مواد ڏانھن هلو

پيشين، ايران

Pishin
پيشين
شھر
Pishin is located in Iran
Pishin
Pishin
Coordinates: 26°04′46″N 61°45′14″E / 26.07944°N 61.75389°E / 26.07944; 61.75389
ملڪ ايران
صوبوسيستان ۽ بلوچستان صوبو
شھرستانسرباز
ضلعوپشين
Elevation
219 m (719 ft)
Population
 (2016ع واري آدمشماري)
  Total
16,011[1]
Time zoneUTC+3:30 (IRST)
  Summer (DST)UTC+4:30 (IRDT)

پيشين (انگريزي: Pishin) ايران جي صوبي سيستان ۽ بلوچستان جو شھر آھي جيڪو سرباز شھرستان جي گاديءَ جو ھنڌ آھي. 2016ع واري آدمشماريءَ مطابق ھن شھر جي آبادي 16،011 آھي ۽ ھي صوبي جو ڏھون نبمر وڏو شھر آھي. ھتي جا اڪثر رھواسي بلوچ آھن ۽ بلوچي ٻولي ڳالھائين ٿا.

پيشين جو شھر پاڪستان جي سرحد کان 8 ڪلوميٽر اولھ ۾ آباد آھي. ايراني حڪومت ھتي ھڪ ڪسٽم آفيس کولي آھي تہ جيئن پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ واپار جو نئون رستو قائم ڪري سگھجي. 21 اپريل 2021ع تي پاڪستان ۽ ايران جي حڪومت ھڪ معاھدي تحت پيشين ۽ پاڪستاني شھر مند جي وچ ۾ سرحد کولڻ جو افتتاح ڪيو. ھيءُ پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٽيون سرحدي ماڳ آھي جيڪو کوليو ويو آھي.[2]

پيشين جي ڏکڻ ۾ ايراني حڪومت ھڪ وڏو ڊيم ٺھرايو آھي تہ جيئن ھن علائقي ۾ پيئڻ ۽ زرعي مقصدن لاءِ پاڻي ملي سگھي.

حوالا

[سنواريو]
  1. https://www.amar.org.ir/english
  2. "پاکستان و ایران کا مند اور پشین کے مقام پر تیسری بارڈر کراسنگ کھولنے کا فیصلہ". urdu.geo.tv (آمريڪي انگريزي ۾). 2022-02-08 تي حاصل ڪيل.