خاش

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Khash
خاش (Xāŝ)
شھر
Khash is located in Iran
Khash
Khash
جاگرافي بيهڪ: 28°13′16″N 61°12′57″E / 28.22111°N 61.21583°E / 28.22111; 61.21583مڪانيت: 28°13′16″N 61°12′57″E / 28.22111°N 61.21583°E / 28.22111; 61.21583
ملڪ  ايران
صوبو سيستان ۽ بلوچستان صوبو
شھرستان خاش
ضلعو مرڪزي
آبادي (2016ع واري آدمشماري)
 • ڪل 56,584 [1]

خاش (انگريزي: Khash) ايران جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان جو ھڪ شھر آھي جيڪو خاش شھرستان (County) جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ آھي. ھن شھر جو پراڻو نالو واش ھو جيڪو رضا شاھ پھلويءَ جي بادشاھت واري زماني ۾ بدلائي خاش رکيو ويو. [2] واش بلوچي ٻوليءَ جو ھڪ لفظ آھي جنھن جي معنيٰ آھي ”مٺو ۽ خوش“. ڪن ماھرن مطابق خاش جي معنيٰ ”خوشگوار موسم“ آھي. 2016ع واري آدمشماريءَ مطابق ھن شھر جي آبادي 56,584 آھي ۽ ھي صوبي جو آباديءَ جي لحاظ کان ڇھون وڏو شھر آھي.

موجودھ خاش شھر پراڻي خاش شھر کان ٿوري مفاصلي تي آباد ڪيو ويو آھي. نادر شاھ جي بادشاھت کان اڳ ھن شھر۾ ڏوھاري ماڻھن جون سرگرميون وڌي ويون ھيون ۽ ھن شھر جا ماڻھو عدم تحفظ جو شڪار ھئا. نادر شاھ ھن شھر کي ڦورو ۽ لٽيرن کان پاڪ ڪيو. بعد ۾ ھتي قلعا تعمير ڪيا ويا جنھن ڪري امن امان قائم ٿي ويو ۽ ھن شھر ۾ خوشحالي موٽي آئي. ھتان جا اڪثر رھواسي بلوچ (سرحدي ۽ مڪراني) آھن. شھر ۾ بلوچي ۽ فارسي ٻولي ڳالھائي وڃي ٿي. شھر جا 95 سيڪڙو ماڻھو سني ۽ 5 سيڪڙو شيعا آھن. ھن شھر ۾ پاڪستان مان ھجرت ڪري آيل بلوچن جو بہ چڱو تعداد آباد آھي. ھي شھر سامونڊي مٿاڇري کان 1400 ميٽر (4596 فوٽ) اوچائيءَ تي موجود آھي.

ھي شھر تفتان جبل جي ڏکڻ ۾ آباد آھي. تفتان ھڪ ٻرندڙ جبل آھي جنھن جي اوچائي 4000 ميٽر آھي. ھن جبل تي چڙھڻ لاءِ ڪيترائي ڪوھ پيما خاش شھر ايندا آھن ۽ ھتان کان پنھنجي مھم جي شروعات ڪندا آھن.[3]

16 اپريل 2013ع تي شھر ۽ آسپاس جي علائقن ۾ رڪٽر اسڪيل تي 7.8 ميگنيٽيوڊ جو زلزلو آيو پر ڪو خاص جاني يا مالي نقصان نہ ٿيو.[4] ھن شھر جي موسم گرم ريگستاني آھي پر تفتان جبل جي دامن ۾ ھجڻ سبب ھي شھر آسپاس جي علائقن کان ڪنھن حد تائين ٿڌو آھي.

ھن شھر ۾ َقاجار دور جي آخري زماني جو ھڪ قلعو تعمير ٿيل آھي جنھن کي حيدرآباد قلعو سڏيو وڃي ٿو.[5] ھي قلعو ھتان جي حڪمران حيدر علي ڪرد تعمير ڪرايو ھو جيڪو پنھنجي ٻارن ٻچن سان گڏ ھن قلعي ۾ رھندو ھو. جڏھن انگريزي فوج جنرل ڊائر جي اڳواڻيءَ ۾ ھن علائقي ۾ داخل ٿي تہ ھنن ھن قلعي کي پنھنجا ھٿيار ۽ کاڌي پيتي جو سامان رکڻ لاءِ استعمال ڪيو. ھن قلعي اندر خوبصورت قسم جا منارا ۽ محرابيون ٺھيل آھن. تازو ايراني ثقافت واري اداري ھن قلعي جي مرمت ڪرائي آھي. خاش شھر ويجھو ديھ قليح ڳوٺ ۾ ھڪ ٻيو قلعو بہ موجود آھي جيڪو شايد قاجار دور يا ان کان بہ پھرئين زماني جو ٺھيل آھي. مقامي ماڻھو ھن قلعي کي ايرندگان قلعو سڏين ٿا[5]. ھتي ھڪ بزرگ مرتضيٰ عليءَ جي مزار بہ عقيدتمندن کي پاڻ ڏانھن ڇڪي ٿي. ھيءَ مزار تيموري يا صفوي دور ۾ تعمير ٿي ھئي. خاش جي جامع مسجد ۽ شھر جي ٻاھران موجود قدرتي غار سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز آھي.[3]

حوالا[سنواريو]

  1. "Statistical Center of Iran > Home". 
  2. بلوچستان, استانداری سیستان و. "معرفی شهرستانهای استان". استانداری سیستان و بلوچستان (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-02-06. 
  3. 3.0 3.1 "Khash". www.visitiran.ir. حاصل ڪيل 2022-02-06. 
  4. "Khash, Iran - Places in the News | Library of Congress". www.loc.gov. حاصل ڪيل 2022-02-06. 
  5. 5.0 5.1 "Iranarchpedia". iranarchpedia.ir. حاصل ڪيل 2022-02-06.