مواد ڏانھن هلو

ڪابل

بيھڪ: 34°31′31″N 69°10′42″E / 34.52528°N 69.17833°E / 34.52528; 69.17833
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪابل
کابل
Metropolis and municipality
گھڙيال جي سوئيءَ واري رخ ۾ مٿان کاٻي پاسي کان: ڪابل ندي، عبدالرحمان خان جو مقبرو، پسمنظر ۾ باغ بالا محل، ڪابل شھر، سخيءَ جي مزار
عرفيت: وچ ايشيا جو پئرس
جاگرافي بيهڪ: 34°31′31″N 69°10′42″E / 34.52528°N 69.17833°E / 34.52528; 69.17833
ملڪ افغانستان
صوبو ڪابل صوبو
ضلعن جو تعداد 22
گاديءَ جو ھنڌ بنيو 1776
حڪومت
 • قسم ميونسپالٽي
 • ميئر حمداللّٰہ نعماني
 • ڊپٽي ميئر مولوي عبدالرشيد
پکيڙ
 • ڪل 1,028.24 ڪ.م2 (397.01 ميل2)
 • زميني 1,028.24 ڪ.م2 (397.01 ميل2)
 • آبي 0 ڪ.م2 (0 ميل2)
بلندي 1,791 ميل (5,876 ft)
آبادي (2021)
 • ڪل 4,601,789

ڪابل (انگريزي: Kabul) افغانستان جي گاديءَ جو ھنڌ ۽ سڀ کان وڏو شھر آھي. ھي افغانستان جي ڪابل صوبي ۾ آباد آھي ۽ 2021ع وارن انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 4.6 ملين آھي[1]. ھن شھر کي افغانستان جو سياسي، ٿقافتي ۽ معاشي مرڪز چئجي تہ غلط نہ ٿيندو[2]. ھي شھر سامونڊي مٿاڇري کان 1790 ميٽر (5873 فوٽ) اوچائيءَ تي ھندوڪش جبلن ۽ ڪابل نديءَ جي وچواري ماٿريءَ ۾ وسيل آھي. تاريخي طور ھي شھر 3500 سالن کان بہ وڌيڪ پراڻو آھي ۽ اھخامشي سلطنت جو حصو رھيو. جيڪڏھن ويٽنام جي شھر ھنوئي کان ترڪيءَ جي شھر استنبول تائين سفر ڪجي تہ ھي شھر بلڪل وچ تي ايندو. جڳ مشھور ريشم شاھراھ ھن شھر وٽان گذري ٿي. اھا شاھراھ ڏکڻ ايشيا کي مرڪزي ايشيا سان ملائي ٿي. صدين کان ھيءَ شاھراھ سنڌو ماٿريءَ کان وٺي افغانستان، ايران ۽ وچ ايشيا جي رياستن وچ ۾ واپاري لاڳاپن جو اھم ذريعو رھي آھي[3]. ھن شھر تي مختلف گھراڻن جي بادشاھن حڪومت ڪئي. سورھين صدي عيسويءَ ۾ ھي اونھاري جي موسم ۾ مغل سلطنت جي گاديءُ جو ھنڌ رھيو[4]. جڏھن ايران جي بادشاھ نادر شاھ ھندستان تي ڪاھ ڪئي تہ ڪابل بہ سندس سلطنت جو حصو بنجي ويو. 1747ع ۾ ھتي دراني گھراڻي جي بادشاھت قائم ٿي. 1776ع ۾ تيمور شاھ درانيءَ ھن شھر کي افغانستان جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو. اوڻويھين صديءَ ۾ ھي شھر انگريزن جي ھٿ ھيٺ آيو پر ٿوري ئي عرصي ۾ انگريزن کي ھي شھر ڇڏڻو پيو.

ڪابل پنھنجي تاريخي باغن، بازارن ۽ عظيم الشان عمارتن جي ڪري سڄي دنيا ۾ مشھور آھي. ھن شھر کي ”وچ ايشيا جو پئرس“ سڏيو وڃي ٿو[5]. ڪابل جي قسمت جو ستارو 1979ع کان گردش ۾ آھي. 1979ع ۾ سوويت يونين جي فوجي بوٽن ھن شھر جي امن ۽ سونھن کي داغدار بنائي ڇڏيو. 1990ع ۾ مختلف قبيلن جي پاڻ ۾ لڙاين ھن شھر کي تباھيءَ جي ڪناري تي پھچائي ڇڏيو. 2001ع ۾ آمريڪا ۽ انھن جون اتحادي فوجون ھتي ڪاھي آيون. 2021ع کان ھتي طالبان حڪومت ڪري رھيا آھن.

تاريخ

[سنواريو]

اسلام کان اڳ وارو دور

[سنواريو]

اھا خبر نہ پئجي سگھي آھي تہ ھي شھر ڪنھن ۽ ڪڏھن آباد ڪيو. اھو بہ پڪ سان نٿو چئي سگھجي تہ ڪابل نالي جي معنيٰ ڇا آھي ۽ اھو نالو شھر تي ڪيئن پيو. مشھور ڪتاب رگويد 1500 ق.م کان 1200 ق.م جي وچ ۾ لکيو ويو، انھيءَ ڪتاب ۾ بہ ڪابل ندي ۽ ان جي ڪناري تي ڪڀا (ۡKubha) نالي ھڪ وسنديءَ جو ذڪر ٿيل آھي[6]. شايد ڪُڀا ڪابل جو پراڻو نالو آھي. تاريخ ٻڌائي ٿي تہ 678 ق.م کان 549 ق.م اولھ ۽ اتر ايران واري علائقي ۾ ماد سلطنت (Median Empire) قائم ھئي جنھن ۾ ڪابل سميت افغانستان جا ڪجهه علائقا بہ شامل ھئا. 549 ق.م ۾ سائرس اعظم ھن سلطنت کي پنھنجي اھخامنشي سلطنت جو حصو بنائي ڇڏيو. ان زماني ۾ ڪابل جا ماڻھو زرتشت مذھب جا پوئلڳ ھئا، بعد ۾ ھتي ٻڌ ۽ ھندو مذھب متعارف ٿيو[7]. اھخامشي بادشاھ دارا اعظم (the Great Darius ) جي مقبري تي ھڪ پٿر تي لکيل آھي تہ ڪابل اھخامشي سلطنت جي 29 ملڪن مان ھڪ آھي[8]. اھخامشي سلطنت جي خاتمي کان پوءِ ڪابل سڪندراعظم جي قبضي ۾ آيو جنھن جي وفات کان پوءِ سندس جنرل سيليوسس (Seleucus) بادشاھ بنيو ۽ ايئن ڪابل سيليوسڊ (Seleucus) سلطنت جو حصو بنجي ويو. 305 ق.م ۾ ھن سلطنت جون حدون سنڌو ماٿريءَ تائين ڦھليل ھيون.

230ع ۾ ھي شھر ساساني سلطنت جو حصو بنجي ويو. ان دور جي ڪجهه لکڻين ۾ ھن شھر جو نالو ”ڪاپل“ (Kapul) ڄاڻايو ويو آھي. ڪاپل جي معنيٰ آھي ”شاھي پل“. انھيءَ زماني ۾ ڪابل نديءَ تي ھڪ پل ٺھيل ھئي تہ جيئن اوڀر وارن علائقن جا ماڻھو نديءَ جي اولھ طرف وڃي سگھن. 420ع کان پوءِ ھتي مختلف قبائلي بادشاھتون قائم ٿيون.

اسلام اچڻ کان پوءِ وارو دور

[سنواريو]
ھڪ پراڻي پينٽنگ جنھن ۾ ڪابل جو بالا حصار قلعو ڏيکاريو ويو آھي
تيمور شاھ جو مقبرو

ڪابل واري علائقي ۾ اسلام 642ع ڌاري پھتو جڏھن عبد الرحمن بن سمرة جي ھٿ ھيٺ 1200 ماڻھن اسلام قبول ڪيو.[9] 870ع ۾ یعقوب لیث صفاری ھتي پھرين اسلامي رياست جو بنياد رکيو. ان کان پوءِ ھتي ساماني، غزنوي، غوري، خوارزمي، خلجي ۽ ٻين گھراڻن جون بادشاھتون قائم ٿيون. تيرھين صدي عيسويءَ ۾ منگولن ھن علائقي تي قبضو ڪيو ۽ ھتان جي ھزارين ماڻھن کي قتل ڪري ڇڏيو. منگولن جي قتل عام کان بچڻ لاءِ ڪجهه خاندان ھندستان طرف لڏي ويا جتي ھنن پنھنجن گھراڻن جون حڪومتون قائم ڪيون. چوڏھين صدي عيسويءَ ۾ تيمور لنگ جي بادشاھيءَ ۾ ھن شھر خاطرخواھ ترقي ڪئي. 1504ع ۾ مغل گھراڻي جي پھرئين بادشاھ بابر ڪابل تي قبضو ڪيو. ڪابل ايندڙ ٻہ سو سالن تائين مغلن جي ھٿ ھيٺ رھيو. 1738ع ڌاري ھن شھر تي نادر شاھ قبضو ڪيو.ھن قبضي جي نائين سال نادر شاھ کي سندس ئي ساٿين قتل ڪري ڇڏيو ۽ 1747ع ۾ احمد شاھ ابداليءَ پنھنجي بادشاھت قائم ڪئي. 1776ع ۾ احمد شاھ ابداليءَ جي پٽ تيمور شاھ ڪابل کي پنھنجي سلطنت جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو. تيمور شاھ ۽ سندس پونئر زمان شاھ جي دور ۾ ڪابل ترقيءَ جون تڪڙيون منزلون طئي ڪيون ۽ ھتي ڪيتريون ئي مسجدون ۽ ٻيون عمارتون ٺھيون. عالمن، مفڪرن، اديبن ۽ بزرگن جي ھمت افزائي ڪئي وئي تہ ھو ھن شھر ۾ اچي رھائش اختيار ڪن.

1826ع ۾ دوست محمد خان ھتان جو حڪمران بنيو پر انگريزن جي مدد سان شجاع شاھ دراني اقتدار حاصل ڪري ورتو. 1842ع کان 1845ع تائين اڪبر خان ۽ ان بعد دوست محمد خان حڪومت جون واڳون سنڀاليون. 1879ع ۾ شير علي خان اقتدار ۾ آيو جنھن انگريزن کي ڪابل مان ڀڄائي ڪڍيو.

ويھين صديءَ جي شروعات ڪابل جي ترقيءَ سان ٿي. 1916ع ۾ ھتي چمڙي ۽ ٽيڪسٽائل جون صنعتون قائم ٿيون. حبيب اللّٰہ خان 1901ع ۾ افغانستان جو امير مقرر ٿيو. ھن جي دور ۾ ھتي بجلي، ٽيليفون ۽ ٽپال جو سرشتو قائم ٿيو. 1903ع ۾ ھتي حبيبيہ نالي ھڪ جديد اسڪول کليو. 1919ع ۾ ٽي انگريز افغان جنگ کان پوِءِ امير امان اللّٰہ خان افغانستان جي آزاديءَ جو اعلان ڪيو. 1920ع واري ڏھاڪي ۾ ڪابل ۾ ڪيترائي تعليمي ادارا کليا. 1933ع ۾ افغانستان جو آخري بادشاھ ظاھر شاھ مسند تي ويٺو. 1932ع ۾ ڪابل يونيورسٽي قائم ٿي. 1932ع ۾ ڪابل ريڊيو جو افتتاح ٿيو. انھن ئي ڏينھن ۾ ھتي ٽيڪسٽائل ملون، بجلي گھر، فرنيچر ۽ قالين ٺاھن جا ڪارخانا ۽ ٻيون صنعتون قائم ڪيون ويون. 1940 ۽ 1950ع وارن ڏھاڪن ۾ ھتي وڌيڪ ترقي ٿي. انھيءَ دور ۾ ھوائي اڏو، سيمينٽ فيڪٽري، ڪابل کان سوويت يونين جي سرحد تائين پڪو رستو ۽ ڊيم وغيرہ تعمير ٿيا. 1967ع ۾ ڪابل جي چڙيا گھر جو افتتاح ٿيو. 1960ع ۽ 1970ع وارن ڏھاڪن ۾ سياحت ترقي ڪئي ۽ ڪيترائي يورپي ھي شھر گھمڻ لاءِ اچڻ لڳا. انھن ڏينھن ۾ ھي شھر ”وچ ايشيا جو پئرس“ سڏجڻ لڳو. 1973ع ۾ ظاھر شاھ جو تختو اونڌو ڪيو ويو ۽ ايئن افغانستان مان بادشاھت جو خاتمو ٿي ويو.

28 اپريل 1978ع تي صدر دائود ۽ سندس گھر ڀاتين کي ڪابل جي صدارتي محل ۾ قتل ڪيو ويو ۽ نور محمد ترڪي ۡحڪومت جون واڳون سنڀاليون. ھن خانگي ادارن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو ۽ ملڪ ۾ روسي طرز جو تعليمي سرشتو نافذ ڪيو. 14 فيبروري 1979ع تي آمريڪي سفير ايڊالف ڊبس کي قتل ڪيو ويو. 24 ڊسمبر 1979ع تي روسي فوجين ڪابل جو ڪنٽرول سنڀالي ورتو. نتيجي طور آمريڪا جي مدد سان روس خلاف جھاد شروع ٿي ويو. 1992ع ۾ ڪابل ۾ ريسي فوجن سان مھاڏو اٽڪائيندڙ مجاھد ڪابل ۾ داخل ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو . طالبان جي حڪومت کي گلبدين حڪمتيار تسليم نہ ڪيو انڪري ڪابل سميت ملڪ جي مختلف حصن ۾ گھرو ويڙھ شروع ٿي وئي. انھيءَ ويڙھ جي نتيجي ۾ ڪابل ۾ وڏي تباھي آئي ۽ شھر جو وڏو حصو تباھيءَ بجي ڪناري تي پھچي ويو. 27 سيپٽمبر 1996ع تي ڪابل ۾ باقائدھ طالبان جي حڪومت قائم ٿي وئي. نومبر 2001ع ۾ آمريڪا ۽ اتحادي فوج افغانستان تي قبضو ڪيو. ھڪ ڊگھي جدوجھد ۽ بدلجندڙ عالمي سياست جي وايومنڊل جي نتيجي ۾ 2021ع ۾ طالبان ھڪ ڀيرو ٻيھر افغانستان جي حڪومت حاصل ڪرڻ ۾ ڪاميا ب ٿي ويا.

جاگرافي

[سنواريو]

ھي شھر ھندوڪش جبل ۽ ڪابل نديءَ جي وچ ۾ ھڪ سوڙھي ماٿريءِ ۾ آباد ٿيل آھي. پراڻي شھر جي ڏکڻ ۾ پراڻي شھر جي ڀت ۽ شير دروازا جبل ڌسي سگھجي ٿو. ان کان اوڀر ۾ بالاحصار قلعو موجود آھي جنھن جي پٺيان ڪول حسمت خان ڍنڍ موجود آھي. ھي شھر چئن ئي طرفن کان جبلن سان گھيريل آھي. ڪجهه جبل شھر جي وچ ۾ بہ آھن جن تي آباديون قائم ٿي ويون آھن. شھر جي ڪل پکيڙ 1023 چورس ڪلوميٽر آھي ۽ ھي افغانستان جو پکيڙ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر آھي.

ڪابل جي موسم ٿڌي ۽ نيم ريگستاني آھي. مينھن گھڻو ڪري سياري ۾ پوندو آھي. اونھاري ۾ موسم خوشگوار رھي ٿي ۽ گھڻي گرمي نٿي پوي. سرءُ جي مند ۾ ڏينھن گرم ۽ راتيون ٿڌيون ٿين ٿيون. سياري ۾ ٿڌ پوي ٿي ۽ جنوريءَ جي مھيني ۾ سراسري گرميءَ جو درجو 2.30C (27.90F)- رھي ٿو. ھن شھر جو ساليانو گرميءَ جو درجو 12.10C (53.80F) آھي.

موسمي رڪارڊ : Kabul (1956–1983)
مھينو جنور: فبرو: مارچ اپريل مئي جون جولاء آگسٽ سيپ: آڪٽو: نومبر ڊسمبر سال
وڌ ۾ وڌ رڪارڊ°C (°F) 18.8
(65.8)
18.4
(65.1)
26.7
(80.1)
28.7
(83.7)
33.5
(92.3)
36.8
(98.2)
37.8
(100)
37.3
(99.1)
35.1
(95.2)
31.6
(88.9)
24.4
(75.9)
20.4
(68.7)
37.7
(99.9)
اوچي پد جي
سراسري°C (°F)
4.5
(40.1)
5.5
(41.9)
12.5
(54.5)
19.2
(66.6)
24.4
(75.9)
30.2
(86.4)
32.1
(89.8)
32.0
(89.6)
28.5
(83.3)
22.4
(72.3)
15.0
(59)
8.3
(46.9)
19.5
(67.1)
روزاني سراسري°C (°F) −2.3
(27.9)
−0.7
(30.7)
6.3
(43.3)
12.8
(55)
17.3
(63.1)
22.8
(73)
25.0
(77)
24.1
(75.4)
19.7
(67.5)
13.1
(55.6)
5.9
(42.6)
0.6
(33.1)
12.1
(53.8)
گھٽ پد جي
سراسري°C (°F)
−7.1
(19.2)
−5.7
(21.7)
0.7
(33.3)
6.0
(42.8)
8.8
(47.8)
12.4
(54.3)
15.3
(59.5)
14.3
(57.7)
9.4
(48.9)
3.9
(39)
−1.2
(29.8)
−4.7
(23.5)
4.3
(39.7)
گھٽ ۾ گھٽ
رڪارڊ°C (°F)
−25.5
(−13.9)
−24.8
(−12.6)
−12.6
(9.3)
−2.1
(28.2)
0.4
(32.7)
3.1
(37.6)
7.5
(45.5)
6.0
(42.8)
1.0
(33.8)
−3.0
(26.6)
−9.4
(15.1)
−18.9
(−2)
−25.5
(−13.9)
سراسري پرسپييئيشن mm (انچ) 34.3
(1.35)
60.1
(2.366)
67.9
(2.673)
71.9
(2.831)
23.4
(0.921)
1.0
(0.039)
6.2
(0.244)
1.6
(0.063)
1.7
(0.067)
3.7
(0.146)
18.6
(0.732)
21.6
(0.85)
312.0
(12.283)
Average rainy days 2 3 10 11 8 1 2 1 1 2 4 3 48
برفاني ڏينھن
جي سراسري
7 6 3 0 0 0 0 0 0 0 0 4 20
نسبتي گھم جي سراسري

(%)

68 70 65 61 48 36 37 38 39 42 52 63 52
اس جي ماھوار
وقت جي سراسري
177.2 178.6 204.5 232.5 310.3 353.4 356.8 339.7 303.9 282.6 253.2 182.4 3,175.1
Source: NOAA[10]
قرغہ ڊيم ۽ ڍنڍ

ڪابل ندي شھر جي بلڪل وچ مان گذري ٿي ۽ شھر جون بازارون ھن نديءَ جي ٻنھي ڪنارن تي آباد آھن. نديءَ کي پار ڪرڻ لاءِ شھر جي مختلف علائقن ۾ پلون ٺاھيون ويون آھن. اڄڪلھ ھيءَ ندي سال جو گھڻو حصو سڪل رھي ٿي ۽ فقط مينھوڳيءَ جي موسم ۾ ھن ۾ پاڻي وھندو آھي. پراڻي شھر جي ڏکڻ اوڀر ۾ ھڪ وڏي ڍنڍ موجود آھي جنھن کي ڪول حشمت خان سڏيو وڃي ٿو. انھيءَ ڍنڍ جي آسپاس ھزارين پکي اڏامندا نظر ايندا آھن. شھر جي مرڪز کان نو ڪلوميٽرن جي پنڌ تي قرغہ ڍنڍ موجود آھي. ھيءَ ڍنڍ شھر جي خوبصورت قدرتي منظرن مان ھڪ آھي.

ھن شھر جي رھواسين جي اڪثريت پختون، تاجڪ ۽ ھزارا قبيلن سان واسطو رکي ٿي. ان کان علاوھ ھتي ازبڪ، ترڪ، ڪوچي، قزلباش، ھندو، سک ۽ ٻين قومن جا ماڻھو بہ آباد آھن. دري ۽ پشتو ھتان جون اڪثريتي ٻوليون آھن. شھر جا اٽڪل 68 سيڪڙو رھواسي سني مسلمان آھن، جڏھن تہ 30 سيڪڙو شيعا آھن. باقي 2 سيڪڙو آبادي ھندو، سک ۽ عيسائي مذھب سان واسطو رکي ٿي.

ھي شھر ڪابل ضلعي جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ آھي. ھن ضلعي کي ڪابل ميونسپالٽيءَ طرفان نتظامي طور وڌيڪ 22 ميونسپل ضلعن ۾ ورھايو ويو آھن.

معيشيت

[سنواريو]

ڪابل ۽ ان جي اسپاس وارن علائقن جي اھم پيداوار ۾ تازا ۽ خشڪ ميوا، شربت، افغاني قالين، چمڙو ۽ چمڙي مان ٺھيل شيون، فرنيچر ۽ ڪپڙا وغيرھ شامل آھن. 1978ع کان ڪابل ۾ بدامني ۽ سياسي عدم استحڪام معيشيت تي اُگرا اثر ڇڏيا آھن ۽ سياحت بنھ ختم ٿي وئي آھي، پر انھيءَ جي باوجود شھر جي بازارن جي رش گھٽ نہ ٿي آھي ۽ مقامي بازان ۾ سٺو ڪاروبار جاري آھي.

آمدورفت

[سنواريو]
ڪابل ۾ ٽريفڪ جو ھجوم

ڪابل جو بين الاقوامي ھوائي اڏو شھر جي مرڪز کان اٽڪل 25 ڪلوميٽر پري قائم آھي. ھتي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن لاءِ ھوائي سفر جي سھوليت موجود آھي. ھي شھر روڊ وسيلي افغانستان جي تقريبن سمورن شھرن سان ڳنڍيل آھي. شھر جي ھڪ حصي کان ٻئي حصي ڏانھن وڃڻ لاءِ بسون، ٽيڪسيون ۽ وينون استعمال ٿين ٿيون.

حوالا

[سنواريو]
  1. "Population of Cities in Afghanistan (2022)". worldpopulationreview.com. حاصل ڪيل 2022-02-15. 
  2. Foschini, Fabrizio (April 2017). "Kabul and the challenge of dwindling foreign aid" (PDF). Peaceworks. No. 126. United States Institute of Peace. ISBN 978-1-60127-641-4. Archived (PDF) from the original on 2020-06-09. Retrieved 2021-06-01 – via ETH Zurich.
  3. "Afghanistan: The Heart of Silk Road in Asia". thediplomat.com. حاصل ڪيل 2022-02-15. 
  4. "1 The Garden City of Babur and the Great Mughals". Kabul: a History 1773-1948. BRILL. صفحا. 16–22. 
  5. Bumiller, Elisabeth (2009-10-17). "Remembering Afghanistan’s Golden Age" (en-US ۾). The New York Times. ISSN 0362-4331. https://www.nytimes.com/2009/10/18/weekinreview/18bumiller.html. 
  6. "AISK - American International School of Kabul". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-02-15. 
  7. Marsden, Peter (1998). The Taliban : war, religion and the new order in Afghanistan. Internet Archive. Karachi : Oxford University Press ; London ; New York : Zed Books Ltd.. ISBN 978-1-85649-522-6. http://archive.org/details/talibanwarreligi0000mars. 
  8. Nancy Hatch Dupree / Aḥmad ʻAlī Kuhzād (1972). "An Historical Guide to Kabul – The Name". American International School of Kabul. Archived from the original on 2010-08-30. Retrieved 2010-09-18.
  9. Wilson, Horace H. (1998) (en ۾). Ariana Antiqua: A Descriptive Account of the Antiquities and Coins of Afghanistan. Asian Educational Services. ISBN 978-81-206-1189-4. https://books.google.com.pk/books?id=s_K_gcxHz5YC&pg=PA133&redir_esc=y#v=onepage&q&f=false. 
  10. "Kabul Climate Normals 1956–1983". National Oceanic and Atmospheric Administration. حاصل ڪيل 2013-03-30.