گروزني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيويگيشن ڏانھن ٽپ ڏيو ڳولا ڏانھن هلو
گروزني (سنڌي)، Грозный (روسي)، Соьлжа-ГӀала (چچني)، Grozny (انگريزي)
—  شھر[حوالو گھربل]  —
Montage-of-Grozny-(2016).png
گھڙيال جي سوئيءَ جي رخ ۾ مٿان کاٻي پاسي کان: اخمد قادروف مسجد، رات جي وقت گروزنيءَ جا منارا، اخمد قادروف واري علائقي جو ھڪ ڏيک، ڊراما ٿيٽر، ولاديمير پٽين اوينيو
Missing map.png
Coat of Arms of Grozny (Chechnya).svg
مھر
Flag of Grozny (Chechnya).svg
جھنڊو
انتظامي حیثیت
ملڪ روس
زير حڪومت جمھوريہ چچنيا
بلدیاتي حیثیت
شھري آڪرگگروزني شھري اڪرگ (ضلعو)[حوالو گھربل]
ميئر[1]مسلم ھشيف (Muslim Huchiev)[2]
نمائندہ ادارونائبن جي ڪائونسل (Counsel of Deputies)[3]
شماریات
رقبہ 324.16 km2 (125.16 sq mi)[حوالو گھربل]
روس میں وقتسانچو:RussiaTimeZone
قيام1818ع[حوالو گھربل]
شھر حیثیت1870ع[حوالو گھربل]
پوسٽل ڪوڊ364000, 364001, 364006, 364008, 364011, 364013–364018, 364020–364022, 364024, 364028–364031, 364034, 364035, 364037, 364038, 364040, 364042, 364043, 364046, 364047, 364049, 364051, 364052, 364058, 364060–364063, 364066, 364068, 364700, 366000[حوالو گھربل]
ڊائلنگ ڪوڊ+7 8712[حوالو گھربل]
سرڪاري ویب سائيٽ

گروزني (انگريزي: Grozny، روسي: розный، چچني: Соьлжа-ГӀала،About this sound ٻُڌو) روس جي چچنيا ريپبلڪ (Chechnya Republic) جي گاديءَ جو ھنڌ ۽ وڏي ۾ وڏو شھر آھي. 2019ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 301,000 آھي[4]. ھي شھر سنزا (Sunzha River ) نديءَ جي ڪناري تي آباد آھي.

نالو[سنواريو]

گروزني روسي ٻوليءَ جو لفظ آھي. جنھن جي معنيٰ آھي مضبوط، خوفناڪ يا خطرناڪ. جيتوڻيڪ ھن شھر جو سرڪاري نالو گروزني آھي پر مقامي ماڻھو ھن کي عام طور تي ”سنزا گالا“ (Соьлжа-Гӏала) سڏيندا آھن جنھن جي معنيٰ آھي ”سنزا نديءَ وارو شھر“. 1996ع ۾ پھرين چچنيا جي آزاديءَ واري جنگ دوران روس کان علحدگي چاھيندڙ مجاھدن ھن شھر جو نالو جوخار قالا (انگريزي: Dzhokhar-Ghala، چچني: Джовхар-ГӀала, Dƶovxar-Ġala) رکيو. جوخار قالا جي سنڌيءَ ۾ معنيٰ آھي ”جوھر جو قلعو“. اھو نالو ھتان جي پھرئين وزيراعظم جوھر دودايف (Dzhokhar Dudayev) جي اعزاز ۾ چونڊيو ويو ھو. ڊسمبر 2005ع ۾ چچنيا جي اسيمبليءَ اڪثريتي ووٽ ذريعي ھن شھر جو نالو اخمد قالا (آحمد جو قلعو) منظور ڪيو. اھو نالو اخدمد قادروف (Akhmad Kadyrov) جي اعزاز ۾ تجويز ڪيو ويو ھو پر ملڪ جي وزيراعظم ۽ اخمد قادروف جي پٽ رمضان قادروف (Ramzan Kadyrov) اھو نالو رد ڪري ڇڏيو.

تاريخ[سنواريو]

1818ع ۾ روسي جرنيل ايليڪسي پيترووچ يرمولوف (Aleksey Petrovich Yermolov) ھتي ھڪ قلعو تعمير ڪرايو[5]. ان وقت ھتان جا ماڻھو روس جي ھن علائقي ۾ مداخلت خلاف جھوجھد ڪري رھيا ھئا. قلعي جي تعمير دوران ھتان جي مجاھدن ڪيترائي ڀيرا ھن قلعي تي ڪم ڪندڙن تي فائرنگ ڪئي. ھڪ رات جڏھن ھتان جا ويڙھاڪ قلعي تي بيٺل توپ کڻڻ لاءِ قلعي وٽ پھتا تہ روسي فوجين ھڪ خاص رٿابنديءَ سان حملو ڪري ٻہ سو مجاھدن کي شھيد ڪري ڇڏيو ۽ ڪيترائي زخمي پڻ ڪيا[6]. ھن قلعي تي گروزنيا (Groznaya) نالو رکيو ويو. ھي قلعو ڪاڪاسس (ڪوھ ڪاف) واري علائقي تي روسي ڪاھ واري زماني ۾ روس جو ھڪ اھم فوجي مرڪز رھيو. مشھور روسي اديب ليو نڪوليوچ ٽالسٽاءِ (Lev Nikolayevich Tolstoy (About this sound ٻُڌو))، ميخائيل لرمونتوف (Mikhail Lermontov) ۽ ٻين ھن قلعي ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام ڏنيون. چچنيا جي روسي سلطنت جو حصو بنجڻ کان پوءِ ھن قلعي جي فوجي حيثيت ختم ٿي وئي ۽ 11 جنوري 1870ع تي ھن ماڳ کي ٽائون جو درجو ڏنو ويو ۽ ھن تي گروزني نالو رکيو ويو. جيتوڻيڪ 1923ع ۾ اھا خبرپئجي چڪي ھئي تہ ھن علائقي ۾ تيل جا وڏا ذخيرا موجود آھن پر 1893ع ۾ ريلوي جي پٽڙي وڇائجڻ کان پوءِ ھتي وڏي پيماني تي تيل جي پيداوار شروع ٿي. نوبيل انعام جي بانيءَ الفريڊ نوبيل بہ ھتان جي تيل جي صنعت کي ھٿي وٺرائڻ ۾ پنھنجو ڪردار ادا ڪيو. ان زماني ۾ باڪو شھر کان پوءِ گروزني شھرروس ۾ تيل جي پيداوار جو وڏي ۾ وڏو مرڪز ھو[7]. 1900ع ۾ گروزني شھر جي آسپاس تيل جا 116 کوھ کوٽجي چڪا ھئا. ٿوري ئي عرصي ۾ ھي شھر روس جي مختلف آئل فيلڊس جو مرڪز بنجي ويو، جنھن جي نتيجي ۾ ھن شھر جي آبادي تيزيءَ سان وڌڻ لڳي. 1893ع ۾ ھن شھر جي آبادي 15600 ھئي جيڪا 1913ع ۾ 30،400 ٿي وئي. 1914ع ۾ ھتي رائل ڊچ شيل جھڙي وڏي ڪمپنيءَ ڪم ڪرڻ شروع ڪيو ۽ ھي شھر ڪوھ ڪاف يا قفقاز (Causasus) علائقي جي ھڪ وڏي صنعتي شھر طور دنيا جي سامھون آيو[7].

آڪٽوبر 1917ع واري روسي انقلاب کان ٿورو پوءِ 21 ڊسمبر 2017ع تي انگوشيتيا (Ingushetia)، داغستان ۽ چچنيا پاڻ ۾ ملي ھڪ نئين آزاد ملڪ جو پايو وڌو جنھن کي اترڪوھ ڪاف جي جابلو جمھوريہ (Mountainous Republic of the Northern Caucasus) نالو ڏنو ويو. 1921ع ۾ سوويت يونين ھن نئين ملڪ تي حملو ڪري زبردستي ھن کي سوويت يونين جو حصو بنائي ڇڏيو.

ٻي عالمگير جنگ دوران جوزف اسٽالن چچنيا جي ماڻھن تي الزام ھنيو تہ ھو غدار آھن ۽ جرمنيءَ سان ملي سوويت يونين کي ختم ڪرڻ چاھين ٿا. نتيجي طور چچنيا جي رھواسين کي زبرستي پنھنجي اباڻي وطن مان تڙي ڪڍيو ويو ۽ انھن جي جاءِ تي اتر اوسيشيا (Ossetia)، ڏکڻ اوسيشيا، داغستان، يوڪرين، مرڪزي روس ۽ جارجيا مان ڌارين جا ڪٽڪ ھن علائقي ۾ وسايا ويا. جلاوطنيءَ واري زماني ۾ اٽڪل 170،000 کان 200،000 چچنيا جا رھواسي موت جو شڪار ٿيا[8]،[9]. 1956ع کان پوءِ جڏھن اسٽالن جي پاليسين جي مخالفت جا آواز اٿيا تہ چچنيا جي جلاوطن ڪيل اصلوڪن رھواسين کي پنھنجي وطن واپس اچڻ جي اجازت ڏني وئي. جيتوڻيڪ چچنيا جي اصل وارثن کي واپس اچڻ ڏنو ويو پر سوويت حڪومت پاران ھتي آباد ڪيل لکين ڌارين جي واپسيءَ جي ڪابہ پاليسي نہ ٺاھي وئي. اڪثر نوڪريون ۽ روزگار جا وسيلا ڌارين وٽ ھئا ۽ اصلوڪا ماڻھو بيروزگاريءَ ۽ بدحاليءَ جو شڪار رھيا. نتيجي طور ماڻھن ۾ سوويت يونين کان نفرت ۽ بغاوت جي باھ ڀڙڪي اٿي. گڏوگڏ گروزني شھر نسلي فسادن جو شڪار ٿي ويو.

سوويت يونين جي خاتمي کان پوءِ جوھر دودايف جي اڳواڻيءَ ۾ چچنيا جي آزاد حڪومت جو اعلان ڪيو ويو ۽ گروزنيءَ کي انھيءَ جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو ويو. روس حڪومت چچنيا جي آزاد حڪومت کي ڪيرائڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڏنيون. 1994ع ۾ روسي فوجين گروزنيءَ تي بمباري ڪرڻ شروع ڪئي.

چچنيا جي پھرين جنگ[سنواريو]

چچنيا جي پھرين جنگ ۾ گروزني شھر روس جي شديد بمباريءَ جو نشانو رھيو. اھا جنگ ڊسمبر 1994ع کان فيبروري 1995ع تائين جاري رھي جنھن ۾ گوزني شھر جو وڏو حصو روسي فوج جي بمباريءَ سبب مٽيءَ جو ڍير بنجي ويو. ھزارين ويڙھاڪ ۽ عام شھري موت جو شڪار ٿيا ۽ سوين ماڻھن کي اجتماعي قبرن ۾ دفنايو ويو. آخرڪار روسي فوجون شھر تي قابض ٿي ويون. نتيجي طور ھتي گوريلا جنگ شروع ٿي وئي. ھتان جا ويڙھاڪ اچانڪ حملا ڪري روسي فوجن جون ننڊون حرام ڪندا رھيا. آگسٽ 1996ع ۾ 1500 کان 3000 ويڙھاڪن حملو ڪري روسي فوج کي زبردست نقصان پھچايو۽ شھر تي قبضو ڪري ورتو.

چچنيا جي ٻي جنگ[سنواريو]

25 آڪٽوبر 1999ع تي روسي فوجين گروزنيءَ تي شديد بمباري ڪئي. بيلاسٽڪ ميزائلن جي حملن ۾ 140 کان وڌيڪ عام شھري پنھنجون حياتيون وڃائي ويٺا. گروزنيءَ جي ڪيترين ئي عمارتن ۽ ٻئي انفااسٽريڪچر کي تباھ ڪيو ويو. فيبروري 2000ع ۾ روسي فوجين گروزني شھر تي مڪمل ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو. روسي فوج ھتان جي ويڙھاڪن کي شھر ڇڏي وڃڻ جي اجازت ڏيڻ جو اعلان ڪيو، پر گروزني شھر کان الخان قلا ڳوٺ واري رستي تي مائين ۽ ڌماڪيدار مادا وڇائي ڇڏيا ھئا. ويڙھاڪ جڏھن شھر ڇڏي انھيءَ ڳوٺ طرف وڃڻ لڳا تہ اھي ڌماڪيدار مادا ڦاٽي پيا جنھن جي نتيجي ۾ گروزنيءَ جو ميئر ۽ ويڙھاڪن جا ڪئين ڪمانڊر شھيد ٿي ويا. روسي فوج ھن شھر جا اڪثر علائقا نيست ۽ نابود ڪري ڇڏيا. 2003ع ۾ اقوام متحدہ گروزني شھر کي دنيا جو سڀ کان تباھ حال شھر قرار ڏنو[10].

جنگين کان پوءِ وارو دور[سنواريو]

گروزني شھر جا ٽاور
2011ع ۾ گروزني شھر
گروزني جو گلن جو باغ (2019ع)

2003ع کان وٺي ھن شھر جي ٻيھر آبادڪاريءَ جو ڪم شروع ٿيو آھي. جنگ کان پھرين ھتي ڪئين ڪارخانا قائم ھئا انھن مان ڪجه کي ٻيھر بحال ڪيو ويو آھي. شھر جي گندي پاڻيءَ جي نيڪال جو سرشتو، پاڻي، بجلي ۽ ھيٽنگ سسٽم بحال ڪيو ويو آھي. شھر جا 250 ڪلوميٽرن ۾ ڦھليل رستا، 13 پلون، 900 دوڪان ۽ اڪثر رھائشي علائقا مرمت ڪري استعمال جي لائق بنايا ويا آھن. 2005ع ۾ ريل سروس ۽ 2007ع ۾ ھوائي اڏو بحال ڪيو ويو آھي. 16 نومبر 2009ع تي پھرين بين الاقوامي پرواز حاجين کي کڻي سعودي عرب رواني ٿي.

16 آڪٽوبر 2008ع تي ھتان جي اخمد قادروف جامع مسجد عوام لاءِ کولي وئي. ھيءَ يورپ جي وڏين مسجدن مان ھڪ آھي.

انتظامي جوڙجڪ[سنواريو]

گروزني جمھوريہ چچنيا جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. ھن کي شھري اڪرگ (Grozny Urban Okrug) جو درجو پڻ حاصل آھي. اڪرگ ھڪ انتظامي يونٽ جو نالو آھي جيڪو ضلعي جي برابر آھي. ھي شھر ھتان جي ميونسپل ڪارپوريشن جو مرڪز پڻ آھي. شھر جو انتظامي سربراھ ميئر آھي. شھر ۽ ان جي پسگردائيءَ کي انتظامي طور چئن ضلعن ۾ ورھايو ويو آھي.

تعليم[سنواريو]

ھن شھر ۾ اعليٰ تعليم جا ھيٺيان ادارا قائم آھن:

  • چچنيا جي اسٽيٽ يونيورسٽي
  • چچنيا پيڊاگوگيڪل انسٽيٽيوٽ (استادن جي سکيا جو ادارو)
  • گوزني اسٽيٽ آئل ٽيڪنيڪل يونيورسٽي
فوٽ بال اسٽيڊيم

رانديون[سنواريو]

فوٽ بال ھتان جي سڀ کان مقبول راند آھي. ھتان جي ”اخمت گروزني فوٽ بال ڪلب“ روس جي مڃيل فوٽ بال ڪلبن ۾ شمار ٿئي ٿي. ھن ڪلب جو پنھنجو اسٽيڊيم آھي جنھن کي اخمت اسٽيڊيم ڪوٺيو وڃي ٿو. امضان قدروف ھن فوٽ بال ڪلب جو مالڪ آھي. ھتي 2015ع ۾ ”فورٽ گروزني“ جي نالي سان موٽر ريسنگ جو ھڪ وڏو ڪامپليڪس قائم ڪيو ويو.

جاگرافي[سنواريو]

ھي شھر سنزا نديءَ جي ڪناري تي آباد آھي. ھي شھر ڪوھ ڪاف جبلن جي قطار کان اٽڪل 80 ڪلوميٽر (50 ميل) اتر ۾ آباد آھي. ھتان جي موسم گھميل براعظمي آھي (ڪوپن: Dfa). ھتي اونھاري ۾ گرمي ۽ سياري ۾ ٿڌ پوي ٿي. اونھاري جي شروع ۾ چڱي خاصي برسات پوي ٿي.

حوالا[سنواريو]

  1. Charter of Grozny, Article 47
  2. Official website of Grozny. [١], Mayor of Grozny
  3. Charter of Grozny, Article 28
  4. "Grozny city, Russia travel guide". russiatrek.org. حاصل ڪيل 2022-03-22. 
  5. Goroda Rossii. (Repr. izd ed.). Moskva: Drofa. 2003. ISBN 5-7107-7399-9. OCLC 231980002. https://www.worldcat.org/oclc/231980002. 
  6. Baddeley, J. F. (2013-11-05). The Russian Conquest of the Caucasus. Routledge. ISBN 978-1-136-80093-1. http://dx.doi.org/10.4324/9781315026961. 
  7. 7.0 7.1 Oil and geopolitics in the Caspian Sea Region. Michael P. Croissant, Bülent Aras. Westport, Conn.: Praeger. 1999. ISBN 0-313-04738-3. OCLC 57581671. https://www.worldcat.org/oclc/57581671. 
  8. Derluguian, Georgi M. (2006-12). "The Lone Wolf and the Bear: Three Centuries of Chechen Defiance of Russian Ruleby Moshe Gammer". Political Science Quarterly 121 (4): 743–744. doi:10.1002/j.1538-165x.2006.tb01580.x. ISSN 0032-3195. http://dx.doi.org/10.1002/j.1538-165x.2006.tb01580.x. 
  9. Dunlop, John B. (1998-09-28). Russia Confronts Chechnya. Cambridge University Press. ISBN 978-0-521-63184-6. http://dx.doi.org/10.1017/cbo9780511612077. 
  10. "Scars remain amid Chechen revival" (en-GB ۾). 2007-03-03. http://news.bbc.co.uk/2/hi/programmes/from_our_own_correspondent/6414603.stm.