اصفھان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
نيويگيشن ڏانھن ٽپ ڏيو ڳولا ڏانھن هلو
Isfahan
اصفهان
سپاھان، اسپادانا
شھر
Naghshejahan.jpg
The Allahverdi Khan Bridge in night.jpgKhaju - Bridge.jpg
Flowers garden Isfahan Aarash (21).jpgکاخ چهلستون۱ 02.jpg
Shah Mosque Isfahan Aarash (257).jpgIspahan Vank Cathedral 20.jpg
مٿان کا ھيٺ، ساڄي کان کاٻي:
نقش جھان اسڪوائر
سي وسہ پل• خاجو پل
گلن جو باغ • چھل ستون
شاھ مسجد • ڪلیسای آمناپرڪیچ
Isfahan
مھر
}}
قومي نشان
Isfahan
Coat of arms/flag
عرفيت: (اڌ دنيا) نصف جھان
Isfahan
Isfahan
جاگرافي بيهڪ: 32°38′41″N 51°40′03″E / 32.64472°N 51.66750°E / 32.64472; 51.66750مڪانيت: 32°38′41″N 51°40′03″E / 32.64472°N 51.66750°E / 32.64472; 51.66750
ملڪ Flag of Iran.svg ايران
صوبو اصفھان
شھرستان اصفھان
ضلعو مرڪزي
حڪومت
 • ميئر علي قاسم زادہ
 • سٽي ڪائونسل محمد نور صالحي (چيئرمين)
پکيڙ[1]
 • شھري ٥٥١ ڪ.م٢ (٢١٣ ميل٢)
بلندي ١٬٥٧٤ ميل (٥٬٢١٧ ft)
آبادي (2016ع واري آدمشماري)

اصفھان (انگريزي: Isfahan) ايران جي صوبي اصفھان جو وڏي ۾ وڏو شھر ۽ گاديءَ جو ھنڌ آھي. ھي شھر تھران ۽ مشھد کان پوءِ ايران جو آباديءَ جي لحاظ کان ٽيون نمبر وڏو شھر آھي. 2016ع جي انگن اکرن مطابق ھن شھر جي آبادي 1,961,260 آھي[5]. ھي شھر تھران کان 406 ڪلوميٽر (252 ميل) ڏکڻ ۾ آباد آھي. ھي اولھ ايران جو ھڪ وڏو ۽ اھم شھرآھي. زايندھ نديءَ (Zāyandeh River) جي اترئين ڪپ تي آباد ھن شھر جي سامونڊِي سطح کان اوچائي 1600 ميٽر (5200 فوٽ) آھي. ھي شھر پھريائين سلجوقي دور (11 کان 12 صدي عيسوي) ۽ پوءِ صفوي دور (16 کان 18 صدي عيسوي) ۾ ايران جو ھڪ اھم ۽ خوشحال شھر رھيو. ھي شھر پنھنجي عاليشان عمارتن ۽ تاريخي يادگارن جي ڪري سڄي اسلامي دنيا ۾ منفرد حيثيت رکي ٿو[6]. 1979ع ۾ ھن شھر جي ”ميدان امام“ کي يونيسڪو جو عالمي ورثو قرار ڏنو ويو. ھن شھر لاءِ فارسيءَ ۾ ھڪ مشھور چوڻي آھي تہ ”اصفھان نصف جھان است“ يعني ”اصفھان اڌ دنيا آھي“. ھي شھر تھران کان ايراني نار ويندڙ رستي تي آباد آھي[7]. ھي شھر آل بويہ، سلجوقي ۽ صفوي گھراڻن جي بادشاھيءَ واري دور ۾ ايران جي گاديءَ جو ھنڌ رھيو[8]. اصفھان ۽ رشت ايران جا پھريان ٻہ شھر آھن جن کي 11 ڊسمبر 2015ع تي يونيسڪو جي تخليقي شھرن جي فھرست (UNESCO Creative Cities Network) ۾ شامل ڪيو ويو[9].

پراڻا نالا ۽ تاريخ[سنواريو]

موجودھ اصفھان واري ھنڌ تي اھخامنشي بادشاھت (559 - 330 ق.م) وارن ڏينھن ۾ گيبي (Gabae) نالي ھڪ ننڍو شھر آباد ھو. انھيءَ شھر کي بعد ۾ ”گي“ (Gay) يا ”جي“ سڏيو ويو. ڪجه تاريخ نويسن ھن شھر کي گابا (Gaba)، گابيہ (Gabeh), گابيان (Gabian) ۽ گبي (Gabi) پڻ سڏيو آھي[10]. ساساني دور (224 - 651) ۾ ھن شھر کي سپاھان (Spahan)، سپدان Spadana)، اسپدانہ (Spadana) ۽ آخرڪار اسپدان (Espadan) سڏيو ويو. جيئن تہ عربي ابجد ۾ ”پ“ موجود ناھي انڪري ھنن ”پ“ کي ”ف“ چوڻ شروع ڪيو يعني شھر جو نالو ”اسپھان“ مان ڦري ”اصفھان“ ٿي ويو. ساساني دور جون ڪيتريون ئي مھرون ۽ لکتون ھٿ آيون آھن جن تي ”سپاھان“ لکيل آھي. لفظ ”سپاھان“ لفظ ”سپاھي“ جو جمع آھي انڪري ”سپاھان“ مان مراد آھي ”اھو ھنڌ جتي سپاھي گڏ ٿين“. مشھور يوناني جاگرافيدان ڪلاڊيس تولمي (Claudius Ptolemy) لفظ اسپدانہ (Spadana) جي بہ ساڳي معنيٰ ٻڌائي آھي[11]. تولمي وڌيڪ لکي ٿو تہ سڪندراعظم وارن ڏينھن ۾ ھن شھر جو نالو گيبي (Gabae) يا تيبي (Tabai) ھو ۽ ھتي اھخامشي گھراڻي جي بادشاھ جو ھڪ محل بہ موجود ھو. ھي شھر ھڪ خوشحال علائقي ۾ آباد ھو جنھن جي فوجي لحاظ کان ڪافي اھميت ھئي ۽ ملڪ جي حفاظت لاءِ ھتي ھميشہ سپاھين جو وڏو تعداد موجود ھوندو ھو. جيئن تہ عربي ٻوليءَ ۾ ”گ“ اکر موجود ناھي انڪري پراڻن عرب جاگرافيدانن ھن شھر جو نالو ”گي“ بجاِءِ ”جي (Jay)“ لکيو آھي. عربن جي فتح وقت موجودھ اصفھان شھر واري علائقي ۾ ٻہ شھر آباد ھئا جيڪي ھڪٻئي کان ٽي ڪلوميٽر پري آباد ھئا. آنھن مان ھڪ شھر جو نالو ”گي“ يا ”جي“ ھو ۽ ٻئي شھر جو نالو اليھوديہ ھو. اليھوديہ ۾ يھودي مذھب سان واسطو رکندڙ ماڻھن جي اڪثريت ھئي. ھي ٻئي جاڙا شھر ڪڏھن آباد ٿيا ان بابت تاريخ جو پڪو ثبوت نٿي ڏئي. البت ايترو چئي سگھجي ٿو تہ ”گي“ شھر ”اليھوديہ“ کان وڌيڪ اھميت وارو شھر ھو. عرب ھن شھر جي شان شوڪت ۽ خوشحاليءَ کان ڪافي متاثر ھئا ۽ ھن شھر کي ”بھشت“ ۽ ”ٻيو بغدااد“ ڪوٺيو اٿن. يوناني جاگرافيدان اسٽريبو ھن شھر کي ايران جو مرڪز ڪوٺيو آھي.

اشڪاني (Parthian) گھراڻي جي بادشاھ مھرداد اول ھن شھر ۾ ھڪ فوجي بيرڪ قائم ڪئي ھئي. بنيادي طور ھي ھڪ فوجي ادارو ھو جتي سپاھين کي جنگي سکيا ڏني ويندي ھئي. ھتي سپاھين جو ھڪ اضافي دستو بہ موجود ھوندو ھو جيڪو ايمرجنسيءَ جي صورت ۾ ڪنھن بہ جنگي محاّذ تي وڃڻ لاءِ تيار ھوندو ھو. ان وقت شھر کي ”گابائي“ ڪوٺيو ويندو ھو. ايئن ٿو ڀانئجي تہ ھن شھر تي اسپھان نالو ساسانين جي دور ۾ پيو[12]. تاريخ جا ورق ورائڻ سان پروڙ پوي ٿي تہ ساساني گھوڙي سوار دستا امن جي زماني ۾ اصفھان جي آسپاس سرسبز ميدانن ۾، خاص طور تي شھر جي اولھ پاسي واري علائقي ۾ موجود ھوندا ھئا. اصفھان جي رھواسين ۾ ست اھڙا خاندان ھئا جن جو حڪومتي حلقن ۾ چڱو موچارو اثررسوخ ھو. انڪري ساساني دور ۾ ھن شھر سٺي ترقي ڪئي.

ايران ۾ اسلامي حڪومت جي شروعاتي دور ۾ اصفھان جي آسپاس وارن سمورن علائقن کي ملائي اصفھان سڏيو ويندو ھو. خليفي منصور عباسيءَ جي دور ۾ ھن شھر جي چوڌاري ڪوٽ تعمير ڪيو ويو. 932ع ڌاري زياريان گھراڻي جي حڪمران مرداويج (Mardavij) ھن شھر تي نہ فقط قبضو ڪيو پر ھن کي پنھنجي حڪومت جي گاديءَ جو ھنڌ بنايو. گاديءَ جو ھنڌ ٿيڻ کان پوءِ ھن شھر ڪافي ترقي ڪئي ۽ ھي علم ۽ ادب جو گھوارو بنجي ويو. 1050ع ڌاري طغرل سلجوقي ھن شھر تي قبضو ڪيو. ھن شھر جي ٻيھر تعمير تي 500،000 دينار خرچ ڪيا ۽ ھتان جي رھواسين تان ٽن سالن تائين ٽيڪس معاف ڪيائين. جيڪي ماڻھو جنگ واري زماني ۾ شھر ڇڏي ويا ھئا سي موٽي آيا ۽ شھر جي آباديءَ ۾ خاطرخواھ واڌارو آيو. ترقيءَ جو اھو سفر آلب ارسلان جي ڏينھن ۾ بہ جاري رھيو. ھن جي وزير خواجہ نظام الملڪ طوسيءَ ھن شھر کي ترقيءَ جي عروج تي پھچايو ۽ انھيءَ دور ۾ شھر جي آبادي ٻيڻي ٿي وئي[13]. مشھور سياح ۽ فارسي ٻوليءَ جو ليکڪ ناصر خسرو قبادياني 1052ع ۾ ھي شھر ڏسڻ آيو. ھو لکي ٿو تہ، ”ھن شھر جي آبھوا خوشگوار آھي ۽ ھتان جي کوھن مان مٺو ۽ ٿڌو پاڻي ملي ٿو. ھي شھر جنھن جي ندين ۾ پاڻي وھي ٿو، ان جي چوڌاري ھڪ اوچي قلعا بند ڀت ڏنل آھي. ھتي شاندار اوچيون عمارتون تعمير ٿيل آھن ۽ شھر جي وچ ۾ ھڪ عظيم الشان مسجد موجود آھي“[14].

1597ع يا 1598ع ۾ شاھ عباس صفويءِ پنھنجي سلطنت جي گاديءَ جو ھنڌ قزون مان اصفھان منتقل ڪيو. گاديءَ جي ھنڌ جي انھيءَ منتقليءَ جا ڪيترائي سبب ھئا جن مان ڪجه ھيٺ ڏجن ٿا:

  • اصفھان جي بيھڪ فوجي لحاظ کان قزون کان بھتر ھئي. اصفھان مان پنھنجي سرحدن جي حفاظت ڪرڻ وڌيڪ سولو ھو.
  • اصفھان ھڪ خوشحال شھر ھو جتي واپار ڪرڻ جا بھتر موقعا موجود ھئا.
  • شاھ عباس کي نجومين ٻڌايو ھو تہ قزون ۾ ھن جي حياتيءَ کي خطرو پيش اچي سگھي ٿو.

صفوي بادشاھت جي گاديءَ جو ھنڌ بنجڻ کان پوءِ ڄڻ تہ ھن شھر جي قسمت کلي پئي. شھر ۾ ڪيتريون ئي مسجدون، حوض ۽ مسافرخانا کليا، ھن شھر جي مواصلاتي ۽ آبپاشيءَ جي نظام کي بھتر ڪيو ويو۽ شھر کان چند ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي زرعي پيداوار جو ھڪ وڏو مرڪز قائم ڪيو ويو[15]. شاھ عباس جي دور ۾ ھي شھر اوڀر جي سڀني شھرن کان گوءِ کڻي ويو ھو ۽ ان زماني ۾ ھي قسطنطنيہ کان بہ وڏو شھر ھو[16].

قجار گھراڻي جي مسعود مرزا ظل السلطان (ناصرالدين شاھ قاجار جو پٽ) ھن شھر تي 1872ٿ کان 2007ع تائين حڪومت ڪئي. ھن اصفھان ۾ ھڪ وڏي فوجي ڇانوڻي قائم ڪئي جتي فوجين کا جنگي مشقون ڪرايون وينديون ھيون. مسعود مرزا جي حڪمرانيءَ واري دور ۾ صفوي دور جون ڪيتريون ئي عمارتون ۽ باغ تباھ ٿي ويا ۽ شھر جي رونق ڪنھن حد تائين مان پئجي وئي.

پھلوي دور ۾ ھتي ڪافي ترقياتي ڪم ٿيا ۽ ھتي ٽيڪسٽائيل جي صنعت زور ورتو. گڏوگڏ اسٽيل، سيمنٽ ۽ ٻين صنعتن بہ ڪافي ترقي ڪئي. 1946ع ۾ يونيورسٽي آف اصفھان جو قيام عمل ۾ آيو. 1984ع ۾ ھتان جي بين الاقوامي ھوائي اڏي جو افتتاح ٿيو.

5 آگسٽ 1978ع تي ھتي حڪومت خلاف زوردار مظاھرا ٿيا جنھن ڪري ھتي مارشل لا لاڳو ڪيو ويو[17]. ايران عراق جنگ دوران ھتان جا ھزارين ماڻھو شھيد ۽ زخمي ٿيا.

جاگرافي[سنواريو]

ھي شھر زاگروس جبلن جي دامن ۾ زايندھ نديءَ جي ماٿريءَ ۾ آباد آھي. ڪوھ صوفہ ھن شھر جو ويجھي ۾ ويجھو جبل آھي جيڪو شھر جي مرڪزکان ڏکڻ ۾ موجود آھي. ھتي اتر کان 90 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان ٿڌيون ھوائون ھلن ٿيون. شھر جي موسم اونھاري ۾ ڪنھن حد تائين گرم رھندي آھي. اونھاري ۾ ھتان جو سراسري گرميءُ جو درجو 350C (950F) جي لڳڀڳ ھوندو آھي. رات جو موسم عام طور تي وڌيڪ ٿڌي ۽ خوشگوار ھوندي آھي. سياري ۾ ڏينھن جي وقت ھلڪي ۽ رات جو گھڻي ٿڌ محسوس ٿيندي آھي. ڪڏھن ڪڏھن برفباري بہ ٿيندي آھي[18].

آمدورفت[سنواريو]

اصفھان روڊ، ريل ۽ ھوا وسيلي ايران جي مختلف شھرن ۽ دنيا سان ڳنڍيل آھي. 2019ع ۾ اصفھان جو بين الاقوامي ھوائي اڏو ايران جو ستون وڏو ھوائي اڏو ھو. ھي شھر ريل وسيلي قم، تھران، يزد، بندرعباس ۽ ٻين شھرن سان ڳنڍيل آھي. انھن شھرن طرف روڊ رستي بہ سفر ڪري سگھجي ٿو. شھر اندر سفر ڪرڻ جون بہ سٺيون سھولتون موجود آھن ۽ شھر اندر ميٽرو جي سھولت بہ موجود آھي.

سياحت[سنواريو]

ھي شھر ھميشہ سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز رھيو آھي. 2018ڏ2019ع ۾ 450،000 پرڏيھي سياح ھي شھر گھمڻ آيا. ھتان جي مشھور گھمڻ جھڙن ماڳن ۾ ھيٺيان خاص ڌيان ڇڪائي سگھن ٿا:

  • سی‌وسه‌ پل (Si-o-se-pol): زايندھ نديءَ تي ھيءَ پل سترھين صديءَ ۾ تعمير ٿي. ھن پل کي پل الله‌ وردي خان پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. ھي ايران جي صفوي گھراڻي جي بادشاھت جي وقت جو ھڪ نادر نمونو آھي. عباس شاھ صفويءَ جي دور ۾ ٺھيل ھيءَ پل 297.76 ميٽر ڊگھي ۽ 14.74 ميٽر ويڪري آھي.

ميدان نقش جھان (Naqsh-e Jahan Square): ھي ميدان صفوي دور جو ھڪ عظيم يادگار آھي جيڪو 1598ع کان 1629ع جي وچ وارن سالن ۾ تعمير ٿيو. 1979ع کان اڳ ھن کي ميدان سعيد ۽ ميدان شاھ سڏيو ويندو ھو. ھن کي ميدان امام پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. 89،600 چورس ميٽرن جي ايراضيءَ ۾ پکڙيل ھي ميدان چئني پاسن کان صفوي دور جي عمارتن سان گھيريل آھي. ھي ميدان يونيسڪو جي عالمي ثقافتي ماڳن (UNESCO's World Heritage Sites) مان ھڪ آھي. ميدان جي ڏکڻ ۾ شاھ مسجد، اولھ ۾ علي قاپو جو محل ۽ اوڀر ۾ شيخ لطف اللّٰہ مسجد تعمير ٿيل آھي. اتر ۾ قيصري دروازو آھي ۽ انھيءَ دروازي وٽان اصفھان جي شاھي بازار شروع ٿئي ٿي. ايران جي 20،000 ريال واري ڪرنسي نوٽ جي پوئين پاسي ھن ميدان جي تصوير ڇپيل آھي. اصفھان جي شاھي بازار کي سلطاني بازار ۽ قيصريہ بازار بہ ڪوٺيو وڃي ٿو. ھي تاريخي بازار يارھين صدي عيسويءَ ۾ قائم ڪئي وئي ھئي. ھن بازار ۾ ٻين شين کان علاوہ ايران جا قيمتي ۽ نفيس قالين، گلم ۽ غاليچا خريد ڪري سگھجن ٿا.

  • توحيد خانقاھ: ھيءَ ھڪ تاريخي عمارت آھي جيڪا علي قاپو محل جي پٺئين پاسي واقع آھي. چون ٿا تہ ھن عمارت ۾ ھر جمعي جي شام جو صوفي بزرگ گڏ ٿيندا ھئا ۽ ھو بادشاھ ۽ سلطنت جي سلامتيءَ لاءِ دعائون گھرندا ھئا. جي چون ٿا تہ صفوي گھراڻي جو بادشاھ عباس اول پاڻ بہ صوفين جي انھيءَ مجلس ۾ شريڪ ٿيندو ھو. ڪجه وقت ھيءَ عمارت بادشاھي محل جي بورچيخاني ۽ جيل طور بہ استعمال ٿي.
  • پُلون: اصفھان جي جوبي پل (Joubi Bridge), خواجو پل، مرنان پل ۽ شھرستان پل شھر جي رونق ۽ سونھن کي چار چنڊ لڳائين ٿيون.
  • حمام يا غسل خانا: صفوي دور جا ٺھيل آغا قلي حمام، جارچي حمام، شاھ علي حمام ۽ ۽ شيخ بھائي حمام سياحن جي دلچسپيءَ جو مرڪز آھن.
  • منارا: ھن شھر ۾ ڪيترائي خوبصورت منارا بہ موجود آھن جن ۾ منارہ علي، منارہ باغ قوشخانہ، منارہ چھل دختران، مناره های دردشت، مناره های دارالضیافه، منارہ ساربان شامل آھن.
  • شاھي محل: ھتي ٽي تاريخي بادشاھي محل موجود آھن: علي قاپو جو محل، چھل ستون محل (چاليھن ٿنبن وارو محل) ۽ ھشت بھشت (اٺون بھشت).
  • عجائب گھر: ھتان جي عجائب گھرن ۾ عصري آرٽ ميوزيم۽ سينگار جي فن جو عجائب گھر (Decorative Art Museum) شامل آھن.
  • مسجدون: اصفھان ۾ ڪيتريون ئي تاريخي مسجدون موجود آھن جن ۾ آغا نور مسجد، دروازہ نو مسجد، حاڪم مسجد، ايلچي مسجد، امام مسجد، جامع مسجد، لنبان مسجد، مقصود بيڪ مسجد، مصري مسجد، رڪن الملڪ مسجد، صفا مسجد، سيد مسجد، شيخ لطف اللّٰہ مسجد ۽ ٻيون بہ ڪيتريون ئي شاندار مسجدون موجود آھن.
  • باغ فين:

حوالا[سنواريو]

  1. http://www.daftlogic.com/downloads/kml/10102015-9mzrdauu.kml[مئل ڳنڍڻو]
  2. "Statistical Center of Iran > Home". وقت 8 July 2018 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 27 September 2018.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  3. "Major Agglomerations of the World - Population Statistics and Maps". citypopulation.de. وقت 2018-09-13 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. 
  4. "Isfahan Climate - IRAN TRAVEL, TRIP TO IRAN". www.irangazette.com. وقت 24 February 2020 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 24 February 2020.  Unknown parameter |url-status= ignored (مدد)
  5. "Statistical Center of Iran > Home". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-01-16. 
  6. Assari A., Mahesh T.M., Demographic comparative in heritage texture of Isfahan City, Journal of Geography and Regional Planning Vol. 4(8), pp. 463-470, August 2011. Available online at http://www.academicjournals.org/JGRP ISSN 2070-1845
  7. "Esfahan | Encyclopedia.com". www.encyclopedia.com. حاصل ڪيل 2022-01-18. 
  8. "دوران پایتختی اصفهان". اصفهان ویزیت (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-02-21. 
  9. User, Super. "Isfahan, the city of art and cyan domes". iaun.ac.ir. حاصل ڪيل 2022-02-21. 
  10. شناخت استان اصفهان، افشار سیستانی، ص۷۷، تهران، هیرمند، ۱۳۷۸
  11. Ptolemy, Geographia 6.4.4
  12. تصویری از زندگانی مردم بلوچ در نیمروز و هلمند سفلی قبل از انقلاب ثور / تالیف غلام رحمان امیری.. University of Arizona Libraries. 1986. http://dx.doi.org/10.2458/azu_acku_ds380_b3_alif89_1365. 
  13. "ISFAHAN vi. MEDIEVAL PERIOD – Encyclopaedia Iranica". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-02-21. 
  14. "جهانگردان اصفهان را چگونه معرفی کرده اند؟". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-02-21. 
  15. "انتقال پایتخت صفویه به اصفهان؛ علل و پیامدهای آن - پایگاه مجلات تخصصی نور". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-02-21. 
  16. "روزنامه قانون | شماره ۴۲۲ | ۱۳۹۳ دوشنبه ۱۵ دي | صفحه ۱۱ | ظل‌السلطان و آشوراده". web.archive.org. حاصل ڪيل 2022-02-21. 
  17. ایران میان دو انقلاب، یرواند آبراهامیان، صفحهٔ ۶۳۲
  18. http://targan.ir, Targan Management Systems-. "About Isfahan". Isfahan University of Medical Sciences (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-02-22.