ٿرسو



ٿرسو (انگريزي: Thurso) اسڪاٽلينڊ جو هڪ ننڍڙو شهر آهي جيڪو ايڊنبرا کان 295 ڪلوميٽر ۽ لنڊن کان 818 ڪلوميٽر پري آباد آهي. هيءُ برطانيا ۽ اسڪاٽلينڊ جو سڀ کان اتريون شهر آهي[1]. مقامي ٻوليءَ ۾ هن شهر کي ”ٿرسا“ ڪوٺيو وڃي ٿو[2]. هيءُ اسڪاٽلينڊ جي هائيلينڊ ڪائونسل واري علائقي ۾ اترئين سامونڊي ڪناري تي آباد آهي. هتي اسڪاٽلينڊ جا ٻه روڊ A9 ۽ A836 پاڻ ۾ اچي ملن ٿا جيڪي هن شهر کي اوله ۾ فورس (Forss) ۽ اوڀر ۾ ڪيسل ٽائون (Castletown) سان ملائين ٿا. 55 ڪلوميٽر ڊگهي ٿرسو ندي (Thurso River) هن شهر جي وچان گذري ٿي. 2018ع جي انگن اکرن موجب، هتان جي آدمشماري 7490 آهي[3]. اوڻويهين صديءَ تائين هن هنڌ کي هڪ اهم بندرگاه جي حيثيت حاصل هئي ۽ هتان اتر يورپ جي ملڪن سان ڪاروبار هلندو هو. ٿرسو ماهيگيري، سوٽي ڪپڙو ٺاهڻ ۽ چمڙي رڱڻ جي صنعت ۾ ڪافي مشهور هو. هن شهر ۾ سينٽ پيٽر (St Peter's Church) جي گرجا گهر جا کنڊر موجود آهن. اهو گرجا گهر اسڪاٽلينڊ جي سڀ جان پراڻن گرجا گهرن مان هڪ آهي جيڪو 1125ع ڌاري تعمير ٿيو. موجوده سينٽ اينڊريو ۽ سينٽ پيٽر گرجا گهر 1832ع ۾ جڙي راس ٿيو. هتي اتر هاءِ لينڊ ڪاليج جو مرڪزي ڪئپس قائم آهي. ٿرسو هاءِ اسڪول برطانوي سرزمين جو سڀ کان اتريون هاءِ اسڪول آهي جيڪو 1958ع ۾ قائم ٿيو. هتي ٿرسو قلعي جا آثار به موجود آهن. اهو قلعو 1872ع ۾ تعمير ٿيو هو. هتي هڪ فوٽ بال ٽيم ۽ ٻه رگبي ٽيمون آهن. ٿرسو ريلوي اسٽيشن 1874ع ۾ تعمير ٿي. ٿرسو کان اٽڪل ڏيڍ ميل جي مفاصلي تي اسڪرابسٽر (Scrabster) بندر آباد آهي جتان اورڪني ۽ ڪجه ٻين ٻيٽن لاءِ فيري سروس مهيا آهي[4].
تاريخ[سنواريو]



ٿرسو ڪڏهن آباد ٿيو، انهيءَ باري ۾ پڪ سان ڪجه به نٿو چئي سگهجي. ٿرسو جي ٻاهران شيبسٽر جبل تي وڏن نوڪدار پٿرن مان ٺهيل قبرون موجود آهن جيڪي 5000 سال پراڻيون آهن[5]. چيو وڃي ٿو ته اوائلي وچئين دور ۾ هتي اسڪينڊينيويا (Scandinavia) کان آيل لوڪن پنهنجي حڪومت اچي قائم ڪئي هئي. اها حڪومت 1263ع ڌاري ختم ٿي وئي[6]. ٿرسو انهيءَ حڪومت جو هڪ اهم بندرگاه هو. انهيءَ حڪومت جي خاتمي کان پوءِ به اوڻويهين صديءَ تائين ٿرسو بندرگاه جي اهميت برقرار رهي ۽ هتان کان اتر يورپ جي ملڪن سان ڪاروبار ٿيندو هو. 1649ع ۾ آئرلينڊ مان آيل ڪجه ماڻهن هن شهر تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هتان جي ماڻهن تمام گهڻي بهادريءَ سان انهن جو مقابلو ڪيو ۽ هنن کي ڀڄڻ تي مجبور ڪري وڌو[7]. 1811ع ۾ هتي 592 گهر هئا ۽ ڪل آبادي 3462 هئي[8]. 1841ع ۾ اها آبادي گهٽجي 2510 ٿي وئي. 1845ع ۾ حڪومت غريبن ماڻهن جي بحاليءَ لاءِ هڪ قانون ٺاهيو جنهن تحت هتان جي 149 غريب خاندانن لاءِ گهر ٺاهيا ويا[9]. هتان جي ماڻهن انهن گهرن ۾ گهڻي دلچسپي نه ورتي ۽ اڪثر گهر خالي ئي رهيا. 2001ع ۾ انهن گهرن کي مڪمل طور ترڪ ڪيو ويو. 1906ع ۾ هتي رائل نيشنل لائيف بوٽ انسٽيٽيوشن (Royal National Lifeboat Institution) قائم ڪيو ويو. 10 ڊسمبر 1956ع تي خوفناڪ باه جي نتيجي ۾ اهو ادارو ۽ ان ۾ بيٺل 47 فوٽ ڊگهو ٻيڙو سڙي رک ٿي ويو. 1971ع ۾ انهيءَ اداري جي نئين عمارت جو افتتاح ڪيو ويو ۽ زندگي بچائڻ وارو نئون ٻيڙو (Lifeboat) مهيا ڪيو ويو. ويهين صديءَ جي وچ ڌاري شهر کان 14 ڪلوميٽر اوله ۾ نيوڪلائي پاور پلانٽ قائم ٿيو جنهن ڪري هتان جي آبادي لڳڀڳ ٻيڻي ٿي وئي ۽ روزگار جا نوان وسيلا پيدا ٿيا. 1951ع ۾ هتان جي آبادي 3000 هئي جيڪا 1971ع ۾ وڌي 9000 ٿي وئي. ويهين صديءَ جي آخر ۾ هن پاور پلانٽ کي بند ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو پر ائٽمي فضلي کي مڪمل طور ختم ڪرڻ ۾ وقت لڳندو انڪري اندازو آهي ته 2070ع تائين هن پلانٽ جي ملازمن جي نوڪري ختم نه ٿيندي[10]. 2010ع ۾ هتي گئلڪ ٻوليءَ جي ادب، فن، موسيقي ۽ ثقافت بابت هڪ ميلو منعقد ڪيو ويو[11].
ٿرسو بابت وڌيڪ ڄاڻ[سنواريو]

ٿرسو جي موسم اڪثر ٿڌي رهي ٿي. هتان جو وڌ ۾ وڌ گرميءَ جو درجو 250C (جولاءِ 1995ع) ۽ گهٽ ۾ گهٽ 110C- (ڊسمبر 2010) رڪارڊ ڪيو ويو آهي. هن شهر ۾ هڪ ننڍو عجائب گهر، چند هوٽلون ۽ شراب خانا، پارڪ ۽ شاپنگ سينٽر آهي. پبلڪ لائبرري، گولف ڪورس، گهوڙن جي ڊوڙ جو ميدان ۽ ٻيون ضروري سهولتون پڻ موجود آهن. هتي لٿيم آئن بيٽريون ٺاهڻ جو هڪ پلانٽ به ڪم ڪري رهيو آهي. 12 جنوري 2010ع تي هتي هوا مان بجلي ٺاهڻ لاءِ هڪ ونڊ فارم (Wind form) ٺاهڻ جو اعلان ڪيو ويو. هي پلانٽ 52.2 ميگاواٽ بجلي پيدا ڪندو جنهن مان 25000 گهرن کي بجلي ملي سگهندي[12].
حوالا[سنواريو]
- ↑ "Thurso Feature Page on Undiscovered Scotland". www.undiscoveredscotland.co.uk. حاصل ڪيل 2020-01-01.
- ↑ "Scotslanguage.com - Names in Scots - Places in Scotland". www.scotslanguage.com. حاصل ڪيل 2020-01-01.
- ↑ "Thurso Feature Page on Undiscovered Scotland". www.undiscoveredscotland.co.uk. حاصل ڪيل 2020-01-03.
- ↑ "Thurso (Scotland) – Travel guide at Wikivoyage". en.wikivoyage.org. حاصل ڪيل 2020-01-03.
- ↑ "Neolithic horned cairns near Caithness wind farm scanned". BBC News (BBC). 21 March 2012. https://www.bbc.co.uk/news/uk-scotland-highlands-islands-17463275. Retrieved 02 January 2020.
- ↑ https://www.britannica.com/place/Thurso, Last visited on 05 January 2020
- ↑ "Vandalism at historic churchyard" (en-GB ۾). 2013-04-26. https://www.bbc.com/news/uk-scotland-highlands-islands-22308900.
- ↑ Rees, Abraham (1819) (en ۾). The Cyclopaedia; Or, Universal Dictionary of Arts, Sciences and Literature. Longman, Hurst. https://books.google.com.pk/books?id=tUVRAAAAcAAJ&pg=PT603&redir_esc=y#v=onepage&q&f=false.
- ↑ "(260) Page 438 - Ordnance gazetteer of Scotland> Volume 6 - Gazetteers of Scotland, 1803-1901 - National Library of Scotland". digital.nls.uk. حاصل ڪيل 2020-01-17.
- ↑ "DOUNREAY DECOMMISSIONING: Monumental task. - The Engineer | HighBeam Research". web.archive.org. حاصل ڪيل 2020-01-04.
- ↑ "First Gaelic primary unit for north" (en-GB ۾). 2013-07-30. https://www.bbc.com/news/uk-scotland-highlands-islands-23507745.
- ↑ Scottish Government, St Andrew's House. "Two wind farm schemes approved". www2.gov.scot. حاصل ڪيل 2020-01-17.