مواد ڏانھن هلو

مڌر ويل

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
مڌرويل
ٽائون ۽ انتظامي مرڪز

مڌرويل جو نظارو
پکيڙ 14.28 چورس ڪلوميٽر
آبادي32,820 
 ايڊنبرگ50 ڪلوميٽر (31 ميل)
 لنڊن529 ڪلوميٽر (335 ميل)
ڪائونسل وارو علائقو
  • اتر لنارڪشائر
ملڪاسڪاٽلينڊ
خودمختيار رياستيونائيٽيڊ ڪنگڊم
پوسٽ ٽائونمڌرويل
پوسٽل ڪوڊ ضلعوML1
ٽيليفون ڪوڊ01698
پوليس 
باه وسائيندڙ 
ايمبولينس 
يو ڪي پارليامنٽ
  • مڌرويل ۽ وشا
اسڪاٽش پارليامينٽ
  • مڌرويل ۽ وشا
جڳهن جي فهرست
گڏيل بادشاهت

مڌر ويل (انگريزي: Motherwell) اسڪاٽلينڊ جو ھڪ وڏو ٽائون (Town) آھي جيڪو گلاسگو شھر جي ڏکڻ اوڀر ۾ آباد آھي. ھن ننڍڙي شھر جي آبادي 32120 آھي [1]۽ ھي اتر لينارڪشائر (North Larakshire) ڪائونسل جو ھيڊ ڪوارٽر آھي. اولھ ۾ ڪلائيڊ ندي ھن کي ھيملٽن کان جدا ڪري ٿي جڏھن تہ اتر اوڀر ۾ سائوٿ ڪيلڊر واٽر (South Calder Water) ھن کي ڪافين (Cafin) ڳوٺ کان جدا ڪري ٿو. مڌر ويل جي اتر ۾ نيو اسٽيوينسن (New Stevension) ۽ بيلشل (Bellshill) واقع آھن. جاگرافيائي طور وشا (Wishaw) ٽائون سان ڳنڍيل آھي. وشا ۽ مڌرويل جي آدمشماري لڳڀڳ ساڳي آھي. ھي ٻئي ٽائون ملي ھڪ شھر جو روپ ڌارين ٿا.

تاريخ

[سنواريو]

جڏھن رومي اسڪاٽلينڊ تي قابض ھئا ان زماني ۾ ھڪ رستو مرڪزي اسڪاٽلينڊ کان ڪلائيڊ نديءَ جو کاٻو ڪنارو وٺندي مڌر ويل واري علائقي مان گذرندو ھو. رومين موجودھ مڌرويل شھر ويجھو ھڪ ننڍو ڪوٽ ۽ غسل ّخنو ٺھرايو ھو[2]، پر رومي ھن علائقي ۾ گھڻو وقت جٽاءُ نہ ڪري سگھيا ۽ مڌرويل واري علائقي ۾ انگريزن ھڪ ڳوٺ اچي قائم ڪيو. ڳوٺ ۾ ليڊي ويل (Lady Well) جي نالي سان ھڪ کوھ کوٽايو ويو. اھو کوھ حضرت بيبي مريم رضيہ جي نالي سان منسوب ڪيو ويو[3]. عيسائي بيبي مريم کي عقيدت وچان مڌر (ماءٌ) ڪوٺيندا آھن، ايئن ھن وسنديءَ تي مڌرويل (ماءٌ جو کوھ) نالو پيو.لينارڪشائر جي نقشي ۾ پھريون ڀيرو مڌرويل جو نالو 1583ع ۾ شامل ڪيو ويو. تاريخي رڪارڊ ٻڌائي ٿو تہ اوڻويھين صديءَ جي شروع ۾ ھي ھڪ ڳوٺ ھو جنھن جي آبادي 600 ماڻھن تي مشتمل ھئي[4]. 1841ع ۾ ھن ڳوٺ جي آبادي وڌي 1700 ٿي وئي. اوڻويھين صديءَ جي ٻئي اڌ ۾ ھن ڳوٺ جي قسمت تڏھن جاڳي پئي جڏھن 1848ع ۾ ھتي ريل جي پٽڙي وڇائي وئي. 1881ع ۾ ھتي لوھ ۽ اسٽيل جا ڪارخانا کليا ۽ واٽر سپلاءِ جو نظام قائم ٿيو. ھن ڳوٺ کي ھڪ برگ (Burgh) جو درجو ڏنو ويو ۽ ھتان جي آبادي 13800 ٿي وئي[4]. اوڻويھين صديءَ جي آخر ڌاري ھتي مڌرويل ٽائون ھال ۽ ڊالزيل (Dalziel) ھاءِ اسڪول جون عمارتون جڙي راس ٿيون. ساڳئي ئي زماني ۾ مڌرويل فوٽبال ٽيم جو اسٽيڊيم جڙي راس ٿيو جنھن کي فر پارڪ (Fir Park) ڪوٺيو وڃي ٿو.

ويھين صديءَ جي شروع ۾ مڌرويل ھڪ وڏي ٽائون جي حيثيت حاصل ڪري ورتي ۽ ھن جي آبادي 37000 تائين پھچي وئي. ھتي ٽرام، پلين جا پرزا ٺاھڻ ۽ گولا بارود ٺاھڻ جا ڪارخانا شروع ٿي ويا. 1930ع واري ڏھاڪي ۾ مڌرويل اسڪاٽلينڊ ۾ اسٽيل جي پيداوار جو مرڪز بنجي ويو. 1960ع واري ڏھاڪي ۾ ھتي اسٽيل جي سالياني پيداوار ڏھ لک ٽن کان بہ وڏي وئي. جڏھن حڪومت ڪارخانن کي قومي ملڪيت ۾ ورتو تہ ھتي آسٽيل جي سالياني پيداوار 30 لک ٽن کان بہ وڌي وئي. 1970ع واري ڏھاڪي ۾ مڌرويل جي اسٽيل ني پلانٽن ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جو انگ 13000 ٿي ويو[5].

1980 ۽ 1990ع وارا ڏھاڪا مڌرويل لاءِ ڪافي ڏکيا ثابت ٿيا. نہ فقظ اسٽيل پر ڪجهه ٻيا وڏا ڪارخانا بہ بند ٿي ويا ۽ بيروزگاري چوٽ تي چڙھي وئي. ايڪويھين صديءَ جي شروع کان ھتي ڪجهه بھتري آئي آھي. جيتوڻيڪ ڪي نيون صنعتون قائم نہ ٿيون آھن پر ڪاروبار بھتر ٿيو آھي ۽ ماڻھن کي روزگار ملڻ لڳو آھي. وشا ۽ مڌرويل پاڻ ۾ ملي ھڪ شھر جو روپ ڏاري چڪا آھن. فقط ڪاغذن ۾ ھي بئي ٽائون الڳ آھن.

آمدورفت

[سنواريو]

مڌرويل ريل ۽ روڊ وسيلي گلاسگو، ايڊنبرا ۽ اسڪاٽلينڊ جي ٻين شھرن سان ڳنڍيل آھي. ھن شھر جون ٽي ريلوي اسٽيشنون آھن: مڌر ويل (مکيہ ريلوي اسٽيشن)، ايئربلس (Airbles) ۽ شيلڊمئير (Shieldmuir). مڌرويل ريلوي اسٽيشن گلاسگو کان لنڊن وينڊڙ مين ريلوي لائين تي قائم آھي. ھتان ريل گاڏيون ايڊنبرا ۽ نيوڪيسل اپان ٽائين طرف پڻ وڃن ٿيون. ھيءَ اسٽيشن مڌر ويل شاپنگ سينٽر جي بلڪل ڀر ۾ قائم ٿيل آھي. مڌرويل کان گلاسگو، ايڊنبرا، ھيملٽن ۽ ٻين علائقن طرف ڪيترائي ننڍا ۽ وڏا رستا وڃن ٿا. گلاسگو جو بين الاقوامي ھوائي اڏو ھتان کان 26 ڪلوميٽر ۽ ايڊنبرا جو بين الاقوامي ھوائي اڏو 31 ڪلوميٽر پري آھي.

حوالا

[سنواريو]
  1. "North Lanarkshire Council - Key Facts 2016 - Demography". web.archive.org. 2018-01-04. 2021-12-26 تي حاصل ڪيل.
  2. Anne S. robertson, s n miller (1937). The Roman Occupation Of South Western Scotland.
  3. Society for the Benefit of the Sons and Daughters of the Clergy; London School of Hygiene and Tropical Medicine (1845). The new statistical account of Scotland. [electronic resource]. London School of Hygiene & Tropical Medicine Library & Archives Service. Edinburgh and London : William Blackwood and Sons.{{cite book}}: CS1 maint: publisher location (ڳنڍڻو)
  4. 1 2 "Timeline History of Motherwell, north lanarkshire". www.visitoruk.com. 2021-12-26 تي حاصل ڪيل.
  5. Robert Duncan (1992) "Steelopolis -The making of Motherwell c1750–1939" Motherwell District Council ISBN 0903207990