ايرانشهر، ايران

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Iranshahr
ايرانشهر
شھر
نصري قلعو
نصري قلعو
Iranshahr is located in Iran
Iranshahr
Iranshahr
جاگرافي بيهڪ: 27°12′09″N 60°41′05″E / 27.20250°N 60.68472°E / 27.20250; 60.68472مڪانيت: 27°12′09″N 60°41′05″E / 27.20250°N 60.68472°E / 27.20250; 60.68472
ملڪ  ايران
صوبو سيستان ۽ بلوچستان صوبو
شھرستان ايرانشھر
ضلعو مرڪزي
آبادي (2916ع واري آدمشماري)
 • ڪل 113,750 [1]
Naseri Castel, Iran, Iran
نصري قلعو, ايرانشھر, ايران

ايرانشھر (فارسي: ايرانشهر, بلوچي: اڃرانشهر, انگريزي: Iranshahr) ايران جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان جو ھڪ شھر آھي جيڪو ايرانشھر شھرستان (County) جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 113,750 آھي. ھن شھر جا اڪثر رھواسي بلوچ آھن ۽ بلوچي ٻولي ڳالھائين ٿا. 1935ع کان پھرين ھن شھر جو نالو پھرھ ھو. لفظ پھرھ جي معنيٰ آھي پھرو يا چوڪيداري[2]. 1941ع ڌاري رضا شاھ پھلويءَ ھن شھر جو نالو ايرانشھر رکيو. ھي شھر سامونڊي مٿاڇري کان 591 ميٽر مٿي آباد آھي. ھي زاھدان ۽ زابل کان پوءِ صوبي جو ٽيون وڏو شھر آھي.

ھي اھو تاريخي ھنڌ آھي جتي سڪندراعظم سنڌ مان موٽڻ بعد جشن ملھايو ھو ۽ پنھنجي ڇڙوڇڙ ٿيل فوج کي ٻيھر گڏ ڪيو ھو.

ھي شھر سيستان ۽ بلوچستان صوبي جي مرڪز ۾ آباد آھي. ھن جي اتر ۾ زاھدان، اولھ ۾ بمپور، اوڀر ۾ مگسر ۽ ڏکڻ ۾ چابھار بندر موجود آھي. ھي شھر زاھدان جي ڏکڻ اولھ ۾ 333 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي زاھدان کان چابھار ويندڙ شاھراھ تي قائم آھي. ھتان جي معيشيت ۾ زراعت، چوپايو مال ۽ ھٿ جا ھنرشامل آھن. ھن شھر جي پسگردائيءَ ۾ ڪافي خانہ بدوش ماڻھو ڪاري رنگ جي خيمن ۽ کجيءَ جي ٿڙ ۽ پنن مان ٺھيل جھوپڙين ۾ رھن ٿا. ھو ٻڪرين ۽ رڍن جا ڌڻ پالين ٿا. ھي شھر پنھنجي ھٿ جي ھنرن جي ڪري ملڪان ملڪ مشھور آھي. ھتي اعليٰ قسم جا غاليچا، تڏا ۽ ڀرت جو ڪم ٿئي ٿو جيڪو سڄي دنيا ۾ مشھور آھي[3].

ھن علائقي جي رھواسين کي ٻن گروپن ۾ ورھائي سگھجي ٿو: اتريان بلوچي ۽ ڏاکڻيان بلوچي. ڏاکڻئين علائقي ۾ رھندڙ بلوچن کي مڪراني ڪوٺيو وڃي ٿو. ھتي مري ۽ لغاري بلوچ بہ چڱي تعداد ۾ رھن ٿا.

ھن شھر ۾ ڪيتريون ئي ڏسڻ جھڙيون جايون موجود آھن جن مان ڪجهه ھيٺ ڏجن ٿيون:

  • ناصري قلعو: مٽيءَ ۽ گاري مان ٺھيل ھي قلعو ھن صوبي جي وڏن قلعن مان ھڪ آھي.[4]
  • ڪرمانچي غار: ھيءَ غار ايرانشھر ويجھو ڪرمانچي ڳوٺ ۾ موجود آھي. ھن غار ۾ ڪوبہ پائيءَ جو چشمو وغيرہ ناھي. غار اندر تمام گھڻا چمڙا رھن ٿا[5].
  • ھامون ڍنڍ[6]
  • بزمان جبل

حوالا[سنواريو]

  1. "Statistical Center of Iran > Home". 
  2. "معنی پهره | فرهنگ فارسی معین". www.vajehyab.com. حاصل ڪيل 2022-02-04. 
  3. 10. "ثبت شهر ملی سوزن دوزی حاصل هنر زنان بلوچ است". ایرنا (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-02-04. 
  4. "قلعه ناصری نگین درخشان ایرانشهر - ایرنا". www.irna.ir. حاصل ڪيل 2022-02-04. 
  5. "غار کرمانجی - نمایش محتوای تولیدات ویژه - صدا و سیمای سیستان و بلوچستان". zahedan.irib.ir. حاصل ڪيل 2022-02-04. 
  6. "کاش می‌شد این آب را ذخیره کرد". همشهری آنلاین (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-02-04.