ڪلمارنوڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪنگ اسٽريٽ
ريلوي اسٽيشن وارو علائقو
ڪلمارنوڪ اڪيڊمي جتي ٻن نوبيل انعام يافتہ شخصيتن علم حاصل ڪيو

ڪِلمارنوڪ (انگريزي: Kilmarnock) اسڪاٽلينڊ جي اوڀر آيرشائر(Ayrshire) واري علائقي ۾ ھڪ ننڍو شھر آھي. ھن جي آبادي 45350 ماڻھن تي مشتمل آھي. آباديءَ جي لحاظ کان ھي اسڪاٽلينڊ جو 15ھون وڏو شھر ۽ آيرشائر واري علائقي جو ٻيو نمبر وڏو شھر آھي.

اِروِن ندي (River Irvine) ھن جي اوڀرئين حصي مان گذري ٿي. اسڪاٽلينڊ جي مشھور شاعر رابرٽ برنس جي شاعريءَ جو پھريون ڪتاب 1786ع ۾ ھن شھر ۾ ڇپيو ھو، ان ڪري ڪتاب جي انھيءَ ڇاپي کي ”ڪلمارنوڪ ايڊيشن“ ڪوٺيو وڃي ٿو. جڳ مشھور وسڪي برانڊ ”جاني واڪر“ جو بنياد 19ھين صديءَ ۾ ھن ئي شھر ۾ پيو. ھتي ووڊافون ۽ ٽيلي پرفارمنس[1] جھڙين بين الاقومي ڪمپنين جا دفتر آھن. ان کان علاوہ ھتي ريل جي انجڻن ٺاھڻ جا ڪارخانا ۽ برطانيہ ۾ ڪمپيوٽر جي مشھور ڪمپني يوٽوپيا (Utopia) جي مرڪزي آفيس واقع آھي. ھتي کاڌن کي دٻن ۾ بند ڪرڻ جا ڪارخانا پڻ آھن. ھن ئي شھر مان سينڊوڄ پيڪ ٿي سڄي اسڪاٽلينڊ ۾ وڪامجن ٿا. ھن شھر ۾ ٺھندڙ غاليچا نہ فقط اسڪاٽلينڊ بلڪہ سڄي برطانيہ ۽ ڏيساور ۾ بہ مشھور آھن.

ڪلمارنوڪ کي اھو بہ اعزاز حاصل آھي تہ ھتي دنيا جي ٻن اسڪولن مان ھڪ اھڙو اسڪول موجود آھي جتي ٻن نوبيل انعام حاصل ڪندڙ سائنسدانن علم پرايو. انھن مان ھڪ اليگزينڊر فليمنگ (Alexander Fleming )ھو جنھن 1928ع ۾ پينسلين ايجاد ڪئي. ٻيو جان بائڊ اور(John Boyd Orr)ھو جنھن گڏيل قومن جي کاڌ خوراڪ ۽ زراعت واري اداري جو پھريون ڊائريڪٽر ھئڻ جو اعزاز حاصل ڪيو. ھو دنيا جي سائنس ۽ آرٽس واري اداري جو پھريون صدر پڻ بنيو. ھن اسڪول جو نالو ڪلمارنوڪ اڪيڊمي آھي. ڪلمارنوڪ ۾ ڪيتريون ئي جڳ مشھور فلمون پڻ ٺھيون آھن. اسڪاٽلينڊ جي ٻين علائقن وانگيان ھتي جا رھواسي فوٽ بال راند جا شوقين آھن. ”ڪلمارنوڪ فوٽ بال ڪلب“ اسڪاٽلينڊ جو سڀ کان جھونو فوٽ بال ڪلب آھي. ھن ڪلب جو ھڪ عاليشان اسٽيڊيم آھي جنھن کي ”رگبي پارڪ“ ڪوٺيو وڃي ٿو. ھن شھر ۾ ٻہ گولف ڪورس پڻ آھن.

تاريخ[سنواريو]

چيو وڃي ٿو تہ ستين صدي عيسويءَ ۾ ھتي ”مارنوڪ“ نالي ھڪ درويش اچي پنھنجو آستانو ٺاھيو ھو ۽ ھتي ھڪ گرجا گھر پڻ قائم ڪيو ھو. انھيءَ بزرگ جي نالي پٺيان ھن شھر تي ”ڪلمارنوڪ“ نالو پيو. آھستي آھستي ھن وستيءَ ترقي ڪئي ۽ ھتي ھڪ ننڍو شھر قائم ٿي ويو. 1668ع ۾ خوفناڪ باھ لڳڻ سبب ھن شھر جو گھڻو حصو سڙي رک ٿي ويو. 120 خاندانن جو الھہ تلھہ سڙي خاڪ ٿي ويو ۽ ھنن کي آسپاس جي ميداني علائقي ۾ کليل آسمان ھيٺان راتيون ڪٽڻيون پيون[2]. ھنن ماڻھن وٽ پيٽ گذر جو ڪو وسيلو نہ رھيو ۽ ھو غربت جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پيا. اھڙي ڏکئي وقت ۾ اسڪاٽلينڊ جي سمورن گرجا گھرن ۾ چندو گڏ ڪري ھنن جي مالي سھائتا ڪئي وئي. 1800ع ڌاري ھن شھر جون رونقون موٽڻ لڳيون ۽ خوشحاليءَ جي ديوي ھتان جي ماڻھن تي مھربان ٿيڻ لڳي. انھن ئي ڏينھن ۾ ھن شھر جي نئين سر تعمير ٿي، شھر جي مشھور گھٽين ڪنگ اسٽريٽ، پورٽلينڊ اسٽريٽ ۽ ويلنگٽن اسٽريٽ جو بنياد پيو. اڳتي ھلي فني اسٽريٽ (Finnie Street) وجود ۾ آئي جنھن جو شمار اسڪاٽلينڊ جي انتھائي سھڻين گھٽين ۾ ٿئي ٿو. سينڊبيڊ اسٽريٽ واري پل ھتان جي سڀ کان پراڻي پل آھي جيڪا اڃا تائين استعمال ھيٺ آھي.

سياسي جوڙجڪ[سنواريو]

تاريخي طور تي ڪلمارنوڪ ۽ ان جي آسپاس واري علائقي ۾ ليبر پارٽي ڪافي مقبول رھي آھي. 1983ع کان 2014ع تائين ھتي ھميشہ ليبر پارٽي سوڀ ماڻيندي رھي آھي البت 2015ع وارين عام چونڊن ۾ليبر پارٽيءَ پھريون ڀيرو شڪست کاڌي ۽ اسڪاٽش نيشنل پارٽيءَ سوڀ ماڻي. وقت سان گڏوگڏ ملڪ جي ٻين حصن وانگيان اسڪاٽش نيشنل پارٽي ھن علائقي ۾ پنھنجا پير پڪا ڪري رھي آھي[3]. لوڪل ڪائونسل جي چونڊن ۾ پوري شھر کي چئن تڪن ۾ ورھايو وڃي ٿو.

تعليم[سنواريو]

ڪلمارنوڪ ۾ ھڪ ڪاليج، تيرھن پرائمري اسڪول، ٽي سيڪنڊري اسڪول ۽ يارھن نرسري اسڪول آھن. ”ڪلمارنوڪ اڪيڊمي“ ھتان جو سڀ کان پراڻو اسڪول آھي جيڪو سترھين صديءَ جي شروع ۾ قائم ٿيو. ھن وقت ھي شھر جي ٽن سيڪنڊري اسڪولن مان ھڪ آھي.

حوالا[سنواريو]

  1. "Kilmarnock". web.archive.org. حاصل ڪيل 2019-12-24. 
  2. M'Kay, Archibald (1858) (en ۾). The History of Kilmarnock. A. M'Kay. https://books.google.com.pk/books?id=5R8NAAAAYAAJ&pg=PA1&lpg=PA1&dq=st.+marnock+founded+church+kilmarnock&redir_esc=y&hl=en#v=onepage&q=st.%20marnock%20founded%20church%20kilmarnock&f=false. 
  3. "Kilmarnock & Loudoun parliamentary constituency - Election 2019" (en-GB ۾). https://www.bbc.com/news/politics/constituencies/S14000040.