کيئلداس فاني

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

کيئلداس فاني (انگريزي: Kheealdas Fani)؛ جنم: 4 اپريل 1914ع - وفات: 1995ع) سنڌ جو شاعر، اديب، ڊرامانگار، سنگيتڪار ۽ تعليمي ماهر هو.

ننڍپڻ[سنواريو]

کيئلداس 4 اپريل 1914ع تي شڪارپور تعلقي جي ميان جي ڳوٺ ۾ اکيون کوليون. سندس پيءُ جو نالو وليرام بيگواڻي هو. ابتدائي تعليم پنهنجي ڳوٺ جي ورنيڪيولر اسڪول مان حاصل ڪيائين. وڌيڪ تعليم شڪارپور مان حاصل ڪيائين[1].

علمي ۽ ادبي سفر[سنواريو]

شڪارپور ۾ تعليم دوران آغا غلام نبي صوفيءَ جي صحبت ۾ اچي شاعريءَ سان چاھ پيدا ٿيس. هي اهو زمانو هو جڏهن شڪارپور علم ۽ ادب جو گهوارو هو ۽ مشاعرا منعقد ٿيندا هئا. انهن مشاعرن ۾ کيئلداس سان گڏ آغا غلام نبي صوفي، فقير غلام علي مسرور، لطيف الله جوڳي، ساز علي ساز ۽ هولارام پورن پنهنجي شاعري پيش ڪندا هئا. انهن مشاعرن ۾ غلام علي”جعفري“، نواز علي”نياز“، محمود ”خادم“، ماستر قادر بخش ”بشير“ ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر به اچي شريڪ ٿيندا هئا. کيئلداس جي پهرئين غزل جون ڪجهه سٽون هن طرح هيون[2]:

صبا سچ چئه ته سهڻن ۾ اسان جو يار هو يا نه

ٻُڌائج محب منهنجو دل گهريو دلدار هو يا نه

جتي سهڻن جي ٽولي ۾ ڪئي تعريف ٿي هُن جي

اتي ”فاني“مزدورن جيان ڪمي ڪمدار هو يا نه

کيئلداس فاني مئٽرڪ جو امتحان پاس ڪرڻ کان پوءِ شڪارپور جي نيو ايريا هاءِ اسڪول ۾ استاد مقرر ٿيو. انهيءَ اسڪول کي بعد ۾ قاضي حبيب الله هاءِ اسڪول ڪوٺيو ويو. هن اسڪول ۾ سنڌ جو مهان شاعر شيخ اياز، نورالدين سرڪي، غلام نبي مير، سترام همدرد، سڳن آهوجا ۽ ٻيا ڪيترائي شاگرد وٽانئس پڙهي نڪتا. 1947ع ڌاري چيلارام ۽ سيتلداس ڪاليج ۾ سنڌيءَ جو استاد مقرر ٿيو. هن شڪارپور جي هاءِ اسڪول ۽ ڪاليج ۾ 13 سال قوم جي نونهالن کي تعليم ڏيندي گذاريا. 1947ع ۾ هندستان جو ورهاڱو ٿيو ۽ فانيءَ کي پنهنجي پياري وطن سنڌ جا وڻ ڇڏي هندستان ڏانهن وڃڻو پيو ۽ ڀوپال ۾ وڃي رهائش اختيار ڪيائين. سنڌ جي سرزمين ڇڏڻ جو درد ۽ پيڙا سندس هيٺين سٽن مان عيان آهي:

ڀڄي جن آ ڀڄايو مون کي وطن

ڇڏي جن آ ڇڏايو مون کي وطن

لڏي جن آ لڏايو مون کي وطن

جن روهه رُلايو مون کي وطن

”فاني“ سي ڏسان دردن ۾ دُکي

سالن ۾ ٿين ساعت نه سُکي


هندستان ۾ زندگيءَ جو سفر[سنواريو]

1947ع ۾ سنڌ ڇڏڻ کان پوءِ پاڻ ڀوپال ڪاليج ۾ پروفيسر مقرر ٿيو. جيتوڻيڪ 1973ع ۾ رٽائر ٿيو پر سندس قائدانه صلاحيتن ۽ تعليمي قابليت کي ڏسندي ڀوپال سرڪار کيس ڪاليج جو تا حيات پرنسپال مقرر ڪيو. فاني صاحب اُتي ”سنڌي ٽيڪسٽ بوڪ ڪاميٽيءَ“ جو ڪنوينر، صوبائي اڪيڊمي جو وائيس پريزيڊنٽ، مرڪزي ادبي اڪيڊميءَ جو ميمبر، ممبئي يونيورسٽي ۾ پي ايڇ ڊي شاگردن جو نگران ۽ ڀوپال ڪلامنڊل جو چيئرمين به رهيو.

هن شاه، سچل ۽ ساميءَ جي ڪلام کي ساهتيه اڪيڊمين، سيمينارن ۽ ادبي ميڙاڪن وسيلي روشناس ڪرايو. هن هڪ گيتڪار جي حيثيت سان سنڌي ڪلام کي آڪاشواڻي ۽ دور درشن (ٽيليويزن) وسيلي عوام تائين پهچايو[3].

هُن ڀوپال جي سنڌي ڪَلاڪارن کي گڏ ڪري ’’ڪَلاڪار مَنڊل‘‘ نالي هِڪ ٿيٽر گروُپ جي شروعات ڪَئي، ۽ آخري دَم تائين اُن جو روُح رَوان ٿي رهيو[4]. هن ڪيترائي ناٽڪ لکيا ۽ ڪيترين ئي سنڌي نارين جي همت افزائي ڪري هنن کي پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو فراهم ڪيائين. هن جيڪي ناٽڪ ڀوپال ۽ ٻين شهرن ۾ پيش ڪيا تن ۾ ’’قسمت جو کيل‘‘ , ’’ورهاست‘‘ ، شَل ڌيئر نه ڄَمن‘‘ ,’’اَحساس جو آئينو‘‘ , ’’ڪرڻي ـ ڀرڻي‘‘ ۽ ’’پڇتاءَ جا ڳوڙها‘‘ وغيره خاص ذڪر جي لائق آهن. هن ڪجهه ناٽڪن جي خود هدايتڪاري به ڪئي.

ڪتاب[سنواريو]

کيئلداس فانيءَ جي شاعريءَ ۽ نثر جا هيٺيان مجموعا ڇپيل آهن:

  • سامونڊي لهرون
  • سڪ، سوز ۽ ساز (گجرات ۽ ممبئي يونيورسٽيءَ پاران بي اي آنرس لاءِ منظور ٿيل ڪتاب)
  • مڪتي مارڳ
  • پڇتاءَ جا ڳوڙها
  • احساس جو آئينو
  • خزان جي خوشبوءِ
  • پيلا پن
  • سمنڊ سمايو بوند ۾ (سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپرايل)


کيئل جي شاعريءَ بابت نامور شاعرن ۽ اديبن جا تاثر[سنواريو]

شاعر تاثر
شيخ اياز فاني لفظن جو سنگراش آهي. انهن کي گهڙي ڇلي، مهٽي سهٽي هڪ خوبصورت نظم ۾

مجسم ڪندو رهيو آهي. فانيءَ جون ڪي سٽون جادوءَ جو اثر رکن ٿيون. سندس لفظ

خوبصورت ڄار آهن جن ۾ هو اڏامندڙ جذبن کي نهايت اٽڪل سان ڦاسائي ٿو[5].

ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو فاني هڪ مفڪر شاعر آهي، هن کي جيڪي نظريا آهن، تن جو ڳنڀيرتا سان بيان ڪري ٿو. فانيءَ جو شعر فڪر، لفظن جي استعمال ۽ موسيقيت ڪري جديد شاعريءَ ۾ نهايت پيارو ڪلام آهي[6].
وفا منظور چوهاڻ فانيءَ جي شاعري سندس شخصيت وانگر معصوم، ماٺي ۽ گهري آهي، جنهن ۾ پڙهندڙ لفظن جي رنگين منظرن ۾ وڃائجو وڃي[7].
منگهارام ملڪاڻي کيئلداس فاني نثر لکڻ ۾ شاعراڻي جذبات ۽ رنگين عبارت ڪم آڻيندو هو[8].
نقش ناياب منگي فاني جي غزل واري شاعريءَ جي فريمن ۾ احساس ۽ دردن جون تصويرون جابجا نظر اينديون، هن جنهن نموني احساسن کي لفظن جو روپ ڏنو آهي، اهو سندس ڪمال آهي[9].


وفات[سنواريو]

هند ۽ سنڌ جي هن انمول انسان 1995ع ۾ پرلوڪ پڌاريو، البت وفات جي تاريخ بابت اختلاف آهي. روزاني اخبار هلال پاڪستان هن جي ديهانت جي تاريخ 31 جولاءِ 1995ع ڄاڻائي آهي، جڏهن ته سندس ڪتاب ”ڪي وسرن نه مور“ ۾ هن جي ديهانت جي تاريخ 8 اپريل 1995ع ڄاڻايل آهي. هن جي ديهانت جي تاريخ ”سمنڊ سمايو بوند ۾“ جي بئڪ ٽائيٽل تي جون 1995ع ڄاڻايل آهي.

حوالا[سنواريو]


  1. "Welcome To Sindhi Saints: Sain Khiyal Das سائين کيئلداس فاني". Welcome To Sindhi Saints. حاصل ڪيل 2020-03-14. 
  2. "حبيب الرحمان منگي: هند سنڌ جو مشهور شاعر ۽ شيخ اياز جو استاد کيئلداس ”فاني“". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-03-14. 
  3. Late Khialdas Valiram Begwani, Promoters & Preservers of Sindhyat, https://www.sindhisangat.com/Late_khialdas_begwani.php, حاصل ڪيل: 2020-03-12
  4. "Nand Kumar Sanmukhani". www.facebook.com. حاصل ڪيل 2020-03-14. 
  5. شيخ اياز: جي ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي، ص 143، ساهت سڀا پبليڪيشن الهاس نگر، 1987ع
  6. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجو: سنڌي ادب جي مختصر تاريخ، زيب ادبي مرڪز حيدرآباد، 1983.
  7. وفا منظور چوهاڻ: کيئلداس فانيءَ جي شاعريءَ ۾ منظرنگاري، مهراڻ رسالو، جنوري 2017.
  8. ملڪاڻي منگهارام:”سنڌي نثرجي تاريخ“ روشني پبليڪيشن حيدرآباد،ڪنڊيارو ٽيون ايڊيشن 1993ع ، صفحو نمبر 233.
  9. نقش ناياب منگي: کيئلداس فاني جي غزل گوئي. ”ماهوار نئين زندگي ڊسمبر 1998ع، صفحو نمبر 32.