گلاسگو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اسڪاٽلينڊ جي نقشي ۾ گلاسگو جي بيھڪ

گلاسگو (انگريزي ٻولي: Glasgow) اسڪاٽلينڊ جو وڏي ۾ وڏو شھر آھي جيڪو ڪلائيڊ نديءَ جي ڪنڌيءَ تي آباد آھي. 2017ع جي آدمشماريءَ موجب ھيءُ اسڪاٽلينڊ جو سڀ کان وڌيڪ آباديءَ وارو شھر آھي جڏھن تہ برطانيہ ۾ آباديءَ جي لحاظ کان ھيءُ ملڪ جو ٽيون وڏو شھر آھي[1]. گلاسگو سٽي ڪائونسل اسڪاٽلينڊ جي 32 ڪائونسلن مان ھڪ آھي. تاريخي طور ھيءَ ڪائونسل لنارڪشائر ڪائونٽيءَ جو حصو آھي. گلاسگو کي گئلڪ ٻوليءَ ۾ گلاسچُو (Glaschu) سڏيو وڃي ٿو جنھن جي معنيٰ آھي ”سائي وادي“ يا ”سرسبز ماٿري“[2]. ھن شھر جي آسپاس جا علائقا ۽ جبل سائي گاھ جي چادر ۾ ڍڪيل رھن ٿا. خاص طور تي اونھاري جي موسم ۾ رنگبرنگي گل، وڻ ٽڻ ۽ ٻوٽا من کي موھي وجھندا آھن. ھتان جي ماحول جي خوبصورتي ۽ قدرتي نظارا ڏسڻ لاءِ دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سياحن جا ڪٽڪ ھر سال ھتي گھمڻ ايندا آھن[3].

گلاسگو جارج اسڪوائر
گلاسگو يونيورسٽي
گلاسگو ۾ ڪلائيڊ نديءَ جو ھڪ ڏيک
گلاسگو جو وڪٽوريا پارڪ

گلاسگو جا رھواسي[سنواريو]

ھن شھر جي رھواسين کي گلاسويجين (Glaswegians) ڪوٺيو وڃي ٿو. ھتان جا رھواسي جيتوڻيڪ انگريزي ڳالھائين ٿا پر سندن ڳالھائڻ جو لھجو ڪافي انوکو آھي. ٻاھران آيل ماڻھن کي ھتان جي ماڻھن جي انگريزي سمجھڻ ۾ اڪثر ڏکيائي محسوس ٿيندي آھي. ھتان جا اصلوڪا رھواسي انتھائي ملنسار ۽ محبت ڀريا ماڻھو آھن. ھنن ۾ ھٺ ۽ وڏائي ڪا ورلي ملندي. جيترو ھنن جو ملڪ سھڻو آھي اوترو ھنن جو من بہ اجرو ۽ ڪدورت کان پاڪ آھي. ھتي جا ماڻھو فوٽ بال، رگبي ۽ سنوڪر راند جا شوقين آھن. آئيس ھاڪي ۽ ٻيون رانديون پڻ کيڏيون وڃن ٿيون. سيلٽڪ (Celtic) ۽ رينجرس (Rangers) ھتان جون مشھور فوٽ بال ٽيمون آھن. ھتي پاڪستان، ھندستان ۽ ٻين ملڪن کان لڏي آيل ماڻھو بہ چڱي تعداد ۾ آباد آھن.

ھي شھر خشڪي، ھوائي ۽ سامونڊي رستن ذريعي ملڪ جي مختلف حصن ۽ ٻاھرين دنيا سان ڳنڍيل آھي. ھتان اسڪاٽلينڊ جي شھرن ايڊنبرا، ڊنڊي، ايبرڊين ۽ ٻين شھرن ڏانھن وڃڻ لاءِ رستا ۽ ريلوي لائنون موجود آھن. انگلينڊ ۽ برطانيہ جي ٻين حصن ڏانھن وڃڻ لاءِ بہ روڊ ۽ ريلوي جي سھولت موجود آھي. ھتي ھڪ بين الاقوامي ھوائي اڏو بہ موجود آھي جتان روزانو ڪيترائي ھوائي جھاز ڏيھي ۽ پرڏيھي سفر تي روانو ٿين ٿا. ھي شھر ڪلائيڊ نديءَ وسيلي سمنڊ سان پڻ ڳنڍيل آھي.

تاريخ[سنواريو]

تاريخي طور تي ھيءُ ڪلائيڊ نديءَ جي ڪپ تي ھڪ ننڍڙو ڳوٺڙو ھو[4]. 550 قبل مسيح ۾ ھتي ھڪ درويش سينٽ منگو پنھنجو آستانو اچي قائم ڪيو ۽ آھستي آھستي ھتي مذھبي ماڻھن جي ھڪ وسندي قائم ٿي وئي. اٽڪل 1180ع ڌاري وليم پھرئين ھن ڳوٺ جو نالو برگ آف بيروني (burgh of barony) يا ”بيروني ڪوٽ“ رکيو. 1189ع کان ھتي باقائدہ ھڪ ساليانو ميلو لڳڻ لڳو، جنھن ڪري ھتي جي آباديءَ ۾ واڌارو آيو. 1350ع ۾ ڪلائيڊ نديءَ تي پٿرن جي پھرين پل اڏي وئي. 1450ع ڌاري ھيءَ آبادي ھڪ چڱي ڀلي شھر ۾ تبديل ٿي وئي ۽ ھتي جي ڪار وھنوار ھلائڻ لاءِ حڪومت طرفان قائدا قانون ٺاھيا ويا. اسڪاٽلينڊ ۾ اھڙن اوائلي شھرن کي ”رايل برگ“ (Royal Burgh) ڪوٺيو ويندو ھو. 1451ع ۾ ھتي ھڪ يونيورسٽي قائم ڪئي وئي جيڪا اڄ بہ گلاسگو يونيورسٽيءَ جي نالي سان مشھور آھي ۽ ھن جو شمار دنيا جي مڃيل يونيورسٽين ۾ ٿئي ٿو. گلاسگو ملڪ جي اترئين مٿاھين علائقي ۽ ڏاکڻين ھيٺاھين علائقي جي عين وچ ۾ ھڪ شاندار شھر جي روپ ۾ نڪري نروار ٿيو ۽ ملڪ جو ھڪ مکيہ واپاري مرڪز بنجي ويو. 1603ع ۾ انگلينڊ ۽ اسڪاٽلينڊ جي الحاق کان پوءِ ھن شھر تيزيءَ سان ترقي ڪئي[5]. 18ھين صديءَ ۾ آمريڪا سان واپاري لاڳاپا قائم ٿيڻ بعد ھتان جي واپارين جا وارا نيارا ٿي پيا. ڪوئلو، ڪپھ، اُنَ، مڇي ۽ ٻيون شيون آمريڪا ۽ ٻين ملڪن ۾ مڃتا حاصل ڪرڻ لڳيون[6]. بحري جھازن ٺاھڻ جي سامان ۽ ڪيميائي شين مان پڻ گلاسگو چڱو ناڻو ڪمايو. پھرين عالمي جنگ دوران ھتان جي معيشيت ۽ ڪاروبار کي ڪافي ڇيھو پھتو ۽ ھن شھر جي آباديءَ ۾ گھٽتائي آئي پر ويھين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ ھن شھر ٻيھر پنھنجو پراڻو اوج ماڻي ورتو.

گلاسگو سائنس سينٽر ۽ مينار

ھاڻوڪو شھر[سنواريو]

موجودہ صديءَ ۾ ھي شھر دنيا جي اھم صنعتي شھرن ۾ شمار ٿئي ٿو. ھيوي مشينري، بحري ۽ ھوائي جھازن ۾ استعمال ٿيندڙ سامان، انفارميشن ۽ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي، سافٽ ويئر انجنيئرنگ، دوائون، ميڊيڪل ٽيڪنالاجي ۽ ٻيون صنعتون ھن شھر جي ترقيءَ جو مکيہ ڪارڻ آھن. ھيءُ شھر فلم ۽ ٽيليويزن پراڊڪشن جو پڻ مرڪز آھي. سياحت جي دلچسپيءَ لاءِ ھتي ڪيترائي عجائب گھر، پارڪ، ٿيٽر، سئنيما گھر، ڪلب ۽ھوٽلون موجود آھن. ھن شھر ۾ ڪيترائي جڳ مشھور تعليمي ادارا قائم ڪيا ويا آھن جن ۾ گلاسگو يونيورسٽي، اسٽريٿڪلائيڊ يونيورسٽي، گلاسگو ڪئليڊونين يونيورسٽي ۽ گلاسگو اسڪول آف آرٽ خاص ذڪر جي لائق آھن. ھتي ڪيتريون ئي قديم ۽ جديد عمارتون ڏسڻ جو پڻ موقعو ملي ٿو.

حوالا[سنواريو]

  1. "Glasgow | History, Facts, & Points of Interest". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2019-12-15. 
  2. "Glasgow definition and meaning | Collins English Dictionary". www.collinsdictionary.com. حاصل ڪيل 2019-12-15. 
  3. "Top 20 Most Popular Cities in the UK for International Visitors". TripSavvy. حاصل ڪيل 2019-12-15. 
  4. "A History of Glasgow". www.localhistories.org. حاصل ڪيل 2019-12-15. 
  5. "16th and 17th Centuries". web.archive.org. حاصل ڪيل 2019-12-15. 
  6. "BBC - History - Scottish History". www.bbc.co.uk. حاصل ڪيل 2019-12-15.