مواد ڏانھن هلو

نجف آباد، اصفھان

بيھڪ: 32°50′43″N 51°36′00″E / 32.84528°N 51.60000°E / 32.84528; 51.60000
کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Najafabad
نجف‌آباد
شھر
شيخ بھائيءَ جو قلعو
شيخ بھائيءَ جو قلعو
Najafabad is located in Iran
Najafabad
Najafabad
جاگرافي بيهڪ: 32°50′43″N 51°36′00″E / 32.84528°N 51.60000°E / 32.84528; 51.60000
ملڪ  ايران
صوبو اصفھان
شھرستان نجف آباد
ضلعو مرڪزي
حڪومت
 • ميئر ڊاڪٽر محمد مغزي[1]
پکيڙ
 • ڪل 87.772 ڪ.م2 (33.889 ميل2)

نجف آباد (انگريزي: Najafabad) ايران جي صوبي اصفھان جو ھڪ شھر آھي. 2016ع جي انگن اکرن موجب ھن شھر جي آبادي 293,275 آھي. ھي شھر اصفھان شھرجي اولھ ۾ 25 ڪلوميٽر پري آباد آھي. اصفھان ۽ ھن شھر جي وڌندڙ آباديءَ سبب ھي اصفھان جي شھري علائقي جو حصو ٿيندو پيو وڃي. ھي نجف آباد شھرستان (County) جي گاديءَ جو ھنڌ بہ آھي. ھن شھر ايران جي اسلامي انقلاب جي ڪاميابيءَ ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪيو ۽ سائنس، ايمان ۽ شھادت جي شھر طور سڃاتو وڃي ٿو. ھي آباديءِ جي لحاظ کان اصفھان صوبي جو ٽيون وڏو شھر آھي جنھن جي پکيڙ 2779.86 چورس ڪلوميٽر آھي[3]. نجف آباد جي اتر ۾ برخوار ۽ ميمہ، اوڀر ۾ اصفھان ۽ خميني شھر، ڏکڻ ۾ فلاورجان ۽ لنجان ۽ اولھ ۾ تران ۽ ڪرون آھن. ھي شھر شاھ عباس صفويءَ جي دور ۾ اڏيو ويو.

ھن شھر ۾ ڪيتريون ئي ڏسڻ جھڙيون عمارتون مو جود آھن جن ۾ شيخ بھائيءَ جو قلعو، ڪبوتر ھائوس ٽاور، تيل جون ملون ۽ ٻيون تاريخي عمارتون شامل آھن.

ھتي جيڪي شيون مشھور آھن تن ۾ ماکي، ڏاڙھون، انگور، زردآلو، اخروٽ، ھٿ جا ٺھيل قالين ۽ اِگِردِڪ نالي روايتي پيسٽري شامل آھي[4].

نجف آباد جو قيام

[سنواريو]

ھي شھر ڇو اڏيو ويو ۽ ھن شھر کي نجف آباد ڇو سڏيو ويو ان باري ۾ مختلف رايا آھن. انھن مان ڪجهه رايا ھيٺ بيان ڪجن ٿا:

  • 1022ھ ڌاري صفوي گھراڻي جي بادشاھ شاھ عباس حضرت علي ابن ابي طالب رضيہاللّٰہ تعاليٰ عنہ جي مزار لاءِ ڪجهه تحفا، نذرانو، زيور ۽ روڪ رقم موڪلي ھئي. انھيءَ نذراني ۾ ٽي سو مڻ زرد ميڻ، ڪافور، عنبر، قيمتي سامونڊي موتي ۽ ٻيو سامان شامل ھو. اھو سڄو سامان اٺن تي لڏي نجف اشرف روانو ڪيو ويو. اھي اٺ موجودھ نجف آباد واري علائقي ۾ اچي بيھي رھيا ۽ وڏي ڪوشش باوجود اڳتي نہ وڌيا. ان وقت جي مشھور ديني عالم، مفڪر ۽ رياضيدان شيخ بھائيءَ تائين اھا خبر پھچائي وئي. شيخ بھائيءَ فرمايو تہ مون رات خواب ۾ نجف جي بادشاھ (حضرت علي رضيہ) جي زيارت ڪئي ۽ پاڻ حڪم ڪيو اٿن تہ اٺن کي اڳتي وڌڻ تي مجبور نہ ڪريو ۽ سڄو سامان انھيءَ جاِءِ تي خرچ ڪريو جنھن جاءِ تي اٺ بيھي رھيا آھن ۽ انھيءَ ھنڌ منھنجي نالي سان ھڪ عمارت ٺاھيو. شيخ بھائيءَ جي اھا ڳالھ بادشاھ منظور ڪري ورتي ھن ماڳ جو نالو ”نجف آباد“ رکيو ويو.
  • صفوي گھراڻي جي بادشاھت واري دور ۾ ملڪ جي گاديءَ جو ھنڌ قزوين (Qazvin) شھرھو. ھي شھر سلطنت جي سرحدن کان پري ھو ۽ سورھين صديءَ جي آخر ۾ ھي علائقو فسادن ۽ بغاورت جي ور چڙھي ويو ھو انڪري صفوي گھراڻي جي بادشاھ شاھ عباس اول 1598ع ۾ شھر جي گاديءَ جو ھنڌ اصفھان شھر کي بنايو. ھن پنھنجي بادشاھيءَ کي مضبوط ڪرڻ لاِءِ آرمينيا، آذربائيجان، جارجيا ۽ ٻين علائقن مان ڪيترائي فوجي ڀرتي ڪيا. انھن فوجين ۽ سندن ڪٽنبن جي رھائش لاءِ موجودھ نجف آباد وارو علائقو مخصوس ڪيو ويو جنھن اڳتي ھلي شھر جو روپ ڌاري ورتو.
  • ھي شھر اصفھان کي ويجھو ھو ۽ ھتان خوزستان، عراق ۽ ٻين علائقن ڌانھن وڃڻ لاءِ رستا موجود ھئا، انڪري ڏورانھن علائقن ۽ ملڪن سان واپاري لاڳاپا رکڻ لاءِ ھي ھڪ بھترين ماڳ ھو. اصفھان شھر جي خوراڪ جون گھرجون پوريون ڪرڻ لاءِ نجف آباد ۾ زرعي مصنوعات کي ھٿي وٺرائي وئي جنھن سبب ھن شھر ترقيءَ طرف تڪڙيون وکون کنيون.
  • ڪجهه ماڻھن جو خيال آھي تہ شاھ عباس پاڻ ھن شھر کي آباد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. انھيءَ فيصلي جو سبب ھي آھي تہ ھو اصفھان کان 60 ڪلوميٽر اولھ ۾ قمشلو نالي ھڪ علائقي ۾ پنھنجي ساٿين سان گڏ شڪار ڪرڻ ويندو ھو. اصفھان کان قمشلو جي وچ ۾ سڃ ئي سڃ ھئي. نہ ڪو وڻ ٽڻ ۽ نہ ئي وري پيئڻ لاِِءِ پاڻي ميسر ھو. بادشاھ چاھيو ٿي تہ ڪا اھڙي وسندي ضرور ھجڻ کپي جتي پاڻ بہ آرام ڪري سگھجي ۽ جانورن کي بہ پاڻي پياري سگھجي. انھيءَ خواھش کي عملي جامون پھرائڻ لاءِ ھن نجف آباد شھر اڏڻ جو فيصلو ڪيو[5].

شھر جو نقشو ۽ رٿابندي شيخ بھائيءَ جھڙي قابل آرڪيٽيڪٽ ۽ سائنسدان جي نگرانيءَ ۾ ٿي. ھتي مڪمل مواصلاتي ۽ آبپاشي نيٽ ورڪ قائم ڪيو ويو. مسجدون، حوض، مسافرخانا ۽ ٻيون عمارتون اڏيون ويون ۽ ايئن ھتي خوشحاليءَ ۽ آسودگيءَ جي ديويءَ پنھنجا پر پکيڙيا. شھر جا روڊ ۽ رستا اھڙي تہ بھترين رٿابنديءَ سان ٺاھيا ويا جو اڄ بہ شھر جي ڪنھن بہ حصي ۾ ٽريفڪ جام نٿي ٿئي. شھر جون ھائوسنگ اسڪيمون، پاڙا، بازارون، مارڪيٽون وغيرھ خاص ترتيب سان ڊزائن ڪيون ويون آھن، مطلب تہ ھي شھر تعمير ۽ شھري رٿابنديءَ جو ھڪ بھترين نمونو پيش ڪري ٿو. ڪيترن ئي سياحن ھن شھر جي نقشي ۽ خوبصورتيءَ کي ساراھيو آھي. زين العابدين شيرواني (1315ھ، 602ع) محمد شاھ قجار واري زماني ۾ ھي شھر گھمڻ آيو. ھن شھر جي باري ۾ ھو لکي ٿو تہ، ”شاھ عباس ھن شھر جا سمورا گھر ۽ پارڪ انجيئرنگ جي بھترين اصولن تحت ٺھرايا آھن. گھٽين ۾ چنار وڻ ۽ ٻيا ميويدار وڻ پوکيل آھن. مون ھھڙو سھڻو شھر سڄي ايران ۾ نہ ڏٺو آھي. شھر ۾ 1000 کن گھر آھن“[6]. ھينري بروگس (1861ع) لکي ٿو تہ، ”نجف آباد شھر جا گھر نھايت صاف سٿرا ۽ شھري پلاننگ جي اصولن تحت ٺھيل آھن“. آندري زيگفرڊ پنھنجي ھڪ مقالي ۾ لکيو آھي تہ، ”نجف آباد ايران جو واحد شھر آھي جيڪو شھري پلاننگ جون گھرجون پوريون ڪري ٿو“[7].

ھتي ھٿيارن ٺاھڻ جا ڪارخانا قائم ڪيا ويا. ھتي بھترين قسم جا چاقو، ڇريون ۽ ڪانٽا ٺھڻ پڻ لڳا جيڪي اڄ سوڌو مشھور آھن. جلدي کاڌو رڌڻ جي صنعت سان گڏ ڪٽلريءَ جو استعمال بہ ان دور ۾ شروع ٿيو[8].

آبھوا

[سنواريو]

نجف آباد جي موسم گرم ۽ ڪنھن حد تائين خشڪ آھي. ھتي سال ۾ سراسري طور 120 ملي ميٽر برسات وسي ٿي ۽ اھا گھڻو ڪري سياري ۾ وسي ٿي. ھتي جو وڌ ۾ وڌ گرميءَ جو درجو 380C ۽ گھٽ ۾ گھٽ 9.50C رڪارڊ ڪيو ويو آھي. ھتي جو ساليانو سراسري گرميءَ جو درجو 15.80C آھي. ھن شھرجي سامونڊي سطح کان سراسري اوچائي 1655 ميٽر آھي[9]. ھن شھر جو سير ڪرڻ لاءِ بھترين وقت مارچ کان مئي جا مھينا آھن جن ۾ ھتان جي موسم نہ گھڻي ٿڌي ۽ نہ ئي وري گھڻي گرم ھوندي آھي.

ڪبوترن جا گھر

[سنواريو]

نجف آباد کي ڪبوترن ۽ ڪبوترن جي گھرن جو شھر سڏيو ويندو ھو. ھراھو مسافر جيڪو ھن شھر جي سير تي ايندو ھو، ھزارين ڪبوترن کي اڏامندو ڏسي دنگ رھجي ويندو ھو. افسوس جوھاڻي ڪبوتر پنھنجا آکيرا وڃائي ويٺا آھن ۽ جيڪي آکيرا بچيل آھن انھن ۾ ڪو ڪبوتر نظر ڪونہ ٿو اچي. انھن آکيرن مان اڪثر تباھ ٿي ويا آھن. ڪبوترن جا گھر ھن شھر جي وسريل سڃاڻپ آھن. نجف آباد پنھنجي زرعي مصنوعات جي ڪري مشھور آھي. زرعي مصنوعات ٺاھڻ لاءِ ڀاڻ جي ضرورت پوندي ھئي. ڪبوتر جي وٺين کي ڀاڻ طور استعمال ڪيو ويندو ھو. ان لاءِ وڏا وڏا منارا ٺھيل ھوندا ھئا. انھن منارن ۾ ڪبوتر پنھنجا آکيرا ٺاھي رھندا ھئا. ھر منارو يا ٽاور ھر سال سراسري طور 6 کان ست ٽن ڀاڻ ڏيندو ھو. برطانوي سياح فريڊر رچرڊ ڪبوترن جي گھرن بابت لکي ٿو، ”اصفھان جي آسپاس سڀ کان نمايان شين مان ھڪ اوچا منارا آھن، جن جي مٿئين حصي ۾ خوبصورت ۽ دل کي وڻندڙ ڊزائنون ٺھيل آھن. اھي وچئين دور جي انگريزي حويلين جي گول مينارن جھڙا آھن. فرق ھي آھي تہ ھڪ مناري جي مٿان ٻہ يا ٽي ھڪجھڙا مينار ٺھيل آھن جيڪي بالترتيب ھڪٻئي کان ننڍا آھن ۽ انھن مان سڀ کان مٿئين مناري جي اوچائي سٺ يا ستر فوٽن تائين پھچي ٿي“. ميڊم ديو لافلا جنھن ناصرالدين شاھ جي دور ۾ پنھنجي گھر واري مارسل سان گڏ ايران جي مصتلف علائقن جو دورو ڪيو ھو، ڪبوترن جي گھرن بابت لکي ٿي تہ، ”ڀاڻ ٺاھڻ جو ھي ھڪ ٻيو طريقو آھي. مالڪن اصفھان شھر جي آسپاس جي ڳوٺن ۾ صحرائي ڪبوترن لاِءِ بيشمار وڌا ٽاور ٺاھي ڇڏيا آھن. شھر ۾ نئون ايندڙ ماڻھو شايد اھو سمجھي تہ ھتان جا رھواسي ڪبوتر جو گوشت کائين ٿا پر ايئن ناھي. ھنن جانورن کي دعوت ڏني وئي آھي تہ ھو ھڪ برادري ٺاھين ۽ گھڻو وقت ھنن منارن ۾ رھن ۽ وِٺيون لاھين. انھن وٺين کي ماڻھو ڀاڻ طور مٽيءَ ۾ ملائين ٿا، ايئن ڪرڻ سان زمين جي مٽي زرخيز بنجي ٿي ۽ مٺا مٺا گدرا ڦٽي نڪرن ٿا“[10].

شيخ بھائيءَ جو قلعو

[سنواريو]

شيخ بھائيءَ جو قلعو نجف آباد جو ھڪ دل کي وڻندڙ ھنڌ آھي. ھن قلعي ۾ ڪبوترن جا ست گھر (منارا) آھن. اھي ٽاور ملڪ جا ناياب يادگار آھن. شھر ۾ سياحت کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ انھن منارن جي مرمت ڪئي پئي وڃي ۽ انھن کي سينگاريو پيو وڃي[11].

انقلاب ۽ جنگ

[سنواريو]

نجف آباد انھن شھرن مان ھڪ ھو جن 1979ع واري اسلامي انقلاب جي فتح ۾ اھم ڪردار ادا ڪيو. شھر ۾ رضا شاھ پھلويءَ خلاف وڏي پيماني تي مظاھرا ٿيا ۽ نتيجي طور جنرل ناجيءَ جي حڪم سان اصفھان کان پوءِ نجف آباد ۾ بہ فوجي حڪومت قائم ڪئي وئي[12].

ايران عراق جنگ ۾ دشمن سان وڙھندي ۽ پنھنجي ملڪ جو دفاع ڪندي 2500 ماڻھن شھادت جو جام پيتو ان ڪري ھن شھر کي شھيدن جو شھر بہ ڪوٺيو وڃي ٿو[13]. ھيٺين تصوير ۾ انھن شھيدن جون قبرون ڏسي سگھجن ٿيون.

حوالا

[سنواريو]
  1. https://najafabad.ir
  2. https://najafabad.ir
  3. "نجف آباد : معرفی و مکان های دیدنی شهر نجف آباد (شهر علم و ایثار)". دلگرم (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-01-15. 
  4. egardesh.com. "معرفی شهر نجف آباد". رزرواسیون مهر مرکز رزرو هتل ها و اماکن اقامتی کشور، خرید بلیط هواپیما و خدمات CIP (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-01-15. 
  5. R. Sharifi najafabadi, H. Gayour najafabadi, فصلنامه تحقيقات جغرافيايي، سال 26 ،شماره چهارم، زمستان 1390 ،شماره پياپي 1، رسول شريفي نجف آبادي، دانشگاه فرهنگيان، پرديس اصفهان، حسنعلي غيور نجف آبادي، استاد دانشكده جغرافيا، دانشگاه اصفهان، 834 :مقاله شمارھ، شماره صفحه پياپي 17525-17499. Available at: https://www.sid.ir/fa/journal/ViewPaper.aspx?id=182266
  6. شيروني زين العابدين، ، تصحيح عبداله مستوفي (1315 (بستان السياحه يا سياحتنامه ،چـاپ اول ،1315 ،كتابخانـه سنايي، كتابفروشي محمودي ، تهران ،703 صفحه.
  7. وگش ،هنريش (1860م)، ترجمه م.كردبچه ،سفري به ديار سلطان صاحبقران ،جلد دوم، چـاپ اول ،سـال 1367، انتشارات اطلاعات، تھران،
  8. -زيگفرد،آندره، ترجمه احمد آرام (1343 (روح ملتها ،چاپ اول،تهران ،شركت سهامي انتشار،215 . صفحه
  9. "نجف آباد". www.epedc.ir. حاصل ڪيل 2022-01-15. 
  10. دیار نون یزدانی
  11. "پورتال شهرداری نجف آباد - ارگ شيخ بهايي". www.najafabad.ir. حاصل ڪيل 2022-01-15. 
  12. "رمضان 1357 اصفهان؛ خونی تازه در رگهای انقلاب". تاریخ شفاهی. حاصل ڪيل 2022-01-15. 
  13. ايران, عصر. "بیانات رهبر انقلاب در دیدار دست‌اندرکاران کنگره ملی شهدای نجف آباد". fa (ٻولي ۾ Persian). حاصل ڪيل 2022-01-15.