سائرس اعظم جو ڏھاڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ھي ڏھاڙو اھڪمنيڊ سلطنت جي باني ۽ ايران جي عظيم بادشاھ سائرس اعظم جي ياد ۾ ملھايو وڃي ٿو. ھي ڏھاڙو ايران ۾ پراڻي شمسي ھجري ڪئلينڊر ۾ آبان مھيني جي ستين تاريخ ۽ عيسوي ڪئلينڊر مطابق 29 آڪٽوبر تي غير سرڪاري طور تي ملھايو وڃي ٿو. ھن ڏينھن تي 539 ق.م ۾ سائرس اعظم ھڪ فاتح جي حيثيت ۾ بابل جي شھر ۾ داخل ٿيو ھو ۽ سندس عظيم الشان آڌرڀاءُ ڪيو ويو ھو[1]. ھن ڏينھن تي ايران جا ماڻھو سائرس اعظم جي مقبري تي گڏ ٿي کيس خراج تحسين پيش ڪندا آھن. سائرس جو مقبرو ايران جي مشھور شيراز شھر کان اٽڪل 60 ميل اتر اولھ ۾ پاسارگاد جي کنڊرن ۾ موجود آھي. ايراني ھن ڏھاڙي کي روز ڪوروش بزرگ سڏين ٿا.

تاريخ[سنواريو]

ھن ڏھاڙي ملھائڻ جي شروعات 2000ع واري ڏھاڪي ۾ ٿي. مختلف تنظيمن ۽ سوشل ميڊيا گروپن جي اپيلن ۽ ڪوششن سان ھن ڏھاڙي ملھائڻ جي شروعات ٿي[2]. ھن ڏينھن کي سرڪاري ڏھاڙي طور ملھائڻ جو مطلبو ٿيندو رھيو آھي. 2017ع ۾ شيراز ضلعي مان چونڊيل ايراني پارليامينٽ جي ميمبر بھرام پارسي اسيمبليءَ جي فلور تي مطالبو ڪيو تہ ھن ڏينھن کي سرڪاري سطح تي ملھايو وڃي. 28 آڪٽوبر 2016ع جمع جي ڏينھن سائرس اعظم جي مقبري تي ھزارين ماڻھو گڏ ٿيا جن ۾ ڪرد، ايراني عرب ۽ ٻيا ڪيترائي ماڻھو شامل ھئا. ھنن ھن ڏھاڙي کي سرڪاري سخح تي ملھائڻ جو مطالبو ڪيو ۽ حڪومت خلاف نعريبازي ڪئي[3]. آڪٽوبر 2017ع تي عام ماڻھن جي ھن مقبري تي حاضريءَ تي بندش وڌي وئي. البت سرڪاري طور تي انھيءَ بندش جي ترديد ڪئي وئي. آڪٽوbر 2021ع تي بہ سرڪار پاران ھن مقبري کي عام ماڻھن لاءِ بند ڪيو ويو ھو[4].

حوالا[سنواريو]

  1. "‘Cyrus the Great’ enters Iranian politics - Al-Monitor: The Pulse of the Middle East". www.al-monitor.com. حاصل ڪيل 2022-01-01. 
  2. Menahem Merhavi (16 January 2017). "Cyrus Day – A Tradition in the Making". Iran Pulse Heading. Tel Aviv: The Alliance Center for Iranian Studies. 5 (80). Archived from the original on 7 November 2017.
  3. "Former Political Prisoner Arrested at “Cyrus Day” Celebration". Center for Human Rights in Iran. حاصل ڪيل 2022-01-01. 
  4. "Iranians Barred From Marking Cyrus Day By Visiting His Tomb". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-01-01.