حڪم بن عوانا ڪلبي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
حڪم بن عوانا
عربن جي دور ۾ سنڌ جو گورنر
729 کان 738 تائين 121ھ)
پيشرو تميم بن زيد عتبي
جانشين عمرو بن محمد بن قاسم
ريجنٽ بنو اميہ جو خليفو ھشام بن عبدالملڪ
پورو نالو
حڪم بن عوانا ڪلبي
گهراڻو ڪلبي
لاڏاڻو 738 تائين (221ھ)

حڪم بن عوانه ڪلبي: تميم جي وفات کانپوءِ عراق جي گورنر جنرل خالد قشري خليفي کان منظوري وٺي حڪم بن عوانہ ڪلبي کي سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو، جيڪو پاڻ سان گڏ فاتح سنڌ محمد بن قاسم جي پٽ عمرو بن قسم کي به وٺي آيو.[1]بلاذري مطابق تميم کان پوءِ خالد جي سفارش سان حڪم بن عوانه ڪلبي سنڌ جو حڪمران مقرر ٿي آيو. هي پاڻ سپاهيانه طبيعت جو ماڻهو نه هو ۽ انهي ئي سببان خراسان جي حڪومت وقت هو هڪ وڏي الزام هيٺ اچي معزول ٿيو هو، تنهنڪري محمد بن قاسم جي پٽ عمرو کي ٻانهن ٻيلي طور پاڻ سان وٺيو آيو، جو سپهه گيري ۾ وڏو هوشيار ھيو. سمورا اختيارات ان جي هٿ ۾ ڏيئي ڇڏيا ۽ هن جي ئي مرضي مطابق حڪومت ڪرڻ جو ارادو ڪيو[2].

تفصيلي تعارف[سنواريو]

حڪم جڏهن هتي پهتو ته ڏٺائين هر طرف رتوڇاڻ لڳي پئي هئي، ان وقت ڪو اهڙو ٺڪاڻو نه هو جنهن کي مسلمانن جو مضبوط ڳڙهه بڻائي سگهجي.[3]رحيمداد خان مولائي شيدائي مطابق ھن جو نالو حڪم بن عوام ھيو. [4]تميم کان پوءِ، خالد جي سفارش سان، حڪم بن عوام ڪلبي سنڌ جو والي ٿي آيو ۽ پاڻ سان فاتح سنڌ غازي محمد بن قاسم رحه جي فرزند عمرو کي ساڻ وٺي آيو، جو پيءُ وانگر فن سپه گيري ۾ ماهر هو. حڪم جي ڏينهن ۾ سنڌ جي حالت ابتر هئي. ننڍن ڳوٺن کان سواءِ شهر جا نو مسلم سڀ مرتد ٿي ويا هئا. شهرن ۾ امن امان ڪين هو، تنهن ڪري هن سنڌو نديءَ جي ڇوڙ کان اوڀرندي طرف نئون شهر ’محفوظه‘ آباد ڪرايو. عمر بن محمد قاسم گهڻيون سوڀون حاصل ڪيون. سندس سوڀن جي يادگار لاءِ سنڌو نديءَ جي اولهندي ڪپ تي هڪڙي ٻيٽ تي هڪ ٻيو ’منصوره‘ تعمير ڪرايو ويو، جو پڇاڙيءَ ۾ سنڌ جو تختگاهه ٿي رهيو. سنڌ جا جيڪي به شهر دشمنن فتح ڪيا هئا، سي حڪم جي زماني ۾ عمرو فتح ڪيا هئا.[4] 6 ربيع الثاني سنه 125ھ ۾ هشام بن عبدالملڪ وفات ڪئي ۽ سندس گاديءَ تي وليد بن يزيد عبدالملڪ ويٺو، جنهن خالد قسريءَ کي عراق جي گورنريءَ تان معزول ڪري، يوسف بن عمرو کي گورنر مقرر ڪيو. يوسف ثقفيءَ خالد جي مقرر ڪيلن والين سان بدسلوڪي اختيار ڪئي. خالد، حڪم بن عوامه جو مربي هو. هوڏانهن هو عراق جي گورنريءَ کان معزول ٿي ويو ۽ هيڏانهن ساڳئي وقت حڪم بن عوامه هندن جي هڪڙي لشڪر سان سنڌ ۾ وڙهندي شهيد ٿي ويو. حڪم جي ڏينهن ۾ ڪيترائي سنڌي عراق، حجاز ۽ دمشق ۾ وڃي ساڪن ٿيا هئا ۽ ڪيترائي ملازمت ۽ فوجي نوڪرين سانگي عراق ۽ شام تائين پهتا هئا. وليد ابن يزيد شرابي هو، ايتري قدر شراب جو شوقين هو، جو هن شراب جو هڪڙو حوض تيار ڪيو هو[4].

محفوظا شهر جو بنياد[سنواريو]

حڪم پهريون ڪم اهو ڪيو جو سنڌو درياءَ جي منڍ ۾ اوڀر طرف 113ھ (32 ـــ 731ع) تي شهر محفوظا جو بنياد رکيائين ۽ پوءِ سنڌ ۾ ٽڙيل پکڙيل انهن عربن کي اچي آباد ڪيائين، جن سنڌ جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، ڇاڪاڻ ته اهي ئي مسلمانن جي اصل طاقت هئا. حڪم جڏهن پنهنجي قبيلي جي ساٿين کان ان نئين اڏجندڙ شهر جي نالي جي صلاح ورتي ته ڪنهن دمشق چونڊيو ته ڪنهن حمص ۽ ڪنهن تدمر رکڻ لاءِ چيو. (تدمرجي عربي ۾ معنيٰ برباد ٿيڻ آهي) حڪم اهو نالو ٻڌي رڙ ڪندي چيو دمر الله عليک يا احمق (بيوقوف خدا تو کي برباد ڪري) چڱو مان ان جو نالو محفوظ رکان ٿو. ان کان پوءِ حڪم محفوظا شهر کي سنڌ جي گاديءَ جو هنڌ بڻايو ۽ پاڻ اتي ئي رهي پيو. حڪم پاڻ سان گڏ آيل محمد بن قاسم جي ڳڀرو پٽ عمرو جيڪو ڏاڍو سياڻو ۽ سيبتو هو، کي سپه سالار بڻائي لشڪر سان گڏ باغين جي پاڙ پٽڻ لاءِ روانو ڪيو. عمرو بن قاسم هر هنڌ سرڪشن جا ڪنڌ ڀڳا ۽ انهن کي فرمانبردار بڻايو. عمرو ڪيترائي علائقا فتح ڪري پنهنجي پيءُ جي روايت کي پاڻي ڏنو.[3]

منصوره جو بنياد[سنواريو]

عمرو بن قاسم جڏهن سنڌ ۾ اسلام جو ڌاڪو ڄمائي ۽ مسلمانن جا پير پختا ڪري موٽي رهيو هو ته 120ھ (737ع) ۾ پنهنجي ڪاميابين جي يادگار طور سنڌو درياءَ جي اولهندي ڪناري تي محفوظا جي بلڪل سامهون هڪ شهر (منصوره) جو بنياد رکيائين، جيڪو پوءِ سنڌ جو دارالحڪومت بڻيو.[3]

عراق جي گورنر جنرل جو تبصرو[سنواريو]

عراق جو گورنر جنرل خالد قشري سنڌ جي ماڻهن جي باري ۾ چوندو هو ته ”اهي به ڏاڍا عجيب ماڻهو آهن جو جڏهن انهن تي عرب جو دريا دل ۽ سخي انسان تميم کي مقرر ڪيو ته هو ان کان ڪاوڙجي ويا ۽ بخيل ترين حاڪم ڏنو مان ته کانئس ڏاڍا خوش ٿيا.“[3]بلاذري لکي ٿو تہ سنڌ جا اُهي سڀ شهر جن تي دشمن قابض ٿي ويا هئا حڪم جي زماني ۾ عمرو وري ٻي دفعي فتح ڪري ورتا. هن جي حڪومت ۾ سنڌ جا ماڻهو بلڪل خوش رهيا ۽ اسلام جي غلبي سان هر جڳهه امن و امان قائم ٿي ويو. خالد قسري اڪثر تعجب ڪندو هو ته مون هڪ فياض جوان مرد عرب (تميم) کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو ته هر طرف کان ناراضپي جو آواز کڙو ٿي ويو ۽ ان کان پوءِ مون سڀني کان زياده بخيل ۽ نالائق شخص (حڪم) کي موڪليو ته اُن کان سڀ ماڻهو راضي ٿي ويا ۽ جيڏانهن تيڏانهن تحسين ۽ مرحبا جو آواز بلند ٿي ويو.[2].

آخري ايام ۽ موت[سنواريو]

120ھ ۾ خالد ڦري جي جاءِ تي عراق جو گورنر جنرل يوسف بن عمر ثقفي کي ڪيو ويو. گورنري جون واڳون وٺندي ئي هن خالد جي رکيل سڀني عملدارن کي هٽائي ڇڏيو. حڪم به خالد طرفان ئي مقرر ٿيل هو ان ڪري هو سوچڻ لڳو ته اهڙو ڪوئي ڪارنامو ڪجي جنهن سان يوسف جي دل ۾ گهر ڪجي نه ته عهدي ڇڏڻ واري خواري کان موت بهتر آهي. اتفاق سان انهن ئي ڏينهن ۾ سنڌين جي هڪڙي جماعت بغاوت ڪري وڌي، حڪم انهن کي سيکت ڏيڻ لاءِ پنهنجو نالو روشن ڪرڻ واسطي جنگ ۾ وڏي دليري سان وڙهندو رهيو ۽ آخر 221ھ (738ع) ۾ شهادت جو جام نوش ڪيائين.[3] حڪم سنڌ جي اندرين ۽ ٻاهرين انتظامن کي سڌاريو ۽ وڏي سياڻپ سان حجازي ۽ يمني مسلمانن جي وچ ۾ هلندڙ جهيڙو ٽاريو، جيڪي ان وقت سنڌ ۾ آباد هئا. نه ته اها گهرو ويڙهه سنڌ لاءِ ڏاڍي ڪنڊائتي ثابت ٿئي ها. انهيءَ حڪم سان منذر بن زبير هباري به آيو هو جنهن جي پوٽي هتي حڪومت ڪري هباري حڪومت جي پيڙهه رکي. [3]

سنڌ جي اموي گورنرن جي فھرست[سنواريو]

حوالا[سنواريو]

  1. {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page9.html.  Missing or empty |title= (مدد) }
  2. 2.0 2.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
  3. 3.0 3.1 3.2 3.3 3.4 3.5 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
  4. 4.0 4.1 4.2 ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ، تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي، ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع، ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي