جي ڪري ڪافي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. تاريخ 10 جنوري 1901ع تي ٽيڪساس ۾ پھريون تيل جو ذخيرو ھٿ آيو. اھو موجوھہ ٽيڪساس جي شھر بيمونٽ (Beaumont)جي ڏاکڻئين علائقي مان لڌو ھو. بعد ۾ ٽيڪساس جي اوڀر، اولہ ۽ ميڪسيڪو واري نار منجھان تيل جا ذخيرا ھٿ آيا. تيل جي پيداوار تيڪساس جي معيشيت کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيا. 1972ع ۾ ھتي تيل جي پيداوار 30 لک بيرل ھئي. 1901ع ۾ ھتان جي حڪومت عام چونڊن ۾ ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ ٽيڪس لاڳو ڪيو. ھن ڪاري قانون سبب ھتان جي اصلوڪن آمريڪين ۽ لاطيني نسل جي ڪاري چمڙيءَ وارن غريب مانھن کان ووٽ جو حق کسيو ويو. ڪجھ علائقن ۾ تہ فقط اڇي چمڙيءَ وارن کي ووٽ جو حق ڏنو ويو. ويھين صديءَ جي پھرين ٽن ڏھاڪن ۾ ھتي مٽيءُ جا وڏا طوفان آيا جنھن ڪري ھتي ڏڪار واريون حالتون پيدا ثي پيون. وڌندڙ حق تلفين ۽ قدرتي آفتن سبب ھتان جي ڪاري چمڙيءَ وارن اصلوڪن رھواسين کي ڪئليفورنيا ۽ آمريڪا جي ٻين علائقن طرف ھجرت ڪرڻي پئي. 1840ع ۾ ھتي ڪاري چمڙيءَ وارن لوڪن جو تعداد فقط 14.4 سيڪڙو رھجي ويو. جڏھن تہ اڃي چمڙيءِ وارن يورپي نسل وارن لوڪن جو تناسب 40 سيڪڙو ثي ويو، جڏھن تہ اسپيني نسل وارن ماڻھن جو آباديءَ ۾ تناسب 15 سيڪڙو ھو. ٻي عالمي جنگ ۾ ھتان جي معيشيت ۾ ڊرامائي تبديليون آيون. ھتي ڪيتريون ئي فوجي ڇاوڻيون قائم ثي ويون. ڪيتريون ئي نيون صنعتون قائم ثيون ۽ وڏي تعداد ۾ تعليمي ادارا قائم ثيا. خاص طور تي ھثيارن ٺاھڻ جا ڪيترائي ڪارّخانا قامم ثيا جنھن ڪري ھتان جي معيشيت کي وڏي ھثي ملي. 1960ع واري ڏھاڪي ۾ ھتي اعليٰ تعليم جا ڪيترائي ادارا قائم ثيا.

ويھين صديءَ جو پويون اڌ[سنواريو]

ويھين صديءَ جي پوئين اڌ کي ٽيڪساس جي ترَقيءَ جو دور چئجي تہ غلط نہ ثيندو. آمريڪا جي ٻين رياستن مان ماڻھو لڏي اچي ھتي آباد ثيڻ لڳا جنھن ڪري ھتان جي آدمشماريءَ ۾ وڏو واڌارو آيو، خاص طور تي 1970ع ۽ 1980ع وارن ڏھاڪن ۾ وڏي ترقي آئي.

ايڪويھين صديءَ جي شروعات[سنواريو]

سن 1900ع کان 2019ع تائين ڪئليفوريا کان ڪيترويون ئي صنعتون ھن رياست ۾ منتقل ثيون. ھتي ماڻھو وڏي تعداد ۾ روزگار لاءِ اچڻ لڳا. ھيءَ رياست آمريڪا جي مالدار رياستن مان ھڪ آھي.

ڪووڊ 19 (Covid-19) جي وبا آمريڪا جي ٻين رياستن وانگر ھن رياست کي بہ پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڌيو. ھتي ڪووڊ19 جو پھريون ڪيس 4 مارچ 2020ع تي رڪارڊ ثيو. نومبر 2020ع ۾ ٽيڪساس آمريڪا جي انھن چئن رياستن ۾ شامل ڪئي وئي جن کي فائزر ويڪسين لڳائڻ لاءِ چونڊيو ويو. 2 فيبروري 2021ع ۾ ھتي 2.4 ملين ماڻھو ڪووڊ 19 کان متاٿر ٿي چڪا ھئا.13 کان 17 فيبروري 2021ع تي ھتي وڏو برفاني طوفان آيو جنھن ڪري ايمرجنسيءَ جھڙي صورتحال پيدا ثي پئي.

جاگرافي[سنواريو]

ٽيڪساس پکيڙ جي لحاظ کان آمريڪا جي ٻيو نمبر وڏي رياست آھي. ھن جي ڪل پکيڙ 268820 چورس ميل (696200 چورس ڪلوميٽر) آھي. ھيءَ رياست پکيڙ ۾ فرانس کان %10 وڏي آھي. جڏھن تہ ھن جي پکيڙ جاپان يا جرمنيءَ کان لڳڀڳ ٻيڻي آھي. ٽيڪساس جيڪڏھن آزاد ملڪ ھجي ھا تہ اھو دنيا جو 39ھون وڏو ملڪ ھجي ھا.

ھيءَ رياست بيھڪ جي لحاظ کان آمريڪا جي ڏکڻ ۾ واقع آھي. ھن جي ٽن سرحدن وٽ نديون وھن ٿيون. ريو گرانڊي (Rio Grade) ندي ٽيڪساس ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ قدرتي سرحد جو ڪردار ادا ڪري ٿي. ڳاڙھي ندي (Red River) ٽيڪساس کي اوڪلاھوما (Oklahoma) ۽ ارڪنساس (Arkansas) کان الڳ ڪري ٿي جڏھن تہ سبائين ندي (Sabine River) ٽيڪساس ۽ لئيزيانا (Louisiana) جي وچ ۾ قدرتي سرحد ٺاھي ٿي.

ٽيڪساس ۾ سال ۾ ڏھ موسمون ٿين ٿيون، جڏھن تہ ھتي جي زمين جي مٽي (soil) 14 قسمن جي آھي. ھن رياست کي 11 ماحولياني علائقن (Ecological Regions) ۾ ورھائي سگھجي ٿو. مختلف ماحول، موسمن ۽ زميني بناوت سبب ھتي قسمين قسمين وڻ ٽڻ، ٻوٽا۽ جانور ملن ٿا. ھڪ اندازي موجب ھتي 65 قسمن جا کير پياريندڙ جانور، 213 قمسن جا ريڙھيون پائيندڙ جانور ۽ 590 قسمن جا پکي ملن ٿا.

ٽيڪساس ۾ 3700 نديون ۽ نالا وھن ٿا جن ۾ 15 وڏا درياءُ بہ شامل آھن. ھن جو سڀ کان وڌو درياءُ ريو گرانڊي آھي، جيتوڻيڪ ھتي قدرتي ڍنڍون نہ ھئڻ جي برابر آھن پر 100 کان بہ وڌيڪ ھٿرادو ڍنڍون موجود آھن.

حوالا[سنواريو]

  1. Ramos, M.G.; Reavis, D.J. (2004). Texas. Fodor's Travel Publications. pp. 125. ISBN 978-0-676-90502-1. 
  2. Edmondson, J.R (2000). Alamo Story: From Early History to Current Conflicts. Republic of Texas Press. ISBN 978-1-55622-678-6. 
  3. Chipman, D.E. Spanish Texas, 1519–1821. Austin, TX: University of Texas Press. ISBN 978-0-292-77659-3.