ايبرڊين

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
اسڪاٽلينڊ جي نقشي ۾ ايبرڊين جي بيھڪ
ايبرڊين جو سامونڊي ڪنارو
ايبرڊين بندرگاھ
ميريشل (Marischal) ڪاليج

ايبرڊين (انگريزي: Aberdeen) اسڪاٽلينڊ جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون نمبر وڏو شھر آھي ۽ ھن جي آبادي 220000 کان مٿي آھي[1]. ھيءُ شھر اسڪاٽلينڊ جي اترئين ساحل تي ڊي (Dee) ۽ ڊون (Don) ندين جي ڪنارن تي آباد آھي. ھي شھر ايڊنبرا کان 190 ڪلوميٽر ۽ لنڊن کان اٽڪل 650 ڪلوميٽر اتر ۾ واقع آھي. ھيءُ ملڪ جو مصروف بندرگاھہ آھي. ماھيگيري، گرينائيٽ جي پيداوار، ڪپڙي ۽ ڪاغذ ٺاھڻ جا ڪارخانا ۽ جھازرانيءَ جو سامان ھتان جي مکيہ صنعتن ۾ شمار ٿين ٿا. 1970ع واري ڏھاڪي ۾ ھن شھر ويجھو اترئين سمنڊ مان تيل ۽ گئس جا وڏا ذخيرا ھٿ آيا ان ڪري ھي شھر برطانيہ ۽ يورپ ۾ تيل ۽ گئس جي پيداوار جو ھڪ وڏو مرڪز بنجي ويو آھي ۽ ايبرڊين بندرگاھہ يورپ جي مصروف ترين بندرگاھن جي قطار ۾ شامل ٿي ويو آھي[2]. ساڳيءَ طرح ھتان جو ھيلي پورٽ ھيليڪاپٽرن جي آمدورفت لاِءِ دنيا جو انتھائي مصروف ھيلي پورٽ آھي. ھي شھر اسڪاٽلينڊ جي ٻين شھرن ۽ ٻيٽن سان روڊ ۽ ريل جي رستي ڳنڍيل آھي. ھتي ھڪ بين الاقوامي ھوائي اڏو پڻ آھي.

تاريخ[سنواريو]

ايبرڊين واري علائقي ۾ پھريون انساني وسنديون اڄ کان گھٽ ۾ گھٽ 8000 سال اڳ قائم ٿيون. ايبرڊين جو موجودہ شھر ٻن پراڻين وسندين جي ميلاپ سان وجود ۾ آيو آھي. انھن مان ھڪ وسندي ڊون نديءَ جي ڪناري تي آباد ھئي جنھن کي ھاڻي پراڻو ايبرڊين ڪوٺيو وڃي ٿو. ٻي وسندي ڊي نديءَ جي ڪناري تي مھاڻن جو ھڪ ڳوٺ ھئي جيڪو ھاڻي نئين ايبرڊين جو حصو آھي[3]. شھر جو وڏو حصو ايبرڊينشائر (Aberdeenshire) ڪائونٽي ۾ شامل آھي جڏھن تہ ڏکڻ وارو ٿورو حصو ڪنڪارڊائينشائر (Kincardineshire) ڪائونٽي جو حصو آھي. پراڻي ايبرڊين جو بنياد 580ع ڌاري پيو جنھن کي 1336ع ۾ انگريزن حملو ڪري تباھيءَ جي ڪناري تي پھچائي ڇڏيو ھو. 1489ع ۽ 1498ع وارن معاھدن تحت ھن وسنديءَ کي آزادي ڏني وئي ۽ ھن جو انتظام گرجاگھر جي پادرين حوالي ڪيو ويو. موجودہ شھر جو بنياد 1891ع ڌاري پيو[4]. ٻي عالمي جنگ ۾ جرمنيءَ طرفان ھن شھر تي 32 حملا ڪيا ويا. سڀ کان موتمار حملو 21 اپريل 1943ع ۾ ٿيو جنھن ۾ 98 عام شھري ۽ 27 فوجي اجل جو شڪار ٿيا ۽ 9668 گھر ڊھي پٽ ٿي ويا.

انتظامي معاملا[سنواريو]

شھر جا انتظامي معاملا ”ايبرڊين سٽي ڪائونسڪل“ ھلائي ٿي. ڪائونسل جي اڳواڻ کي لارڊ پرووسٽ (Lord Provost) ڪوٺيو وڃي ٿو. شھر کي انتظامي طور 45 تڪن ۾ ورھايو ويو آھي. ھر تڪ جو انتظام ڪائونسلر جي ھٿ ۾ ھوندو آھي. برطانوي پارليامينٽ ۾ ايبرڊين جون ٽي سيٽون آھن. اسڪاٽلينڊ اسيمبليءَ ۾ بہ ٽي ميمبر ايبرڊين جي نمائندگي ڪن ٿا. ست وڌيڪ ميمبر ايبرڊين سميت سڄي اتر اوڀر اسڪاٽلينڊ جي نمائندگي ڪن ٿا. يورپي پارليامينٽ ۾ ڇھ ميمبر ھن شھر جي نمائندگي ڪن ٿا.

تعليم[سنواريو]

ھتي ٻہ يونيورسٽيون قائم آھن. ”ايبرڊين يونيورسٽي“ جو 1495ع ۾ بنياد رکيو ويو جڏھن تہ ”رابرٽ گورڊن يونيورسٽي“ 1992ع ۾ قائم ٿي. ھي ٻئي يونيورسٽيون دنيا جي ساک وارين يونيورسٽين ۾ شمار ٿين ٿيون. ھتي ڪيترائي ڪاليج پڻ آھن جن ۾ اتر اوڀر اسڪاٽلينڊ ڪاليج (North East Scottish College)، اسڪاٽلينڊ جو زرعي ڪاليج (Scottish Agricultural College)، ميرين ليبارٽري (Marine Laboratory)، ميڪالي لينڊ يوز ريسرچ انسٽيٽيوٽ (Macaulay Land Use Research Institute) ۽ روويٽ ريسرچ انسٽيٽيوٽ (Rowett Research Institute) خاص ذڪر جي لائق آھن. ڊراما ۽ موسيقيءَ جي سکيا لاءِ ايبرڊين ڪاليج آف پرفارمنگ آرٽس (Aberdeen Performing Arts College of) ۾ داخلا وٺي سگھجي ٿي. ھن وقت (ڊسمبر 2019ع جي انگن اکرن موجب) شھر ۾ ٻارھن سيڪنڊري اسڪول ۽ 54 پرائمري اسڪول ڪم ڪري رھيا آھن.

تھذيب ۽ ثقافت[سنواريو]

ھن شھر ۾ ڪيترائي عجائب گھر ۽ ٻيون ڏسڻ جھڙيون جايون آھن جيڪي ھتان جي تھذيب ۽ ثقافت جي چٽي تصوير پيش ڪن ٿيون. ايبرڊين آرٽ گيلري ۾ اسڪاٽلينڊ جي قديم ۽ جديد چترڪاريءَ جو وڏو ذخيرو موجود آھي[5]. ھتي چانديءَ ۽ شيشي تي ٿيل چٽساليءَ جا نمونا پڻ رکيل آھن. ايبرڊين ميري ٽائيم ميوزيم ۾ ھتان جي جھازراني، ماھيگيري ۽ مھاڻن جي رھڻي ڪرڻيءَ جو چٽو عڪس نظر اچي ٿو. ”گورڊن ھائيلينڊ ميوزيم“ فوجي سازوسامان، فوجي پوشاڪن، جنگ ۾ استعمال ٿيندڙ ھٿيارن ۽ اھڙين ٻين شين سان واسطو رکي ٿو. ميريشل ميوزيم ۾ ايبرڊين يونيورسٽيءَ جا 80000 کان بہ وڌيڪ نوادرات رکيل آھن جن ۾ مصوري، چترڪاري ۽ آثارقديمہ وغيرہ سان واسطو رکندڙ شيون شامل آھن. ڪنگس ميوزيم ھڪ ننڍو عجائب گھر آھي جنھن ۾ قومي ۽ تاريخي اھميت واريون شيون رکيل آھن.

ھتي ڪيترائي ميلا ۽ تقريبون بہ منعقد ٿين ٿيون. ھتي ڪيتريون ئي ھوٽلون، قھوہ خانہ، بازارون، ڪلب، موسيقيءَ جا ھال، ٿيٽر۽ سئنيما گھر موجود آھن جتي دل وندرائي سگھجي ٿي[6]. جبلن جي لاھين چاڙھين تي ٻڌل ھن شھر ۾ ڪيتريون ئي شاندار عمارتون، پارڪ، باغيچا ۽ من موھيندڙ سامونڊي ڪنارو آھي جتي چھل قدمي ڪري سگھجي ٿي. اونھاري جي موسم ۾ رنگبرنگي گل، ٻوٽا ۽ چھچ ساوا ميدان ھتان جي قدرتي خوبصورتيءَ کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيندا آھن. سياري جي برفباري ۽ پن ڇڻڻ جي موسم جي ھڪ الڳ سونھن ھوندي آھي. ھتي جي سونھن ۽ سندرتا ڏسڻ لاءِ دنيا جا ڪئين سياح ھن شھر ۽ ان جي آسپاس وارن علائقن جو رخ ڪن ٿا.

فوٽ بال ھتي جي سڀ کان پسنديدہ راند آھي ۽ ”ايبرڊين فوٽ بال ڪلب“ ھتان جي مشھور فوٽ بال ٽيم آھي جنھن اسڪاٽلينڊ ۽ يورپ ۾ چڱي ڪاميابي ماڻي آھي. خاص طور تي 1980ع واري ڏھاڪي ۾ ھن ٽيم ڪافي ڪاميابيون ماڻيون. رگبي، گولف، گھوڙي سواري، تيراڪي، آئيس ھاڪي، بوٽنگ ۽ ٻيون رانديون پڻ کيڏيون وڃن ٿيون[7].

حوالا[سنواريو]

  1. "Aberdeen – Travel guide at Wikivoyage". en.wikivoyage.org. حاصل ڪيل 2019-12-25. 
  2. "Invest Aberdeen - Facts and Literature". web.archive.org. حاصل ڪيل 2019-12-25. 
  3. "Aberdeen Feature Page on Undiscovered Scotland". www.undiscoveredscotland.co.uk. حاصل ڪيل 2019-12-25. 
  4. "Aberdeen | History, Facts, Oil Industry". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2019-12-25. 
  5. "Wayback Machine". web.archive.org. حاصل ڪيل 2019-12-25. 
  6. "About Aberdeen - University of Aberdeen". web.archive.org. حاصل ڪيل 2019-12-25. 
  7. "Aberdeen | History, Facts, Oil Industry". Encyclopedia Britannica. حاصل ڪيل 2019-12-25.