مواد ڏانھن هلو

ايلبقرقي

ايلبقرقي، نيو ميڪسيڪو
شھر
City of Albuquerque
مٿان کان، کاٻي کان ساڄي: ڊائون ٽائون، سينڊيا جبل تي وڃڻ لاءِ ٽرام، الواريڊو سينٽر، پراڻي شھر جو قديم گرجا گھر، ڦوڪڻن جو بين الاقوامي ميلو، ميوزيم آف آرٽ، ريو گرانڊي باسڪ
ايلبقرقي جو جھنڊو
Banner
Nickname(s):
ABQ, Burque, The 505, The Duke City, The Q
Coordinates: 35°06′39″N 106°36′36″W / 35.11083°N 106.61000°W / 35.11083; -106.61000
ملڪآمريڪا جون گڏيل رياستون
رياستنيو ميڪسيڪو
ڪائونٽيبرناليلو (Bernalillo)
بنياد پيو1706
شھر جو درجو مليو1891
بنياد رکندڙFrancisco Cuervo y Valdés
سڃاڻپFrancisco Fernández de la Cueva, 10th Duke of Alburquerque
ايراضي
• شھر188.87 چورس ميل (489.17 چورس ڪلوميٽر)
• زمين187.19 چورس ميل (484.81 چورس ڪلوميٽر)
• پاڻي1.68 چورس ميل (4.36 چورس ڪلوميٽر)
آبادي
• ڪل564559
• درجو32nd in the United States
1st in New Mexico
• ڪثافت1164.50 في چورس ڪلوميٽر
ميٽرو916528 (61st)
رهاڪو نالاAlbuquerquean,
Burqueño[4]
وقتي علائقوUTC−7 (MST)
  اونهارو (ر.ب.و)UTC−6 (MDT)
پوسٽل ڪوڊ
87101–87125, 87131,
87151, 87153, 87154,
87158, 87174, 87176,
87181, 87184, 87185,
87187, 87190–87199
ڊائلنگ ڪوڍ505
FIPS code35-02000
GNIS feature ID928679
Primary AirportAlbuquerque International Sunport
ABQ (Major/International)
Secondary AirportDouble Eagle II Airport-
KAEG (Public)
ويب سائيٽwww.cabq.gov

ايلبقرقي (انگريزي: Albuquerque، (ٻُڌو)) آمريڪي رياست نيو ميڪسيڪو جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر آھي. 2020ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 564,559 آھي[5] ۽ ھي آمريڪا جي گڏيل رياستن جو آباديءَ جي لحاظ کان 32ھون وڏو شھر آھي. ايلبقرقي ميٽروپوليٽن ايراضيءَ (Albuquerque Metropolitan Area) ۾ ايلبقرقي ۽ آسپاس جا ڪجهه ٻيا علائقا شامل آھن ۽ انھيءَ جي ڪل آبادي 2020ع جي انگن اکرن مطابق 916,528 ماڻھن تي مشتمل آھي.[6]

تعارف

[سنواريو]

پندرھين صديءَ جي شروع تائين اسپين کان لڏي آيل ماڻھن جو وڏو تعداد آمريڪا کنڊ ۾ آباد ٿي چڪو ھو. 1521ع ۾ نئين اسپين (New Spain) جي نالي سان ھڪ نئين ملڪ جو بنياد رکيو ويو. انھيءَ نئين ملڪ ۾ موجودھ ميڪسيڪو، موجودھ نيو ميڪسيڪو ۽ ڪئليفورنيا سميت ھڪ وسيع و عريض علائقو شامل ھو. 1651ع کان 1714ع تائين فرانسسڪو ڪوئيروو واءِ والديس (Francisco Cuervo y Valdés) ھن ملڪ جو وائسراءِ رھيو. ھو ھڪ طاقتور حڪمران ھو جنھن کي ماڻھو ”ايلبقرقي جو ڏھون نواب“ (10th Duke of Alburquerque) سڏيندا ھئا. ايلبقرقي شھر جو بنياد 1706ع ۾ پيو. انھيءَ نواب کي اعزاز ڏيڻ لاءِ ھن شھر تي البقرقي نالو رکيو ويو. اھوئي سبب آھي جو ھن شھر کي نواب جو شھر پڻ سڏيو وڃي ٿو.

ھي شھر نيو ميڪسيڪو رياست جي برناليلو (Bernalillo County) ڪائونٽيءَ جي گاديءَ جو ھنڌ آھي.[7] شھر جي اوڀر ۾ سينڊيا منزانو (Sandia–Manzano Mountains) جبلن جون قطارون ڪر کنيو بيٺيون آھن. ريو گرانڊي Rio) Grande) ندي ھن شھر جي وچ مان اتر کان ڏکڻ طرف وھي ٿي. ريو گرانڊي نديءَ وٽ ھن شھر جي سامونڊي مٿاڇري کان اوچائي 4،900 فوٽ (1500 ميٽر) ۽ سينڊيا جبل جي پاڙ واري علائقي ۾ سامونڊي مٿاڇري کان اوچائي 6،700 فوٽ (2000 ميٽر) آھي. ھن شھر جي معيشيت جو دارومدار سائنس، ٽيڪنالاجي، واپار، تعليم، تفريح، سياحت ۽ دوائن تي آھي.

ھن شھر ۾ ڪيتريون ئي سائنسي تجربيگاھون موجود آھن جن ۾ نيوڪلائي ھٿيار ٽيسٽ ڪرڻ سان گڏ جنگي ھٿيارن جا ڪنٽرول سسٽم ٺاھيا وڃن ٿا. ھنن تجربيگاھن ۾ توانائي، ماحوليات، مٽيريل سائنس، بايو ميڊيڪل، رياضي، ڪپيوٽر سائنس ۽ ٻين شعبن ۾ کوجنا ڪرڻ جون سھولتون موجود آھن. ھن شھر ۾ دنيا جي وڏي ۾ وڏي ايڪسري مشين موجود آھي. ھن مشين کي زي مشين (Z Machine) سڏيو وڃي ٿو جنھن جي مدد سان انتھائي گرميءَ جي درجي ۽ داٻ ھيٺ مختلف مٽيريلس جون ٽيسٽون ڪري سگھجن ٿيون. ھنن تجربيگاھن ۾ ائٽمي ھٿيارن جا ڪمپيوٽر ماڊل ٺاھڻ جون سھولتون بہ موجود آھن. ھنن تجربيگاھن ۾ دنيا جا ڪجهه انتھائي تيز رفتار سپر ڪمپيوٽر پڻ موجود آھن.

ھن شھر ۾ ميڊيڪل سائنس، انساني تندرستيءَ ۽ دوائن تي کوجنا ڪرڻ لاءَ اعليٰ قسم جون سھولتون موجود آھن. ڪپيوٽر جي مشھور ڪمپنيءَ انٽيل جون ڪپيوٽر چپس ٺاھڻ جون تجربيگاھون بہ ھتي موجود آھن. فيس بوڪ جو ھڪ وڏو ڊيٽا سينٽر بہ ھتي قائم ٿيل آھي. مائڪروسافٽ ۽ مائڪرو انسٽرومينٽيشن ۽ ٽيليميٽري سسٽم جون تجربيگاھون بہ ھتي قائم آھن. مطلب تہ ھي شھر سائنسي کوجنائن جو ھڪ وڏو مرڪز آھي.

ھن شھر ۾ ڪيترائي فلم اسٽوڊيو قائم آھن ۽ مشھور ڪمپني نيٽ فليڪس جا اسٽوڊيو بہ ھتي قائم آھن. ھتي ڪيترائي شاپنگ سينٽر، گھوڙي جي ڊوڙ جا ميدان، جوا خانا (Casino) ۽ ٻيون دلچسپيءَ جون شيون موجود آھن. ڪيبل ڪار جي مدد سان ھتان جي سينڊيا جبل جي چوٽيءَ تي پھچي سگھجي ٿو. انھيءَ جبل جي چوٽيءَ تان سڄي شھر جو من موھيندڙ نظارو ڏسي سگھجي ٿو.

ھر سال آڪٽوبر ۾ ھتي گرم ھوا وسيلي اڏامندڙ ڦوڪڻن جو بين الاقوامي ميلو منعقد ٿيندو آھي.[8] ھي پنھنجي نوعيت جو دنيا ۾ وڏي ۾ وڏو ميلو آھي. ھن ميلي لاءِ 47 ايڪڙ زمين مختص ڪئي وئي آھي. ھتي اصلوڪا آمريڪي پو وو (Pow Wow) نالي پنھنجو ھڪ مذھبي تھوار ملھائيندا آھن، انھيءَ تھوار ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ ھزارن جي تعداد ۾ اصلوڪا آمريڪي ھتي اچي گڏ ٿيندا آھن. ھتي ٻيا بہ ڪيترائي ثقافتي ۽ راڳ رنگ جا پروگرام منعقد ٿين ٿا.

ھتي اوھان کي ميڪسيڪو، لاطيني آمريڪا، ايشيا ۽ اصلوڪن آمريڪين جا کاڌا کائڻ لاءِ ملي سگھن ٿا. ان کان علاوہ اٽلي ۽ فرانس سميت ٻين ملڪن جي کاڌن جون ھوٽلون پڻ موجود آھن. ھتان جون عمارتون اصلوڪن آمريڪين ۽ ھسپانوي اڏاوت جي فن جو شاھڪار آھن. ڪيترائي سياح فقط ھتان جي ھڪلي ناسي رنگ وارين عمارتن جو حسن ڏسڻ لاءِ ھتي ڪھي ايندا آھن. البڪرڪي جي پراڻي شھر ۾ خاص طور تي انھن عمارتن جو حسن من کي موھي وجھندو آھن. پراڻي شھر ۾ اوھان کي اصلوڪن آمريڪي ماڻھن جا ٺاھيل ڳھ ڳٺا، کائڻ جا ٿانو، ڀرت ڀريل ڪپڙا، رانديڪا ۽ ٻيو سامان وڪرو ٿيندي نظر ايندو. دنيا جا ھزارين ماڻھو اھي ثقافتي شيون خريد ڪرڻ لاءِ ھتي ايندا آھن.

تاريخ

[سنواريو]

تاريخ کان اڳ واري زماني ۾ ھن شھر واري علائقي ۾ اصلوڪن آمريڪي لوڪن جا ڳوٺ آباد ھئا. يورپي ماڻھن جي اچڻ کان اڳ ريو گرانڊي نديءَ جي ڪناري تي اصلوڪن امريڪين جا تنوئن (Tanoan) ۽ ڪيريسن (Keresan) جا قبيلا آباد ھئا. سورھين صدي عيسويءَ ۾ موجودھ ايلبڪرڪي ۽ ان جي آسپاس اٽڪل 97 ڪلوميٽر ايراضيءَ ۾ تيوا (Tiwa) ٻولي ڳالھائيندڙ اصلوڪن آمريڪين جا 20 ڳوٺ آباد ھئا.[9] ناواجو (Navajo)، اپاچي (Apache) ۽ ڪمانچي (Comanche) قبيلن جي بہ ھن علائقي ۾ موجودگيءَ جا ثبوت مليا آھن. انھن قبيلن جا ھڪٻئي سان واپاري لاڳاپا قائم ھئا.[10]

ايلبقرقي شھر جو بنياد 1907ع ۾ پيو.[11] ان وقت ماڻھو ھتي ھارپو ڪندا ھئا ۽ رڍون پاليندا ھئا. ان زماني ۾ آسپاس جي علائقن ۾ ھسپانوي لوڪن جا ڪافي ڳوٺ آباد ٿي چڪا ھئا. انھن ڳوٺن جي حفاظت لاءِ ايلبقرقي ۾ فوجي چوڪي قائم ڪئي وئي. 1821ع ۾ ھتي ميڪسيڪو جي فوجين بہ پنھنجي ھڪ چوڪي قائم ڪئي ھئي. شروع ۾ ھن شھر جي مرڪز ۾ ھڪ پلازا تعمير ٿيل ھو، جنھن جي چوطرف سرڪاري عمارتون، گھر ۽ گرجا گھر قائم ڪيو ويو. شھر جي انھيءِ اصلي علائقي کي اڄڪلھ پراڻو شھر (Old Down) سڏيو وڃي ٿو. پراڻي شھر کي ڏسڻ لاءِ ھزارين سياح ھر سال ھتي اچن ٿا. پراڻي شھر جي اتر ۾ 1793ع ۾ ھڪ گرجا گھر تعمير ڪيو ويو ھو. اھو شھر جو پراڻي ۾ پراڻو گرجا گھر آھي جيڪو اڃا تائين موجود آھي.[12]

جڏھن ھي علائقو آمريڪا جي گڏيل رياستن ۾ شامل ٿيو تہ 1846ع کان 1867ع تائين ھتي آمريڪي فوج جي ھڪ چوڪي َقائم ھئي. 1859ع ۾ ھن شھر جي آبادي اٽڪل 3000 ھئي ۽ ھيءُ ھڪ مالدار ۽ پرامن شھر ھو.[13] 1880ع ۾ ريل جي پٽڙيءَ وسيلي ھن شھر کي آمريڪا جي ٻين شھرن سان ملايو ويو. ريل ڪمپنيءَ پنھنجي ملازمن لاءِ ھتي ھڪ اسپتال ٺھرائي. وقت سان گڏوگڏ ھتي ڪيترائي انگريز واپاري، ڪوھ پيما ۽ ٻيا ماڻھو اچي آباد ٿيا جنھن ڪري شھر جي آباديءَ ۾ واڌارو آيو ۽ ھتان جي واپاري سرگرمين کي بہ ھٿي ملي. 1879ع ۾ ھتي پھريون پبلڪ اسڪول کليو. 1900ع ڌاري ھن شھر جي آبادي 8000 جي لڳڀڳ ھئي ۽ ھتي زندگيءَ جون سموريون سھولتون موجود ھيون. ان ئي زماني ۾ ھتي نيو ميڪسيڪو يونيورسٽيءَ جو قيام عمل ۾ آيو. 1881ع ۾ ھن شھر کي سرڪاري طور ٽائون (Town) طور رجسٽر ڪيو ويو. 1891ع ۾ ھن کي شھر (City) جو درجو ڏنو ويو.[14]

جيئن تہ ھتان جي موسم انتھائي خوشگوار ۽ گدلاڻ کان پاڪ ھئي انڪري ويھين صديءَ جي شروع ۾ ڪيترائي ٽي بي جا مريض شفا لاءِ ھتي لڏي اچي رھڻ لڳا. انھن جي علاج لاءِ ھتي خاص اسپتال قائم ڪئي وئي. 1939ع ۾ ھتي ھوائي فوج پنھنجو ھڪ اڏو قائم ڪيو. 1949ع ۾ ھتي سينڊيا تجربيگاھون قائم ٿيون جن ۾ نيوڪلائي ھٿيارن جي تياري ۽ انھن لاءِ ڪنٽرول سسٽم ٺاھڻ جو ڪم شروع ٿيو. اڳتي ھلي انھن تجربيگاھن ۾ سائنس جي ٻين شعبن جي کوجنا جو ڪم بہ شروع ٿيو جنھن جو ذڪر مٿي ٿي چڪو آھي. 1960ع ۾ ھن شھر جي آبادي 201,189 ۽ 1990ع ۾ 384,736 ٿي وئي. 2007ع ۾ اھا آبادي وڌي 518,271 تائين پھچي وئي.[15] 1960ع ۽ 1970ع واري ڏھاڪي ۾ شھر جي مرڪزي علائقي جون ڪيترون ئي پراڻيون تاريخي عمارتون ڊاھي نيون عمارتون تعمير ڪيون ويون. ايڪويھين صديءَ ۾ آباديءَ ۾ واڌ جو سلسلو جاري رھيو. ھن وقت شھر جي آبادي ذري گھٽ ڇھ لک ٿي وئي آھي.

جاگرافي

[سنواريو]

ايلبقرقي شھر جي ڪل پکيڙ 490.9 چورس ڪلوميٽر (189.5 چورس ميل) آھي. ريو گرانڊي ندي ھن شھر جي وچ مان گذري ٿي. شھر جي اوڀر ۾ سينڊيا مينزانو جبلن جي پوئين پاسي ٻيلو آھي. اولھ ۾ اولھ ميسا وارو مٿاھون پٽ واقع آھي ۽ اتر وارو علائقو نيم ريگستاني آھي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "2019 U.S. Gazetteer Files". United States Census Bureau. July 27, 2020 تي حاصل ڪيل.
  2. "QuickFacts: Albuquerque city, New Mexico". United States Census Bureau. 24 August 2021 تي حاصل ڪيل.
  3. "2020 Population and Housing State Data". United States Census Bureau. 22 August 2021 تي حاصل ڪيل.
  4. Honeycutt, Curtis (August 25, 2021). "Grammar guy: Spelling and expelling demonyms". Herald and News. November 4, 2021 تي حاصل ڪيل.
  5. United States Census Beareau. Quick Facts, Albuquerque City, New Mexico. https://www.census.gov/quickfacts/fact/table/albuquerquecitynewmexico/POP010220
  6. Bureau, US Census. "2020 Population and Housing State Data". Census.gov. 2022-05-10 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: |last= has generic name (مدد)
  7. Counties, the National Association of. "How much do you know about your county?". County Explorer. 2022-05-10 تي حاصل ڪيل.
  8. Dixon, Chris (2007-07-20). "Up, Up and Gently Away". The New York Times (آمريڪي انگريزي ۾). ISSN 0362-4331. 2022-05-10 تي حاصل ڪيل.
  9. Barrett, Elinore M. (2002-05-08). Conquest and Catastrophe: Changing Rio Grande Pueblo Settlement Patterns in the Sixteenth and Seventeenth Centuries (انگريزي ۾). University of New Mexico Press. ISBN 978-0-8263-2413-9.
  10. Seymour, Deni (2012). From the Land of Ever Winter to the American Southwest. University of Utah Press.
  11. "Albuquerque Visitor Information". web.archive.org. 2012-03-25. 2022-05-10 تي حاصل ڪيل.
  12. Plaza, San Felipe de Neri Church Old Town; NW; Albuquerque; NM; Latitude, U. S. A.; Longitude: 35° 5' 47.57046"; -106° 40' 10.67736". "San Felipe de Neri Church". Stopping Points Historical Markers & Points of Interest. 2022-05-10 تي حاصل ڪيل. {{cite web}}: |last7= has numeric name (مدد)CS1 maint: numeric names: authors list (ڳنڍڻو)
  13. Richardson, Albert D (1869). Beyond the Mississippi : from the great river to the great ocean : life and adventure on the prairies, mountains, and Pacific coast. Hartford, Cn: American Pub. Co.
  14. Simmons, Marc (1982). Albuquerque. Albuquerque: University of New Mexico Press. ISBN 0-8263-0627-6.
  15. "The fastest growing U.S. cities - Jun. 28, 2007". money.cnn.com. 2022-05-10 تي حاصل ڪيل.