ڪنارڪ، ايران

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڪُنارڪ
کنارک
شھر
ڪُنارڪ is located in Iran
ڪُنارڪ
ڪُنارڪ
جاگرافي بيهڪ: 25°21′37″N 60°23′58″E / 25.36028°N 60.39944°E / 25.36028; 60.39944مڪانيت: 25°21′37″N 60°23′58″E / 25.36028°N 60.39944°E / 25.36028; 60.39944
ملڪ  ايران
صوبو سيستان ۽ بلوچستان صوبو
شھرستان ڪنارڪ
ضلعو مرڪزي
آبادي (2016ع واري آدمشماري)
 • ڪل 43,258 [1]

ڪُنارڪ (انگريزي: Konarak) ايران جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان جو ھڪ شھر آھي جيڪو ڪنارڪ شھرستان جي گاديءَ جو ھنڌ آھي[2]. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 43،258 آھي. ھي صوبي جو آباديءَ جي لحاظ کان ستون وڏو شھر آھي. ھتان جا اڪثر رھواسي بلوچ آھن جيڪي بلوچي ٻولي ڳالھائين ٿا. ھي شھر پاڪستاني ۽ ايراني سامونڊي سرحد کان 50 ڪلوميٽر اولھ ۾ سامونڊي ڪناري تي آباد آھي. ڪنارڪ جي اوڀر ۾ چابھار شھر، اولھ ۾ ھرمزگان صوبو، اتر ۾ نيڪشھر ۽ ڏکڻ ۾ عماني نار (Oman Gulf) آھي[3]. ھي شھر زاھدان کان اٽڪل 700 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ آباد آھي.

ھن شھر جي موسم عام طور تي گرم ۽ گھميل رھندي آھي البت اونھاري ۾ سانوڻي ھوائون ھن شھر جي موسم کي خوشگوار بنائين ٿيون. ايران جو ھي اھو شھر آھي جيھن جي موسم سياري ۾ بہ ڪنھن حد تائين گرم رھي ٿي. ھتي ڪيترائي فصل ٿين ٿا جن ۾ ڪينو، زيتون، پپيتا، چيڪو، ڪيلا، انب، بادام, گدرا ۽ ٻيا فصل شامل آھن. شھر جي آسپاس وارن علائقن ۾ ڪيترن ئي قسمن جا گل ۽ ٻوٽا ماحول کي من مھڻو بنائين ٿا. ھتي پيدا ٿيندڙ ڪجهه ٻوٽا ۽ جڙي ٻوٽيون دوائون ٺاھڻ جي بہ ڪم اچن ٿا.

ھن شھر ۾ گئس جو ھڪ پاور پلانٽ قائم ڪيو ويو آھي جيڪو ھن خطي جي توانائيءَ جون گھرجون پوريون ڪري ٿو. ھن شھر ويجھو ايراني جا بري، بحري ۽ فوجي اڏا موجود آھن. ھتي ھڪ ھوائي اڏو بہ موجود آھي[4].

حوالا[سنواريو]

  1. "Statistical Center of Iran > Home". 
  2. (en ۾) Red Sea and the Persian Gulf. ProStar Publications. 2007. ISBN 978-1-57785-755-6. https://books.google.com.pk/books?id=3jHUwGEbjNQC&pg=PA207&redir_esc=y#v=onepage&q&f=false. 
  3. گشت, توسط تیم خبری الی. "شهر بندری کنارک را بهتر بشناسید". الی گشت (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-02-07. 
  4. "بندر کنارک چابهار: همه آنچه قبل از رفتن باید بدانید | لست سکند". lastsecond.ir (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-02-07.