وڙودرا

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
وڙودرا
بڙودا
Vadodara or Baroda
شھر
مٿان کان گھڙيال واري رخ ۾: لڪشمي ولاس محل، پرتاب ولاس محل، شھر جو مرڪز، سردار پٽيل پلانيٽيريم، ڊسٽرڪٽ ڪورٽ، ھوائي اڏو
عرفيت: ڪلا نگري ،(ثقافت جو شھر) سياجي نگري، سنسڪاري نگري
وڙودرا is located in گجرات
وڙودرا
وڙودرا
وڙودرا is located in
وڙودرا
وڙودرا
ڀارتي رياست گجرات ۾ بيھڪ## ڀارت ۾ بيھڪ
جاگرافي بيهڪ: 22°18′N 73°12′E / 22.300°N 73.200°E / 22.300; 73.200مڪانيت: 22°18′N 73°12′E / 22.300°N 73.200°E / 22.300; 73.200
ملڪ ھندستان
رياست گجرات
ضلعو وڙودرا
زون 4
پکيڙ
 • ڪل 220.33 ڪ.م2 (85.07 ميل2)
پکيڙ ۾ درجو چوٿون (گجرات)
ڏھون (ھندستان)
بلندي 32 ميل (105 ft)
آبادي (2022)
 • ڪل 2,277,153

وڙودرا (انگريزي: Vadodara) ھندستان جي گجرات رياست جو ھڪ شھر آھي. ھن شھر کي بڙودا پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو. وشوامتري نديءَ (Vishwamitri River) جي ڪناري تي آباد ھي شھر احمدآباد ۽ سورت کان پوءِ آباديءَ جي لحاظ کان گجرات رياست جو ٽيون وڏو شھر آھي. ھڪ اندازي مطابق، 2022ع ۾ ھن شھر جي آبادي 2,277,153 ٿي وئي آھي. ھي گجرات جي انھن شھرن مان آھي جن جي آبادي تيزيءَ سان وڌي رھي آھي[1]. ھي شھر آحمدآباد کان ڏکڻ اوڀر ۾ 100 ڪلوميٽرن (60 ميلن) جي پنڌ تي آباد آھي. مقامي ماڻھو ھن کي سنسڪري ننگري (ثقافت جو شھر) ۽ ڪلا ننگري (فن جو شھر) پڻ سڏيندا آھن. ھي شھر روڊ ۽ ريل وسيلي ممبئي، دھلي ۽ ھندستان جي ٻين شھرن سان ڳنڍيل آھي.

ھن شھر ۾ سنڌي ڳالھائيندڙ ماڻھو چڱي تعداد ۾ آباد آھن. سندن آبادي 135000 جي لڳڀڳ آھي[2]. احمد اباد بڙودا ريڊيو اسٽيشن جي سنڌي سروس جا پروگرام سنڌ ۾ وڏي شوق سان ٻڌا ويندا ھئا. ھن شھر ۾ ڪيترائي سنڌي اديب ۽ شاعر رھن ٿا.

تاريخ[سنواريو]

ھن شھر کي مختلف دورن ۾ مختلف نالن سان سڏيو ويو آھي. ھن شھر جو پھريون ذڪر 812ع جي ھڪ چارٽر ۾ ملي ٿو جنھن ۾ ھن شھر جو نالو وڊاپدرڪا (Vadapadraka) ڄاڻايو ويو آھي. ان زماني ۾ ھيءُ ھڪ ننڍوڳوٺ ھو جيڪو وشماتري نديءَ جي الھندي ڪناري تي آباد انڪوٽڪا (Ankottaka) شھر جي ويجھو آباد ھو[3]. پنجين ۽ ڇھين صدي عيسويءَ ۾ انڪوٽڪا جين ڌرم وارن جو ھڪ وڏو مرڪز ھو. 600ع ڌاري وشوامتري نديءَ ۾ زبردست ٻوڏ آئي جنھن ڪري ھن ڳوٺ جا ماڻھو الھندي ڪناري تان لڏي اڀرندي ڪناري تي اچي ويٺا. وقت سان گڏوگڏ انھيءَ ڳوٺ جي آباديءَ ۾ واڌارو آيو ۽ ھتي ھڪ شھر آباد ٿي ويو. ڏھين صدي عيسويءَ تائين ھن شھر جي آبادي ايتري تہ وڌي وئي جو ڀروارو پراڻو شھر انڪوٽڪا بہ ھن شھر جو حصو بنجي ويو[4]. جڏھن راجپوتن جي دور قبيلي جي راجا چندن جين ڌرم وارن کي شڪست ڏئي ھن شھر جو انتظام سنڀاليو تہ ھن شھر تي چندن وتي (Chandanavati) نالو پئجي ويو. ھن شھر کي ورڪشيتر (Virakshetra) يا ويروتي (Virawati) پڻ سڏيو ويو آھي جنھن جي معنيٰ آھي ”جنگجو ماڻھن جو ديس“[5]. اڳتي ھلي ھن شھر جو نالو وڙپتراڪا (Vadpatraka) ۽ پوءَ وڙودرا پيو. ماھرن جي خيال ۾ وڙودرا سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آھي جنھن جي معنيٰ آھي بڙ جي وڻ جي دل. ھن شھر جي آسپاس بڙ جا وڻ گھڻي تعداد ۾ آھن شايد ان ڪري اھو نالو پيو. انگريزن جي دور ۾ ھن شھر کي بڙودا سڏيو ويندو ھو. 1971ع ۾ ڀارت سرڪار پاران ھن شھر کي وڙودرا نالو ڏنو ويو[3]. ھن شھر کي اڄ بہ ڪيترائي ماڻھو بڙودا سڏين ٿا.

1297ع تائين ھي شھر مختلف ھندو راجائن جي ھٿ ھيٺ رھيو. 1297ع کان 1401ع تائين ھي دھليءَ جي سلطنت جو حصو رھيو. 1401ع کان 1573ع تائين گجرات ھڪ آزاد رياست ھئي. انھيءَ دور ۾ ھن شھر ڪافي ترقي ڪئي. 1573ع کان 1734ع تائين ھي شھر مغل سلطنت جو حصو رھيو جنھن بعد مرھٺا اقتدار جا ڌڻي بنيا. 1875ع ۾ جڏھن مھاراج سياجي رائو جو راڄ شروع ٿيو تہ ھن شھر جي ڄڻ تہ قسمت کلي پئي. انھيءَ دور ۾ ھتي ڪيتريون ئي صنعتون قائم ٿيون جنھن سبب معاشي خوشحاليءَ جا در کليا[6].

جاگرافي[سنواريو]

ھي شھر 22.300 اتر ويڪرائي ڦاڪ ۽ 73.190 اوڀر ڊگھائي ڦاڪ وٽ قائم ٿيل آھي. آباديءَ جي لحاظ کان ھي ھندستان جو ارڙھون وڏو شھر آھي. ھن شھر جي ڪل پکيڙ 235 چورس ڪلوميٽر ۽ سامونڊي مٿاڇري کان اوچائي 39 ميٽر (128 فوٽ) آھي[7]. ھي شھر گجرات رياست جي مرڪز ۾ وشوامتري نديءَ جي ڪنارن تي آباد آھي. ھي شھر وڙودڙا ضلعي جي گاديءَ جو ھنڌ پڻ آھي. ھن ضلعي ۾ 15 ننڍا شھر (Towns)، 12 تعلقا ۽ 1650 کان وڌيڪ ڳوٺ آھن. ھن ضلعي ۾ ڪڻڪ، جوئر، پيلا مٽر، چانور، تماڪ، بوھي مڱ، ڪمند، تيلي ٻج، وونئڻ, داليون ۽ ٽماٽا وغيرھ پوکيا وڃن ٿيا. ان کان علاوہ ھتي انبن ۽ چيڪو جا باغ بہ سٺا ٿين ٿا.

معيشيت[سنواريو]

بڙودا جي معيشيت ۾ زراعت، ٽيڪسٽائل، ڪپڙو، ڪيميائي شيون، مشينري، فرنيچر، ماچيس ۽ تيل خاص اھميت رکن ٿا. ھتي ڀارت جي ٽيون نبمر وڏي آئل ريفائنري قائم ٿيل آھي. ٻيا بہ ڪيترائي ڪارخانا قائم ٿيل آھن. ھتي بجلي ۽ ان جي ترسيل ۾ استعمال ٿيندڙ پرزن ٺاھڻ جا بہ وڏا ڪارخانا قائم آھن. ان کان علاوہ بسن، موٽرڪارن، موٽر سائيڪلن ۽ امدرورفت جي ٻين ذريعن ۾ استعمال ٿيندڙ ميڪينيڪل پرزا ٺاھڻ جا ڪارخانا پڻ قائم آھن.

شھر جو انتظام ۽ سياست[سنواريو]

شھر جا انتظامي معاملا ھتان جي ميونسپل ڪارپوريشن جي ذميداري آھي. ھن شھر جي ميونسپل ڪارپوريشن ۾ 19 وارڊ آھن، ھ ر وارڊ مان چار ڪائونسلر چونڊيا وڃن ٿا. ڪائونسلرن جو ڪل تعداد 76 آھي جن مان 50 سيڪڙو سيٽون عورتن لاءِ مخصوص آھن. ميئر ۽ ميونسپل ڪمشنر ھن ڪارپوريشن جا مکيہ عھديدار ھوندا آھن.

ھن شھر مان ھڪ لوڪ سڀا (پارليامينٽ) جو ميمبر ۽ پنج گجرات رياست جا عوامي نمائندہ چونڊيا وڃن ٿا.

وڙودرا جي سنڌي آبادي[سنواريو]

ھن شھر ۾ اٽڪل 21700 سنڌي ڪٽنب رھن ٿا. شھر ۾ سنڌين جي ڪل آبادي 1،35،000 جي لڳڀڳ آھي[2]. ھتي جي سنڌي مارڪيٽ ۾ سنڌي کاڌا، مٺايون ۽ ٻيو سامان ملي سگھي ٿو. ھن شھر ۾ ڪجهه ناليوارا سنڌي ليکڪ ۽ شاعر رھن ٿا. انھن ۾ مشھور ليکڪ نامديو تاراچنداڻي بہ شامل آھي جنھن کي 2013ع ۾ ساھتيہ اڪيڊمي ايوارڊ مليو[8]. ياد رھي تہ گجرات رياست ۾ سڀ کان وڌيڪ سنڌي احمدآباد ۾ رھن ٿا جن جو تعداد 3،35،000 آھي. ٻئي نمبر تي اديپور گانڌيڌام جو شھر آھي جتي سنڌي آباديءَ جو انگ 1،95،000 آھي. گجرات رياست جي ٽين وڏي آبادي سورت آھي جتي اٽڪل 1،55،000 سنڌي ماڻھو آباد آھن. سنڌي آباديءَ جي لحاظ کان وڙودرا شھر گجرات ۾ چوٿين نمبر تي آھي[9].

حوالا[سنواريو]

  1. "Vadodara Population 2022 (Demographics, Maps, Graphs)". worldpopulationreview.com. حاصل ڪيل 2022-04-08. 
  2. 2.0 2.1 "Vadodara (Baroda) - The Sindhu World Sahitya Akademi Award: Prem Prakash Panth: Swami Ashok Prakash". thesindhuworld.com. حاصل ڪيل 2022-04-08. 
  3. 3.0 3.1 "Vadodara, India, Britannica.". www.britannica.com. حاصل ڪيل 2022-04-11. 
  4. "Vadodara Origin". www.mapsofindia.com. حاصل ڪيل 2022-04-11. 
  5. "The History". History of Vadodara - Baroda. حاصل ڪيل 2022-04-11. 
  6. "Baroda Online". www.baroda.com. حاصل ڪيل 2022-04-11. 
  7. "Geography of Vadodara, Geographical Conditions of Vadodara". www.vadodaraonline.in. حاصل ڪيل 2022-04-11. 
  8. "Namdev Tarachandani". www.tarachandani.com. حاصل ڪيل 2022-04-12. 
  9. "Gujarat - The Sindhu World Sindhi Population: Gujarat: Ahmedabad: Gujarat City List". thesindhuworld.com. حاصل ڪيل 2022-04-12.