گانڌي ڌام

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

گانڌيڌام
شهر
گانڌيڌام جنڪشن ريلوي اسٽيشن جو بورڊ
گانڌيڌام جنڪشن ريلوي اسٽيشن جو بورڊ
عرفيت: سردار گنج
گانڌيڌام is located in گجرات
گانڌيڌام
گانڌيڌام
گجرات، هندستان ۾ بيهڪ
جاگرافي بيهڪ: 23°05′N 70°08′E / 23.08°N 70.13°E / 23.08; 70.13مڪانيت: 23°05′N 70°08′E / 23.08°N 70.13°E / 23.08; 70.13
ملڪ  ڀارت
رياست گجرات
ضلعو ڪڇ
ميونسپالٽي گانڌي ڌام ميونسپالٽي
قيام ڀائي پرتاب
حڪومت
 • قسم ميونسپالٽي
بلندي 27 ميل (89 ft)
آبادي (2011)
 • ڪل 248,705

گانڌيڌام (انگريزي: Gandhidham) هندستان جي گجرات رياست ۾ ڪڇ ضلعي جو هڪ شهر آهي. هيءُ شهر 1947ع ۾ هندستان جي ورهاڱي کان پوءِ سنڌ مان لڏي آيل سنڌين جي آبادڪاريءَ لاءِ قائم ڪيو ويو. هن شهر کي اهو نالو هندستان جي مهان اڳواڻ مهاتما گانڌيءَ جي نالي سان منسوب ڪرڻ لاءِ ڏنو ويو. هيءُ شهر ڪڇ جو هڪ معاشي مرڪز آهي جيڪو گجرات رياست ۾ تيزيءَ سان ترقيءَ جون وکون کڻي رهيو آهي. هيءُ شهر گجرات رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان اٺون وڏو شهر آهي[1][2]. هندستان جو مشهور ”ڪنڊلا بندرگاھ“ هن شهر کان رُڳو 14 ڪلوميٽرن جي پنڌ تي آهي.

تاريخ[سنواريو]

1947ع ۾ سنڌ جا هندو پنهنجا اباڻا ڪک ڇڏي هندستان وڃڻ تي مجبور ٿيا. سنڌ مان لڏي آيل سنڌي هندو برادريءَ جي آبادڪاريءَ لاءِ ڪڇ جي مهاراجه شري کنگهارجي جديجا پنهنجي 15000 ايڪڙ زمين ڀائي پرتاب ڏيالداس جي حوالي ڪئي. ڀائي پرتاب ”سنڌو ٻيهر آبادڪاري ڪارپوريشن لميٽيڊ“ (Sindhu Rehabilitation Corporation Limited) جي نالي سان هڪ ادارو جوڙيو جنهن جو چيئرمين آچاريه ڪرپلاڻي ۽ مينيجنگ ڊائريڪٽر پرتاب ڏيالداس مقرر ٿيو. هن اداري جو مقصد پنهنجي سنڌ مان لڏي آيل هندن کي پنهنجا ذاتي اجها ٺاهڻ ۾ مدد ڪرڻ هو[3]. هن شهر جي پيڙھ جو پٿر مهاتما گانڌيءَ 1947ع ۾ رکيو ۽ شهر جو نالو ”گانڌيڌام“ رکيو ويو. هيءُ هڪ سنسان بياباني علائقو هو جتي هر طرف نانگن، بلائن ۽ وڇن جا ٻِر پکڙيا پيا هئا. علائقي کي پاڪ صاف ڪرڻ لاءِ پرتاب راءِ اعلان ڪيو ته هر وڇون مارڻ تي 25 پئسا ۽ هر نانگ مارڻ تي 50 پئسا انعام ڏنو ويندو[4].

جاگرافي ۽ آبهوا[سنواريو]

هن شهر جي بيهڪ 23.080 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 70.130 ڊگهائي ڦاڪ اوڀر آهي. هتان جي اونهاري جي موسم گرم ۽ خشڪ رهي ٿي ۽ گرميءَ جو درجو 450C جي آسپاس رهي ٿو. سياري ۾ چڱي خاصي ٿڌ پوي ٿي ۽ گرميءَ جو درجو 30 تائين ڪري پوي ٿو. هتان جي آبهوا ريگستاني آهي ۽ سڄو سال برسات وسڻ جو تمام گهٽ امڪان هوندو آهي. هتان جو ساليانو سراسري گرميءَ جو درجو 26.80C آهي جڏهن ته برسات جو سراسري وسڪارو 375 ملي ميٽر آهي.

سياسي انتظام[سنواريو]

هن شهر جي نمائندگيءَ لاءِ گجرات لوڪ سڀا ۾ هڪ سيٽ رکيل آهي.

اديپور ۽ گانڌيڌام جي سرزمين[سنواريو]

گانڌيڌام هندستان جي تاريخي شهر اديپور کان فقط ڇهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي اڏيو ويو هو. وقت سان گڏوگڏ وڌندڙ آباديءَ ٻنهي شهرن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو آهي. اڄڪلھ هي ٻئي شهر هڪ ئي ميونسپالٽيءَ جو حصو آهن. هن ميونسپالٽيءَ جو وارڊ پهرئين کان ڇهون اديپور جي حدن ۾ آهي ۽ ستين کان ٻارهون گانڌيڌام جي حدن ۾ آهي. فقط هوائي اڏي ڏانهن ويندڙ رستو ٻنهي شهرن کي هڪٻئي کان جدا ڪري ٿو. جيڪا زمين ”سنڌو ٻيهر آبادڪاري ڪارپوريشن لميٽيڊ“ جي مالڪيءَ ۾ آهي تنهن کي ”وارڊ“ ڪوٺيو وڃي ٿو، جڏهن ته ڪنڊلا پورٽ ٽرسٽ جي مالڪيءَ هيٺ آيل زمين کي ”سيڪٽر“ سڏيو وڃي ٿو. گانڌيڌام ۾ 13 سيڪٽر شامل آهن.

اچ وڃ[سنواريو]

هي شهر روڊ، ريل ۽ هوائي اڏي جي وسيلي هندستان جي ٻين شهرن سان ڳنڍيل آهي. هتان جي هوائي اڏي کي ”ڪنڊلا هوائي اڏو“ (Kandla Airport) ڪوٺيو وڃي ٿو. هيءُ هڪ مقامي هوائي اڏو آهي جتان فقط احمدآباد ۽ سورت لاءِ اڏامون هلن ٿيون.

هن شهر کان احمدآباد، بنگلور، پوني، ڀڄ، بريلي، جوڌپور، ممبئي ۽ ٻين شهرن لاءِ ريل گاڏيون هلن ٿيون. سراسري طور تي اٽڪل 31 ريل گاڏيون روزانو گانڌيڌام ريلوي اسٽيشن تي اچن ۽ وڃن ٿيون[5]. اين ايڇ 8 اي (NH 8A) شاهراھ هن شهر کي دهلي، ممبئي ۽ ٻين شهرن سان ملائي ٿي.

حوالا[سنواريو]

  1. "List of cities in Gujarat by population" (en ۾). Wikipedia. 2020-02-18. https://en.wikipedia.org/w/index.php?title=List_of_cities_in_Gujarat_by_population&oldid=941364810. 
  2. "Gujarat Population Sex Ratio in Gujarat Literacy rate data 2011-2020". www.census2011.co.in. حاصل ڪيل 2020-03-02. 
  3. "Welcome to Indian Institute of Sindhology". web.archive.org. حاصل ڪيل 2020-03-02. 
  4. "WebCite query result". www.webcitation.org. حاصل ڪيل 2020-03-02. 
  5. "Gandhidham Tourism, Gandhidham Travel Guide - Cleartrip". Cleartrip Tourism. حاصل ڪيل 2020-03-02.