ٻارمير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

ٻارمير (انگريزي: Barmer) يا ٻاڙمير ھندستان جي راجسٿان رياست جو ھڪ شھر آھي. ھي شھر ٻارمير تعلقي ۽ ضلعي جو ھيڊڪوارٽر آھي ۽ پاڪستان جي کوکرا پار واري سرحد کان اٽڪل 128 ڪلوميٽر اوڀر ۾ آباد آھي. جيسلمير ھتان کان اٽڪل 156 ڪلوميٽر اتر ۾ موجود آھي.

ھن شھر جون اجرڪون ۽ رليون سڄي ھندستان ۾ مشھور آھن. ڀرت جو ڪم بہ ڪافي مشھور آھي[1].

ٻارھين صدي عيسويءَ ۾ بارمير واري علائقي کي ملاڻي (Mallani) پرڳڻو سڏيو ويندو ھو. ھن علائقي تي اھو نالو راوت مليناٿ (Rawat Mallinath) جي ياد ۾ رکيو ويو ھو، جيڪو چوڏھين صدي عيسويءَ ۾ ھتان جو چڱومڙس، بزرگ ۽ دلير ماڻھو ھو. اڳتي ھلي ھتان جي راجا بار رائو جي نالي پٺيان ھن شھر ۽ علائقي تي بارمير نالو پيو. انھيءَ راجا ھاڻوڪي بارمير شھر کان 25 ڪلوميٽراڀرندي پاسي جونا نالي ھڪ ننڍڙو شھر وسايو ھو. بار رائو جي وفات کان پوءِ سندس پونئرن ۾ خانداني جھڳڙا ۽ اقتدار جي جنگ شروع ٿي وئي. 1552ع ۾ راوت ڀيما جونا شھر کي ڇڏي بارمير جو پايو وڌو ۽ ھن شھر کي پنھنجي رياست جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو. راوت ڀيما ھتي ھڪ قلعو تعمير ڪرايو جنھن کي راوت ڳڙھ سڏيو وڃي ٿو. ھن قلعي جي اوچائي 676 فوٽ آھي[2]. بارمير رياست اصل ۾ راوت ڀيما جي پنھنجي جاگير ھئي ۽ ھو ھڪ روايتي راجا جي بجاءِ پنھنجي علائقي جو ھڪ وڏو جاگيردار ھو.

1971ع واري پاڪستان ھندستان جنگ کان پوءِ ٿر جا ڪيترائي ھندو سنڌي سنڌ مان لڏي وڃي ٻارمير شھر ۾ آباد ٿيا ھئا. مرحوم ذوالفقار علي ڀٽي ٽن ماڻھن جي ھڪ ڪاميٽي جوڙي ھئي تہ اھي ٻارمير وڃي سنڌ مان لڏي ويل ماڻھن کي وطن واپس اچڻ جي دعوت ڏين ۽ کين يقين ڏيارين تہ ساڻن ڪا بيواجبي نہ ٿيندي. انھيءَ ڪاميٽيءَ ۾ راڻا ڀڳونداس، پير غلام رسول شاھ جيلاني ۽ مير علي بخش خان ٽالپر شامل ھئا[3]. ھي ٽئي ڄڻا ھيليڪاپٽر ذريعي ٻارمير پھتا جتي راڻا ڀڳوانداس ۽ پير غلام رسول شاھ جيلانيءَ ڀٽي صاحب جو پيغام انھن تائين پھچايو ۽ کين وطن واپس اچڻ جي نينڍ ڏني، پر مير علي بخش خان ٽالپر سنڌي ھندن کي ٻڌايو تہ پاڪستان ۾ ھنن کي ڪي بہ سھولتون نہ ملنديون انڪري بھتر آھي تہ ھو اتي ئي رھي پون ۽ پاڪستان واپس نہ اچن. چون ٿا تہ لڏي ويل سنڌي ھندن مير صاحب جي صلاح کي وزن ڏيندي واپس نہ ورڻ جو فيصلو ڪيو[3].

حوالا[سنواريو]

  1. India, Magik. "Barmer, an authentic city in the Thar Desert". MAGIK INDIA. حاصل ڪيل 2022-04-14. 
  2. "Barmer Tourism: Places to visit in Barmer - Rajasthan Tourism". www.tourism.rajasthan.gov.in. حاصل ڪيل 2022-04-14. 
  3. 3.0 3.1 ڪامريڊ مير محمد ٽالپر(1997ع): آديسي اٿي ويا، ٽنڊو ڄام، سنڌ، پاڪستان، صفحو 18 کان 19.