يزيد بن ابي ڪشفہ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
يزيد بن ابي ڪشفہ
يزيد بن ابي ڪبشہ
سنڌ جو بنواميہ جو گورنر
ڪل ارڙھن ڏينھن عھدي تي رھيو
پيشرو محمد بن قاسم
جانشين عامر بن عبدالله
ريجنٽ سليمان بن عبدالملڪ
پورو نالو
يزيد بن ابي ڪشفہ سڪسڪي
مذھب اسلام

يزيد بن ابي ڪشفہ (انگريزي: Yazid bin Abi Kashfa ) جنھن کي يزيد بن ابي ڪبشہ(انگريزي: Yazid bin Abi Kabsha ) پڻ چوندا آهن.يزيد بن ابي ڪبشہ سڪسڪي، سليمان بن عبدالملڪ (96-99ھ) جي ڏينهن ۾، ارڙهن ڏينهن گورنر ٿي رهيو[1] محمد بن قاسم جي وڃڻ کان پوءِ سنڌ ۾ يزيد بن ابي ڪبشه پهتو هو، جنهن کي هتي ايندي اڃا ارڙھن ڏينهن مس گذريا ته لاڏاڻو ڪري ويو. ملڪ ۾ وري وڌيڪ بي چيني تڏهن پکڙي جڏهن هتان مجاهد لڏي پنهنجي گهرن ڏانهن هليا ويا. انهيءَ انتشار جو فائدو وٺندي ڏاهر جي پٽ جيسينا برهمڻ آباد تي قبضو ڪري ورتو ۽ باقي بچيل ملڪ مسلمانن جي هٿ هيٺ رهيو. يزيد کان پوءِ عارضي طور تي عامر بن عبدالله سنڌ جو گورنر ٿي ڪري آيو ۽ اڃا انتظام درست ڪرڻ لڳو ته زندگي سندس ساٿ ڇڏي وئي ۽ هن جي وڃڻ کان پوءِ جيسينا کي حڪومت ڪرڻ جو ڪجهه وڌيڪ وقت ملي ويو.[2]محمد بن قاسم کي شام جي طرف روانو ڪري يزيد بن ابي ڪبشه سنڌ جي حڪومت جي واڳ پنهنجي هٿ ۾ ورتي مگر فقط نالي ڪاڻ. ڇو ته محمد بن قاسم کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ کيس آرام جي گهڙي نصيب نه ٿي. سر زمين سنڌ ۾ قدم رکڻ شرط هو آبهوا جي ناموافقت يا ڪنهن ٻئي سبب بيمار ٿي پيو اڃان محمد بن قاسم عراق ۾ داخل ئي نه ٿيو هوندو ته هي سنڌ ۾ اچڻ کان پوري ارڙهين ڏينهن عالم آخرت ڏي روانو ٿي ويو[3].


.

سنڌ جي اموي گورنرن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. ميمڻ عبدالمجيد سنڌي-- سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ 1961ع
  2. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  3. ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سنڌ (پنج ڀاڱا گڏ :مصنف؛ مولوي نور محمد نظاماڻي؛ عبدالغني عبداللہ :حمد صديق ”مسافر“ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي