ھرات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيويگيشن ڏانھن ٽپ ڏيو ڳولا ڏانھن هلو

ھرات
هرات
شھر
Herat Mosque
مٿان کان: ھرات جي جامع مسجد، خواجہ عبداللّٰہ جو روضو، ميراوعظ صادق جو مقبرو، گوھر شاد جو يادگار
عرفيت: 'خراسان جو موتي[1]
جاگرافي بيهڪ: 34°20′31″N 62°12′11″E / 34.34194°N 62.20306°E / 34.34194; 62.20306مڪانيت: 34°20′31″N 62°12′11″E / 34.34194°N 62.20306°E / 34.34194; 62.20306
ملڪ افغانستان
صوبو ھرات
پکيڙ
 • ڪل ١٨٢ ڪ.م٢ (٧٠ ميل٢)
  [2]
بلندي ٩٢٠ ميل (٣٬٠٢٠ ft)
آبادي
 •  ڪاٿو

  2021

٥٩٢,٩٠٢[3]

ھرات (پشتو/دري: هرات، انگريزي: Herat) اولھہ افغانستان جو ھڪ نخلستاني شھر ۽ ھرات صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ آھي[4]. ھي افغانستان جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون وڏو شھر آھي. 2020ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 574،276 آھي. ھي شھر افغانستان جي اولاھين حصي ۾ هریرود نديءَ (The Hari River) جي زرخيز ماٿريءَ ۾ اڇن جبلن ( Paropamisus Mountains) جي قطار جي ڏکڻ ۾ آباد آھي. صدين کان وٺي ھي شھر شاھراھ ريشم وسيلي وچ اوڀر، وچ ۽ ڏکڻ ايشيا سان ڳنڍيل رھيو آھي[5]. تاريخي طور تي ھي شھر ايران ۽ فارسي ٻوليءَ جي اثر ھيٺ رھيو آھي ان ڪري ھن کي ”افغانستان جو ننڍڙو ايران“ ڪوٺيو وڃي ٿو[6].

ھي شھر اَوِستان (Avestan) دور ۾ قائم ٿيو. وچئين دور ۾ ھي خراسان جي اھم شھرن مان ھڪ ھو ۽ ھن کي ”خراسان جو موتي“ سڏيو ويندو ھو[7]. تيمورلنگ جي دور ۾ ھي شھر علم ۽ ادب جو وڏو گھوارو بنجي ويو. ھن شھر جو شان ۽ شوڪت تيمور لنگ جي پونئر شاھ رخ جي دور ۾ بہ قائم رھيو. تيموري گھراڻي جي بادشاھت ختم ٿيڻ بعد ارڙھين صديءَ ۾ ھي شھر مختلف افغان بادشاھن جي ھٿ ھيٺ رھيو[8]. 1716ع ۾ ھتان جي ماڻھن بغاوت ڪري پنھنجي سلطنت قائم ڪئي جنھن کي ھرات جي سدوزایی سلطنت جو نالو ڏنو ويو. 1732ع ۾ ھي شھر ايران جي افشاريان گھراڻي جي بادشاھت جو حصو بنجي ويو. انھيءَ گھراڻي جي بادشاھ نادر شاھ جي وفات کان پوءِ 1747ع ۾ احمد شاھ درانيءَ ھن شھر کي افغانستان جو حصو بنايو. اوڻويھين صديءَ جي پھرئين اڌ ۾ ھي شھر ھڪ آزاد شھري رياست طور پنھنجو وجود برقرار رکندو آيو ۽ ڪيترائي ڀيرا ايراني حڪمرانن جي حملن جو شڪار ٿيو. 1868ع ۾ ھي شھر ٻيھر افغانستان جو حصو بنجي ويو. 2021ع ۾ ھن شھر کي يونيسڪو جو ثقافتي ورثو قرار ڏنو ويو[9]. 12 آگسٽ 2021ع کان ھي شھر طالبان حڪومت جو حصو آھي[10].

اوائلي تاريخ[سنواريو]

ھرات جو شھر ڪڏھن قائم ٿيو، انھيءَ جو تاريخ جي ورقن تي ڪوبہ رڪارڊ موجود ناھي. اھخامنشي بادشاھت واري دور ۾ ھن شھر جي آسپاس واري علائقي کي پراڻي فارسي ٻوليءَ ۾ ھارائيوا (Haraiva) سڏيو ويندو ھو[11]. ڪجه دستاويزن ۾ ھن علائقي کي ”آريا“ پڻ لکيو ويو آھي. زرتشت مذھب جي لکڻين ۾ ھن خطي کي ھروئيوا (Haroiva) سڏيو ويو آھي. ھن شھر ۽ ضلعي تي ھرات نالو شايد هریرود نديءَ جي ڪري پيو. اھخامنشي بادشاھت واري زماني ۾ آريا ھڪ صوبو ھو. چوڏھين صديءَ جو مشھور موسيقار ۽ جاگرافيدان حمدالله مستوفى قزوینی لکي ٿو تہ ، ”ھرات ھڪ سردار ھو جيڪو نريمان جو مريد ھو ۽ ان ئي ھن شھر جو پايو وڌو ھو“. ھي شھر کنڊرن ۾ بدلجي ويو ھو پر سڪندر اعظم ھن کي ٻيھر آباد ڪيو“[12].

ھيروٽوڊس (Herodotus) لکي ٿو تہ، ”ھرات ڄڻ تہ وچ ايشيا لاءِ مانيءَ جي ڇٻي آھي. 330 قبل مسيح ۾ آريا يقينن ھڪ اھم ضلعو ھو. ھن جو انتظام ستیبارزینس نالي ھڪ اسٽراپ (گورنر) جي ھٿ ھيٺ ھو جيڪو سلطنت جي اوڀر ۾ فارس جي ٽن اھم عھديدارن مان ھڪ ھو. 330 ق.م جي آخر ڌاري سڪندراعظم آريا جي گاديءَ واري شھر کي پنھنجي ھٿ ھيٺ آندو، انھيءَ شھر جو نالو ارٽاڪوانا (Artacoana) ھو. ھن شھر کي ٻيھر آباد ڪيو ويو ۽ ھتي ھڪ قلعو تعمير ڪيو ويو. افغانستان سيليوسڊ (Seleucid Empire) سلطنت جو حصو بنجي ويو“.

تاريخي ذريعا ٻڌائين ٿا تہ ھن شھر جا اڪثر رھواسي زرتشت مذھب جا پوئلڳ ھئا. 167 ق.م ۾ ھي شھر اشڪاني سلطنت (Parthian Empire) جو حصو بنجي ويو. ساساني دورجون ڪجه لکڻيون نقش رستم وٽان مليون آھن جن ۾ ھن شھر جو نالو ھريو (Harēv) ڄاڻايو ويو آھي، جڏھن تہ پھلوي دستاويزن ۾ ھن شھر جو نالو ھري (Hariy) ٻڌايو ويو آھي. ساساني دور جي آخري ٻن صدين ۾ ساسانين کي چيوني (Chionites) ۽ ھفتالي (Hephthalites) قبيلن سان ڪئين ڀيرا جنگ جوٽڻي پئي. اھي قبيلا چوٿين صديءَ جي آخر ۾ افغانستان ۾ اچي آباد ٿيا ھئا.

اسلامي دور[سنواريو]

ستين صدي عيسويءَ جي وچ ڌاري اسلامي لشڪرن ھن علائقي جو رخ ڪيو. انھيءَ زماني ۾ ھرات واري خطي ۾ ساساني حڪومت ڪمزور ٿي چڪي ھئي ۽ ھي علائقو ھفتالي قبيلن جي اثر ھيٺ ھو. 52 -651ع ڌاري جڏھن عربن ھن علائقي تي حملو ڪيو تہ ھتان جي ھفتالي ۽ ترڪ قبيلن عربن سان جنگ ڪئي پر ھو اھا جنگ کٽي نہ سگھيا. 650ع واري ڏھاڪي ۾ جڏھن عرب خراسان واري علائقي ۾ پھتا ان وقت ھرات ساساني سلطنت جي 12 گاديءَ وارن ھنڌن مان ھڪ ھو. مسلمانن جي فتح کان پوءِ بہ ھرات ۾ ڳچ ڀيرا بغاوت ٿي ۽ آخرڪار مسلمان سوڀارا ٿيا. 650ع واري ڏھاڪي ۾ چين جي تانگ بادشاھت بہ ھرات کي فتح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر ھو پنھنجا پير ھتي نہ ڄمائي سگھيا. ايتريقدر جو مسمانن جي مختلف گروپن ۾ بہ ڪجه جهڙپون ٿيون. عباسي خليفن جي دور ۾ ھتي مس مس وڃي امن بحال ٿيو. 870ع ۾ صفاري گھراڻي جي ھڪ مقامي اڳواڻ یعقوب لیث صفاریءَ ھرات ۽ آسپاس جا علائقا فتح ڪيا.

سبڪتگين ۽ سندس وڏي پٽ محمود غزنويءَ جي بادشاھت واري زماني ۾ ھرات جو علائقو سامانيان گھراڻي جي ستين بادشاھ نوح ٽئين جي انتظام ھيٺ ھو. ان وقت ھرات جو گورنر فائَق نالي ھڪ مقامي اڳواڻ ھو. فائق پنھنجي بادشاھ جي خلاف بغاوت ڪئي. ھن خراسان جي بوگرا خان کي ھن شھر تي حملو ڪرڻ جي دعوت ڏني. بوگرا خان شھر تي اچي قبضو ڪيو ۽ سامانيان گھراڻي جي حامين کي بيعزتو ڪري شھر بدر ڪري ڇڏيو. 994ع ۾ بادشاھ نوح ٽئين الپتگين ۽ محمود غزنويءَ سان گڏ فائق کي شڪست ڏني ۽ ھرات، نشاپور ۽ طائوس کي پنھنجي بادشاھت جو حصو بنايو.

ھرات واپار جو ھڪ وڏو مرڪز ھو ڇاڪاڻ جو ھي ڀونوچ سمنڊ کان ھندستان ۽ چين وڃڻ واري رستي تي آباد ھو. عباسي خلافت واري دور ۾ ھي ٽيڪسٽائل صنعت جو وڏو مرڪز ھو. ھي شھر ڪيترن ئي عالمن ۽ مشاھير جو مسڪن رھيو جن مان خواجه عبدالله انصاری بہ ھڪ ھو جنھن کي ماڻھو عقيدت ۽ احترام وچان ھرات جو پير سڏيندا ھئا. ڏھين صدي عيسويءَ ۾ ھي خطي جو ھڪ آسودو شھر ھو جنھن جي چوڌاري مضبوط ڀت ڏنل ھئي. شھر ۾ اندر ھڪ قلعو ۽ شاھي مسجد ٺھيل ھئي. قلعي جا چار دروازا ھئا ۽ ھر دروازي وٽ ھڪ بازار موجود ھئي. سرڪاري عمارتون شھر کان اٽڪل ھڪ ڪلوميٽر ٻاھر خراسان آباد واري علائقي ۾ تعمير ڪيون ويون ھيون. ھتي عيسائين جو گرجا گھر ۽ زرتشت مذھب وارن جو ھڪ مندر بہ موجود ھو.

862ع ۾ صفارين ھرات واري علائقي تي حملا ڪرڻ شروع ڪيا، ان کان اڳ ھتي طاھري گھراڻي جي بادشاھت قائم ھئي. 873ع ۾ طاھري گھراڻي جي بادشاھت جو خاتمو ٿي ويو ۽ ھي شھر صفوي سلطنت جو حصو بنجي ويو. 998ع ۾ سلطان محمود غزنويءَ ھرات سميت خراسان کي پنھنجي بادشاھت ۾ شامل ڪيو. 1030ع ۾ ھن علائقي تي سلجوقي گھراڻي جي بادشاھت قائم ٿي، ان بعد ھتي غوري گھراڻي جا بادشاھ اقتدار جا مالڪ بنيا. ٻارھين صدي عيسويءِ ۾ غوري گھراڻي جي بادشاھت واري دور ۾ ھن شھر چـڱي ترقي ڪئي. ان دور ۾ ھتي 359 ڪاليج، 12000 دڪان ۽ 6000 غسل خانا موجود ھئا. ان کان علاوہ مسافرخانہ ۽ ڪارخانہ بہ ھتي قائم ھئا. ھن شھر ۾ 444،000 گھر آباد ھئا. ھتان جا اڪثر رھواسي سني مسلمان ھئا جيڪي ھر وقت ھٿيار پاڻ سان گڏ کڻي گھمندا ھئا. 1201ع ۾ ھتي ھڪ شاندار مسجد تعمير ڪئي وئي. انھيءَ دور ۾ ھتان جا ٺھيل جست جا ٿانو ملڪان ملڪ مشھور ھئا.

1221ع ۾ چنگيز خان منگول حملو ڪري ھن شھر کي کنڊرن ۾ بدلائي ڇڏيو[13]. 1244ع ۾ منگولن ھتان جي مقامي اڳواڻ شمس الدين ڪرٽ کي ھن خطي جو گورنر مقرر ڪيو. شمس الدين ۽ سندس پونئرن جي دور ۾ ھن شھر جو اوج ٻيھر موٽي آيو، ھتي ڪيتريون ئي مسجدون ۽ ٻيون عمارتون ٺھيون. ھن خاندان جا حڪمران ادب ۽ فن جا وڏا قدردان ھئا ۽ ھن ئي دور ۾ ھرات کي خراسان جو موتي سڏيو ويو[12].

1380ع ۾ ھي شھر تيموري سلطنت جو حصو بنجي ويو. تيموري بادشاھت واري زماني ۾ ھن شھر تمام گھڻي ترقي ڪئي. انھي دور ۾ ھرات کي سلطنت جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو ويو، ھتي ڪئين مذھبي عمارتون ٺھيون ۽ ھي شھر فن، موسيقي، چترڪاري ۽ ثقافتي سرگرمين جو مرڪز بنجي ويو. معاشي طور بہ ھن شھر گھڻي ترقي ڪئي. 1397ع ۾ تيمور جو ننڍو پٽ شاھ رخ ھرات جو گورنر مقرر ٿيو. سندس دور ۾ ھتي ھڪ وڏي شاھي بازار قائم ڪئي وئي ۽ ھي شھر خطي جو ھڪ تمام وڏو واپاري مرڪز بنجي ويو. ھتان جو مشھور گوھر شاد مدرسو بہ انھيءَ دور ۾ قائم ٿيو[11].

1507ع ۾ ازبڪستان جي فوجن ھن شھر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر صفوي گھراڻي جي فرمانروا شاھ اسمائيل کين ھن علائقي مان ڀڄائي ڪڍيو. 1510ع ۾ شملو قزلباش کي ھرات جو گورنر بنايو ويو. صفوي گھراڻي جي بادشاھت واري دور ۾ ھن شھر کي ٻيھر صوبي جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو ويو ۽ ھن گھراڻي جي ڪيترن ئي شھزادن ھن شھر جي گورنر طور ڪم ڪيو. انھيءَ دور ۾ ھرات ايران جي عظيم شھرن ۾ ڳڻيو ويندو ھو.

جديد تاريخ[سنواريو]

ارڙھين صديءَ جي شورعاتي دور ۾ ھتي ابدالي گھراڻي جي حڪومت قائم ھئي. 1747ع ۾ نادر شاھ جي وفات کان پوءِ ھي شھر احمد شاھ درانيءَ فتح ڪيو ۽ ايئن ھي شھر دراني بادشاھت جو حصو بنجي ويو[14]. 1793ع ۾ ھرات ھڪ الڳ رياست جو روپ ڌاريو. 1801ع کان 1837ع تائين تيمور شاھ جي پٽن جي وچ ۾ گھرو ويڙھ ھلندي رھي. 1837ع ۾ ھرات تي ايرانين قبضو ڪيو پر انگريزن جي مدد سان اھو قبضو ڇڏايو ويو. 1856ع ۾ ايران ٻيھر ھن شھر تي قابض ٿيو جنھن جي نتيجي ۾ ايران ۽ انگريزن جي وچ ۾ جنگ لڳي. پيرس ۾ ٿيل ھڪ معادي تحت ايراني فوجن 1857ع ۾ ھرات خالي ڪيو. 26 مئي 1863ع تي دوست محمد خان ھن شھر کي افغانستان جو حصو بنائي ڇڏيو. اوڻويھين صديءَ جي آخر وارن ڏھاڪن ۾ سوويت يونين ھن علائقي تي حملا ڪيا ۽ افغانستان جا ڪجه علائقا سوويت يونين ۾ شامل ڪري ڇڏيا.

1960ع واري ڏھاڪي ۾ ھرات جو ھوائي اڏو قائم ٿيو. 1979ع ۾ سويت فوجون افغانستان ۾ داخل ٿيون ۽ ھي ھوائي اڏو انھن جي استعمال ۾ رھيو. 20 مارچ 1979ع ۾ ھرات ۾ موجود افغاني فوج سوويت يونين جي افغانستان ۾ آمد ۽ مرڪزي حڪومت جي خلاف بغاوت ڪئي. ھزارين ماڻھن مرڪزي حڪومت ۽ روسين خلاف مظاھرا ڪيا ۽ ھنن ھرات ۾ موجود ڪجه روسين ۽ ڪميونسٽن کي شھر نيڪالي ڏئي ڇڏي. نتيجي طور افغانستان جي مرڪزي حڪومت جي فوجن ۽ مقامي ماڻھن جي وچ ۾ خونريز جهڙپون ٿيون جن ۾ ھزارين ماڻھو پنھنجيون حياتيون وڃائي ويٺا. 1980ع واري ڏھاڪي ۾ ھرات تي سوويت فوجن ڪيترائي ڀيرا بمباري ڪئي جنھن سبب شھر کي ڪافي نقصان پھتو. انھن ڏينھن ۾ اسماعيل خان ھرات ۾ مجاھدن جو اڳواڻ ھو.

1992ع ۾ افغانستان ۾ ڪميونسٽ حڪومت جو خاتمو آيو. نئين حڪومت ۾ اسماعيل خان کي ھرات جو گورنر مقرر ڪيو ويو. 5 سيپٽمبر 1995ع تي بنان ڪنھن وڏي مقابلي جي طالبان ھن شھر جو انتظام سنڀالي ورتو ۽ اسماعيل خان ھرات ڇڏي ڀڄي ويو . 12 نومبر 2001ع تي آمريڪي فوجن افغانستان تي قبضو ڪيو ۽ اسماعيل خان کي ٻيھرھرات جو اقتدار مليو. 2004ع ۾ ھڪ قاتلانہ حملي ۾ اسماعيل خان جي پٽ ميرواعظ صادق کي قتل ڪيو ويو. انھيءَ حملي جي الزام ھيٺ ڪئين ماڻھن کي گرفتار ڪيو ويو[15]. 12 آگسٽ 2021ع تي طالبان ٻيھر ھن شھر جو انتظام سنڀالي ورتو ۽ ھن وقت ھي شھر سڄي افغانستان سميت طالبان حڪومت جو حصو آھي.

جاگرافي[سنواريو]

ھي شھر سامونڊي مٿاڇري کان 922 ميٽر (3026 فوٽ) مٿي آباد آھي.

آبادي[سنواريو]

2021ع واري آدمشماريءَ مطابق ھن شھر ۾ 592,902 مانھو رھن ٿا. ھتان جي رھواسين جي اڪثريت فارسي ٻولي ڳالھائي ٿي. پشتو ھتان جي ٻي وڏي ٻولي آھي. ھتي ڪيترين ئي قومن ۽ قبيلن جا ماڻھو آباد آھن جن ۾ تاجڪ، فارسيوان، پختون، ھزارا، ازبڪ ۽ ترڪمين شامل آھن. شھر جا اڪثر ماڻھو سني مسلمان آھن، ٿوري تعداد ۾ شيعا مسلمان بہ ھن شھر جو حصو آھن.

آبھوا[سنواريو]

ھرات جي آبھوا نيم ريگستاني ۽ ٿڌي آھي. مينھن تمام گھٽ وسي ٿو ۽ ٿورو گھڻو سياري ۾ وسي ٿو. اونھاري جي موسم وچٿري رھي ٿي ۽ گھڻي گرمي نٿي پوي. البت سياري جي موسم ۾ سيءُ ڪجه سرس رھي ٿو. مئي کان سيپٽمبر تائين اتر اولھ رخ کان تيز ھوائون لڳن ٿيون. سياري ۾ برفباري ٿئي ٿي پر برف پوڻ شرط ڳري وڃي ٿي.

موسمي رڪارڊ : Herāt
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
وڌ ۾ وڌ رڪارڊ°C (°F) 24.4
(75.9)
27.6
(81.7)
31.0
(87.8)
37.8
(100)
39.7
(103.5)
44.6
(112.3)
50.0
(122)
42.7
(108.9)
39.3
(102.7)
37.0
(98.6)
30.0
(86)
26.5
(79.7)
50
(122)
اوچي پد جي
سراسري°C (°F)
9.1
(48.4)
11.9
(53.4)
17.9
(64.2)
24.0
(75.2)
29.6
(85.3)
35.0
(95)
36.7
(98.1)
35.1
(95.2)
31.4
(88.5)
25.0
(77)
17.8
(64)
12.0
(53.6)
23.79
(74.83)
روزاني سراسري°C (°F) 2.9
(37.2)
5.5
(41.9)
10.2
(50.4)
16.3
(61.3)
22.1
(71.8)
27.2
(81)
29.8
(85.6)
28.0
(82.4)
22.9
(73.2)
16.1
(61)
8.8
(47.8)
4.7
(40.5)
16.21
(61.18)
گھٽ پد جي
سراسري°C (°F)
−2.9
(26.8)
−0.6
(30.9)
3.8
(38.8)
9.1
(48.4)
13.3
(55.9)
18.2
(64.8)
21.2
(70.2)
19.2
(66.6)
13.2
(55.8)
7.4
(45.3)
1.0
(33.8)
−1.4
(29.5)
8.46
(47.23)
گھٽ ۾ گھٽ
رڪارڊ°C (°F)
−26.7
(−16.1)
−20.5
(−4.9)
−13.3
(8.1)
−2.3
(27.9)
0.8
(33.4)
9.7
(49.5)
13.3
(55.9)
8.4
(47.1)
1.3
(34.3)
−5.6
(21.9)
−12.8
(9)
−22.7
(−8.9)
−26.7
(−16.1)
سراسري پرسپييئيشن mm (انچ) 51.6
(2.031)
44.8
(1.764)
55.1
(2.169)
29.2
(1.15)
9.8
(0.386)
0.0
(0)
0.0
(0)
0.0
(0)
0.0
(0)
1.7
(0.067)
10.9
(0.429)
35.8
(1.409)
238.9
(9.405)
Average rainy days 6 8 8 7 2 0 0 0 0 1 3 5 40
برفاني ڏينھن
جي سراسري
2 2 1 0 0 0 0 0 0 0 0 1 6
نسبتي گھم جي سراسري

(%)

72 69 62 56 45 34 30 30 34 42 55 67 49.7
اس جي ماھوار
وقت جي سراسري
149.3 153.5 202.5 235.7 329.6 362.6 378.6 344.8 323.2 274.0 235.0 143.1 ٣٬١٣١٫٩
Source #1: NOAA (1959–1983)[16]

ذريعو #2: Ogimet[17]

ڏسڻ جھڙيون جايون[سنواريو]

ھتي سياسي، سماجي، واپاري ۽ فوجي لاڳاپن برقرار رکڻ لاءِ پاڪستان، ھندستان ۽ ايران جون ڪائونسليٽ آفيسون قائم آھن . شھر ۽ ان جي آسپاس ڪيتريون ئي ڏسڻ جھڙيون جايون موجود آھن جن مان ھيٺيون خاص ڌيان جي لائق آھن:

  • شھر نئو (نئون شھر)
  • ولايت (گورنر ھائوس)
  • قول اوردو (فوجي ڇانوڻي)
  • دروازہ خوش
  • چھار سو
  • پلِ رنگيني
  • تختِ سفر
  • حوضِ ڪرباس
  • برامان
  • دروازہ قنڌار
  • دروازہ عراق
  • دروازہ ات ڪردستان

پارڪ[سنواريو]

  • تراڪي پارڪ
  • ملت پارڪ
  • خانہ جھاد پارڪ

يادگار[سنواريو]

  • ھرات جو قلعو جنھن کي اختيارالدين جو قلعو پڻ سڏيو وڃي ٿو.
  • مسلا ڪامپليڪس
  • ھرات جا پنج مينار

عجائب گھر[سنواريو]

  • ھرات جو عجائب گھر (ھي ھرات قلعي اندر قائم ٿيل آھي)
  • جھاد عجائب گھر

يادگار، مقبرا ۽ مزارون[سنواريو]

  • گوھر شاد جو مقبرو
  • خواجہ عبداللّٰہ انصاريءَ جو روضو
  • جاميءَ جو مقبرو
  • خجي قلتان جو مقبرو
  • ميرواعظ صادق جو مقبرو
  • يھودين جو قبرستان

مسجدون[سنواريو]

  • جامع مسجد
  • گذرگاھ شريف
  • خلغي شريف
  • شھزادہ مسجد

اسٽيڊيم[سنواريو]

  • ھرات اسٽيڊيم
  • ھرات ڪرڪيٽ جو ميدان

اعليٰ تعليم جا ادارا[سنواريو]

  • ھرات يونيورسٽي

حوالا[سنواريو]

  1. "Hadith - Book of Tribulations - Sunan Ibn Majah - Sunnah.com - Sayings and Teachings of Prophet Muhammad (صلى الله عليه و سلم)". sunnah.com. وقت 2020-11-12 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2020-12-24.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  2. "Archived copy" (PDF). وقت 2017-03-12 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 2018-01-25.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. "Estimated Population of Afghanistan 2021-22" (PDF). National Statistic and Information Authority (NSIA). وقت June 24, 2021 تي اصل (PDF) کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل June 21, 2021.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  4. "Afghanistan: Herat's Treasures Can't Compensate For Atmosphere Of Fear". RadioFreeEurope/RadioLiberty. حاصل ڪيل 2022-02-17. 
  5. Samimi S.A.B., Ando T., Kawish K., A Study on the Transformation of Herat Old City, Journal of Architecture and Planning, Vol. 82, No. 735, pp. 1367-1365, May 2017.
  6. Gall, Carlotta (2017-08-05). "In Afghanistan, U.S. Exits, and Iran Comes In" (en-US ۾). The New York Times. ISSN 0362-4331. https://www.nytimes.com/2017/08/05/world/asia/iran-afghanistan-taliban.html. 
  7. "Wayback Machine". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-02-17. 
  8. Singh G., Ahmad Shah Durani: Father of Afghanistan, Gosha-e-Adab : sole distributers Nisa traders, 1977.
  9. "Herat City to Be Listed as UNESCO World Heritage Site". TOLOnews. حاصل ڪيل 2022-02-17. 
  10. "Taliban take Herat, Afghanistan's third-largest city, as they push towards Kabul". Sky News. حاصل ڪيل 2022-02-17. 
  11. 11.0 11.1 "Silk Road Seattle - HERAT". depts.washington.edu. حاصل ڪيل 2022-02-19. 
  12. 12.0 12.1 Ḥamd-Allāh Mustawfī of Qazwīn (1340). "The Geographical Part of the NUZHAT-AL-QULŪB". Translated by Guy Le Strange. Packard Humanities Institute. Archived from the original on 2013-07-26.
  13. "Herat | Silk Roads Programme". en.unesco.org. حاصل ڪيل 2022-02-19. 
  14. Singh, Ganda (1959). Ahmad Shah Durrani, father of modern Afghanistan Archived 2016-05-15 at the Wayback Machine. Asia Publishing House, Bombay. (PDF version 66 MB Archived February 7, 2013, at the Wayback Machine)
  15. "More arrests after Herat killing" (en-GB ۾). 2004-03-25. http://news.bbc.co.uk/2/hi/south_asia/3567277.stm. 
  16. "Herat Climate Normals 1959-1983". National Oceanic and Atmospheric Administration. حاصل ڪيل December 25, 2012. 
  17. "40938: Herat (Afghanistan) Synop Summary". G. Ballester Vallor. وقت July 21, 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل July 21, 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)