منصور بن جمھور ڪلبي
منصور بن جمھور | |||||
---|---|---|---|---|---|
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر | |||||
127ھ کان 132ھ تائين | |||||
پيشرو | يزيد بن عرار | ||||
جانشين | موسي بن ڪعب تميمي | ||||
ريجنٽ | بنواميہ جو خليفو مروان الحمار ھيو پر منصور باغي ھيو جنھن بنو اميہ جي گورنر کان عھدو کسي سنڌ جو حاڪم بڻيو | ||||
| |||||
مذھب | اسلام |
منصور بن جمھور ڪلبي.
جمادي الثاني 126ھ (744ع) ۾ خليفو وليد مارجي ويو ۽ ان جي جاءِ تي سندس ڀاءُ ابراهيم صرف نالي ماتر خليفو ٿيو ابراهيم جي خلافت کي ڪوئي به تسليم نه ڪندو هو، ان ڪري ٽن چئن مهينن اندر ئي ڀڄي ويو ۽ سندس ڀاءُ مروان الحمار بن محمد خلافت سنڀالي. مروان جيترو وقت رهيو باغين سان جهيڙيندو رهيو ۽ آخر ذوالحج 132ھ (759ع) ۾ باغين هٿان مارجي ويو. اهڙيءَ طرح اموي حڪومت پنهنجي پڄاڻيءَ تي پهتي ۽ بني عباس جا ڏينهن شروع ٿيا.
سنڌ جي حڪومت
[سنواريو]انهن ئي ڏينهن ۾ جڏهن اموي خلافت ۾ ڏڦيڙ پکڙيل هو ،هڪ منصور بن جمهوريه به هو جنهن اتان ڀڄي ڪري سنڌ ۾ اچڻ چاهيو، ڇو ته يزيد بن عرار سندس مائٽ هو. پر يزيد بن عرار کي جڏهن خبر پئي ته منصور ڏانهن هڪ خط لکيائين ته جتي پهتو آهين، اتان واپس موٽي وڃ ۽ هيڏانهن اچڻ جو آسرو نه ڪر. منصور کي ان خط تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي ۽ جواب ۾ لکيائين ته مان تو کي پنهنجو مائٽ سمجهي توڏانهن اچڻ چاهيو هو پر تون جيڪا اوپرائپ ۽ انا ڏيکاري آهي، ان جو نتيجو توکي ضرور ڀوڳڻو پوندو. ان وقت منصور سنڌو درياءَ جي ڪناري سدوسان شهر ۾ هو، اتي قبضو ڪري ٻيڙيون ٺهرايائين ۽ پوءِ سامان سرو کڻي درياءَ پار ڪري يزيد بن عرار جي مقابلي لاءِ نڪتو. يزيد کي جڏهن ان ڳالهه جي خبر پئي ته لاپرواهي سان معمولي لشڪر ساڻ ڪري منصوره کان نڪتو. ٻئي لشڪر آمهون سامهون ٿيا، منصور پنهنجي جان تان سوس پلي وڙهيو ۽ يزيد تي اهڙا حملا ڪيائين جو هن کي ميدان ڇڏي ڀڄڻو پيو. منصور به پويان لڳو آيو پر يزيد منصوره شهر ۾ گهڙي ويهي رهيو. هيڏانهن منصور به شهر جو سخت محاصرو ۽ رستا بند ڪيون ويٺو رهيو. نيٺ ڪجهه ئي ڏينهن ۾ يزيد پناهه جو طلبگار ٿيو پر منصور جواب ڏنس ۽ چيائينس ته پهريان شهر منهنجي حوالي ڪر پوءِ ان ڳالهه کي ڏٺو ويندو. يزيد بن عرار وٽ ٻي ڪا واهه نه بچي هئي ان ڪري پاڻ کي منصور جي حوالي ڪري ڇڏيائين ۽ معافي جو طلبگار ٿيو، پر منصور کي ذري برابر به رحم نه آيو ۽ يزيد کي جيئرو ڀت ۾ ٽنبرائي ڇڏيائين. منصور پاڻ سنڌ تي قبضو ڪري منصوره ۾ حڪومت هلائن لڳو ۽ پنهنجي ڀاءُ منظور کي قندابيل ۽ ديبل جو حاڪم بڻايائين. سنڌ تي منصور جو ئي قبضو هو ته اموي گهراڻي جو ڏيئو اجهامي ويو ۽ بني عباس جو سج اُڀرڻ لڳو..[1] مولانا الحليم شرر مطابق ان کان پوءِ منصور سنڌ جي حڪومت پنهنجي هٿ ۾ ورتي ۽ خود منصوره ۾ سڪونت اختيار ڪئي ۽ پنهنجي ڀاءُ منظور کي جو ساڻس گڏ آيو هو قندابيل ۽ ديول جو حڪمران مقرر ڪري روانو ڪيو. هاڻي هنن ڏينهن ۾ بني اُميه جي حڪومت اندروني فسادن ۾ ايتري قدر ڦاٿل هئي جو سنڌ جي طرف بلڪل توجه ڪري نه سگهي، جيتوڻيڪ اها خبر به پيس ته منصور سنڌ تي قابض ٿي ويو آهي ۽ خلافت جي مقرر ڪيل حاڪم تي هن وڏو ظلم ڪيو مگر اُتان کانئس بدلي وٺڻ لاءِ ڪا به ڪارروائي ٿي نه سگهي ۽ منصور پوري زور ۽ بلڪل بي فڪري سان ملڪ سنڌ کي پنهنجو تابع فرمان بڻائي ڇڏيو. منصور سنه 130 هجري جي قريب يا هڪ سال اڳي پوءِ سنڌ ۾ داخل ٿيو مگر هن جو مفصل حال معلوم ٿي نه سگهيو ته ڪهڙي طرح حڪومت ڪيائين، فتح مندي ۽ جهاد جي اعتبار سان ڪيئن رهيو. هتي جي هندن ۽ مسلمانن سان هن ڪهڙو برتاءُ ڪيو مگر قياس ائين چوي ٿو ته هن کان سواءِ وڙهڻ جهڙڻ جي ماٺ ڪري ويٺو نه ٿيو هوندو ڇو ته ابتدا کان وٺي هن جي حياتي هميشه خونريزين ۽ لڙائين ۾ گذري هئي ۽ پڇاڙي ۾ به هن عباسي حڪومت جي اڳيان مرڻ گهڙي تائين مٿو نه جهڪايو[2].
عباسي خلافت پاران مفلس عبدي جي ڪاھ
[سنواريو]ابو مسلم خراساني جيڪو عباسي خلافت جو نائب امير هو، مفلس عبدي سجستاني کي فوج سان گڏ سنڌ موڪليو، جيئن منصور کي گرفتار ڪري حڪومت پنهنجي هٿ ڪري. مفلس تخارستان رستي سنڌ پهتو ته ديبل جي حاڪم منصور جي ڀاءُ منظور اچي سندس رستو روڪيو، ٻنهي وچ ۾ خونريزي جنگ لڳي ۽ آخر منظور مارجي ويو. منظور جي مرڻ جي خبر جڏهن منصور کي پهتي ته ڏاڍو صدمو رسيس، بدلي وٺن لاءِ وڏي تياري سان مفلس جي مقابلي لاءِ ميدان ۾ نڪري آيو. ٻنهي فوجن هڪٻئي تي موت مار حملا ڪيا پر مفلس هار کاڌي ۽ منصور هٿان گرفتار ٿيو، جنهن هن کي جلد قتل ڪرائي ڇڏيو[3]. بلاذري لکي ٿو ته سفاح جي خليفي ٿيڻ شرط حڪومت عباسيه جي ابتدائي زماني ۾ ابو مسلم خراساني جو هن حڪومت جو باني مباني ۽ نائب خلافت هو تنهن پنهنجي طرفان مفلس عبدي نالي هڪ سيستاني شخص کي سنڌ ڏي روانو ڪيو ته وڃي منصور کي گرفتار ڪري اُتي جي حڪومت پنهنجي هٿ ۾ وٺي.[2]. يعقوبي لکي ٿو ته مفلس عبدي کي جيڪو پهريون پهريون ميدان گرم ڪرڻو پيو سو منصور جي ڀاءُ منظور جي مقابلي ۾ هو جو پنهنجي ڀاءُ جي طرفان ديول جو حاڪم هو. منظور هن پهرين ئي لڙائي ۾ مارجي ويو ۽ مفلس عبدي ڪاميابي ۽ فتح مندي جو جهنڊو ڦڙڪائيندو اڳتي وڌيو.[2]. يعقوبي مطابق منصور کي جڏهن پنهنجي ڀاءُ جي مارجي وڃڻ جي خبر ملي تڏهن دنيا سندس اکين ۾ اوندهه ٿي وئي ۽ هي اڃان انهيءَ غم ۽ اندوه ۾ هو ته مفلس اچي منصوره کي ويجهو پهتو. منصور اها خبر ٻڌي دل ۾ پڪو ارادو ڪيو ته جيئن به ٿي سگهندو تيئن پنهنجي ڀاءُ جي خون جو بدلو ضرور وٺندس، چاهي انهي ڪوشش ۾ جان هلي وڃي ته پرواهه نه آهي. غرض ته هو وڏي جوش و خروش سان نڪري مفلس جي سامهون مقابلي لاءِ ميدان ۾ آيو. مفلس جيتوڻيڪ منصور جي مقابلي ۾ سامهون ٿيو مگر هو هڪ تجربيڪار ۽ بهادر سپهه سالار هو، جو زماني جون ڪيئي ٺوڪرون کائي کائي وڏو تجربيڪار ٿي ويو هو. اهڙي تجربيڪار شخص سان مفلس جهڙو اڻ آزمودگار ڀلا ڪهڙو مقابلو ڪري ٿي سگهيو. لڙائي شروع ٿي، منصور پنهنجي ڀاءُ جي بدلي وٺڻ لاء شاهي فوج جي سپاهين جا پير اُکيڙي ڇڏيا. ساري فوج ڀڄي ويئي ۽ مفلس عبدي کي منصور جي سپاهين قيد ڪري منصور جي اڳيان آندو. تنهن هڪدم کڻي کيس جلاد جي حوالي ڪيو ۽ ساڻس گڏ ٻيا جيڪي ماڻهو منظور جي قتل ۾ شريڪ هئا تن سڀني کي مارائي ڇڏيائين.[2]. منصور اگرچه خلفاءَ بني اُميه جو مقرر ڪيل والي نه هو مگر اُن زماني جي يادگار ضرور هو ۽ ڀلا هي سنڌ جو هڪ ننڍڙو والي هڪ عظيم الشان سلطنت جو مقابلو ڪيترو ڪري ٿي سگهيو مگر تڏهن به هن جيڪي ڪيو سو سندس بهادري جو شاندار مثال هو.[2].
موسيٰ بن ڪعب جو حملو
[سنواريو]مفلس عبدي جي خبر جڏهن ابو مسلم خراساني کي پئي ته ڏاڍو ڏک ٿيس. خليفي سفاح کان اجازت وٺي ويهه هزار فوجون موسيٰ بن ڪعب تميمي کي ڏئي سنڌ موڪليائين. موسيٰ قندابيل پهچي سنڌ جي حالتن جو جائزو ورتو ۽ اتان منصوره جي رهاڪن سان جيڪي سندس فوجن جا مٽ مائٽ هئا، ڳجها رابطا ڪري مٿن هٿ رکي پنهنجو ڪيو. جڏهن چڱيءَ طرح دلجاءِ ٿيس ۽ سندس فوجن حڪمت عملي تيار ڪري ورتي ته منصوره تي ڪاهه ڪرڻ لاءِ اڳتي وڌيو. سنڌو درياءُ اورانگهڻ کان پوءِ ٻنهي فوجن جون تلوارون هڪ ٻئي سان ٽڪرائجڻ لڳيون ۽ ميدان نعرن سان گونجڻ لڳو. منصور حملي جي سٽ نه سهي سگهيو ۽ هار کائي منصوره شهر ۾ لڪڻ گهريو پر خبر پئجي چُڪي هئس ته شهري ۽ فوج موسيٰ جي ڀر ٿي بيٺا آهن، ان ڪري هندستان ڏانهن ڀڄڻ کي بهتر سمجهيائين. رستو تمام ڏکيو هو ان ڪري اڌ ۾ ئي رلي ويو ۽ موسيٰ جي فوجن هٿ چڙهي جان کان هٿ ڌوئي ويٺو. ابن اثير ۽ فتوح البلدان مطابق هو پاڻ ئي رڻ ۾ رلي بک، اڃ وگهي مري ويو. موسيٰ 124ھ ۾ سنڌ تي قبضو ڪري انتظام ٺيڪ ڪيا ۽ منصوره شهر جي مرمت ڪرائي شهر جي جامع مسجد کي وڏو ڪرائي وڌيڪ خوبصورت بڻايائين.[3] رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو تہ:شاهي فوج جي شڪست ۽ مفلس جي مارجي وڃڻ ڪري، ابو مسلم سخت غصي ٿيو. هن سفاح کي اجازت لاءِ لکيو ۽ پوءِ هڪڙي ٻئي تجربيڪار عملدار موسيٰ بن ڪعب تميميءَ کي سنڌ ڏانهن چاڙهي مڪو، جو ويهن هزارن فوجن سان قندابيل پهتو. سندس قبيلي وارا جيڪي منصوره ۾ رهندڙ هئا، تن سان اڳواٽ خط و ڪتابت ڪري گهڻن کي پنهنجي طرف ڪيائين، پوءِ منصوره تي ڪاهي ويو. منصور هاڻي اڪيلو ٿي پيو، جنهن ڪري شڪست کائي راجپوتانا ڏانهن ڀڄي ويو ۽ وري سندس پتو نه پيو. سندس اهل و عيال جهازن تي چڙهي گجرات ڏانهن هليا ويا. سنه 134ھ ۾ موسيٰ بن ڪعب سڄيءَ سنڌ تي قبضو ڪيو. هن منصوره جي مرمت ڪرائي، مسجدين ۾ اضافو ڪيو ۽ پوءِ وطن جي اڪير ۾ عراق ڏانهن هليو ويو، جتي 141ھ ۾ وفات ڪيائين. ماه ذوالحج سنه 136ھ (9 جون، سنه 754ع) ۾ ابوالعباس سفاح وفات ڪئي ۽ سندس ڀاءُ ابو جعفر منصور گاديءَ تي ويٺو . منصور، ابو مسلم کي مارائي ڇڏيو. ابو مسلم عباسين جي طرفداري ڪندي ڇهه لک ماڻهو مارايا هئا.[4] يعقوبي مطابق موسى بن ڪعب خلافت جي حڪم ملڻ شرط بقول يعقوبي ويهه هزار فوجي ۽ ابن اثير مطابق ٻارھن ھزار فوجي وٺي روانو ٿيو ۽ شهر قندابيل ۾ پهچي اُتي رهي پيو. هن ۽ سندس رفيقن منصوره ۾ رهندڙ پنهنجي پنهنجي قبيلي جي ماڻهن سان خط و ڪتاب جو رستو جاري ڪيو جنهن جو نتيجو هي ٿيو جو ٿورن ئي ڏينهن ۾ سڀني قبيلن جي گهڻن ماڻهن کي هن منصور کان ڇني پنهنجو ڪري ورتو. مطلب ته اهڙي طرح سازش ۾ ڪامياب ٿي ۽ منصور جي فوج جي گهڻن ماڻهن سان ڳجها عهدناما ڪري جڏهن کيس پوري خاطري ٿي تڏهن لشڪر کي اڳتي وڌائي ويو. يعقوبي ۽ بلاذري مطاب منصور وڏي غلطي ڪئي جو جڏهن موسى قندابيل ۾ رهي سندس برخلاف کڏون کوٽي رهيو هو تڏهن هن ڪنهن به قسم جي پرواهه نه ڪئي ۽ اُن وقت مقابلي لاءِ نڪتو جڏهن موسى منصوره کي ويجهو اچي پهتو. پوءِ ٻئي فوجون اچي پنهنجي پنهنجي پاسي درياءَ جي ڪناري تي پهتيون ۽ ٻئي هڪٻئي کي اُميد ۽ خوف جي نگاهن سان ڏسي رهيون هيون. آخر موسى پنهنجي فوج کي پار اُڪاري وڌو ۽ ٻنهين طرفان حملو شروع ٿي ويو. منصور جي فوج ٿوريئي دير بعد ڀڄڻ شروع ڪيو ۽ منصور هي حالت ڏٺي تڏهن کيس به سواءِ ڀڄڻ جي ٻي ڪا واه نه رهي.[2].
منصور جي پڇاڙي
[سنواريو]بلاذري لکي ٿو ته:منصور لڙائي دوران پنهنجي فوج جي ارادي کي سمجهي ويو ۽ شهر وارن تي پڻ سندس ڪو اعتبار نه رهيو هو، تنهن ڪري شهر ۾ پناهه گزين ٿيڻ جو به ارادو نه ڪيائين، بلڪ هن کي پنهنجي رفيقن مان به ايترو خوف پيدا ٿي چڪو هو جو ڪنهن هڪڙي کي به پاڻ سان نه کنيائين ۽ اڪيلي سر اُٿي ڀڳو. ناواقفيت ۽ اڻ سونهائي جي ڪري بدقسمتي سان وڃي راجپوتانا جي ريگستان ۾ پيو، جتي ڦري ڦري اهڙي هنڌ وڃي ڦاٿو جو ڪو به ماڻهو ڏسڻ ۾ نه آيس ۽ اُڃ ۽ بک وگهي الاجي ڪٿي مري ويو.[2]. يعقوبي لکي ٿو ته منصور گرفتار ٿيو ۽ ماريو ويو.[2].
منصور جو خاندان
[سنواريو]منصور جي شڪست جي خبر جڏهن انهي شخص کي پهتي جنهن کي هو منصوره ۾ پنهنجو جانشين ڪري ڇڏي آيو هو تڏهن اُن جيسين موسى شهر ۾ اچي داخل ٿئي تنهن کان اڳ ڦڙتي ڪري هڪدم منصور جي اهل و عيال کي جهازن تي سوار ڪري پنهنجي ۽ منصور جي ٻارن ٻچن جي جان بچائي گجرات ۾ وڃي پهتو ۽ اُتي ويهي پنهنجي حياتي جا ڏينهن پورا ڪيا.[2].
سنڌ جي اموي گورنرن جي فھرست
[سنواريو]- محمد بن قاسم
- يزيد بن ابي ڪشفہ
- عامر بن عبدالله
- حبيب بن مھلب
- عمر بن مسلم باھلي
- بلال بن احوز تميمي
- جنيد بن عبدالرحمٰن
- تميم بن زيد عتبي
- حڪم بن عوانا ڪلبي
- عمرو بن محمد بن قاسم
- يزيد بن عرار
- منصور بن جمھور ڪلبي(بنواميہ کان بغاوت ڪندڙ)
حوالا
[سنواريو]- ↑ {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ
مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛
پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page9.html. Missing or empty
|title=
(مدد) } - ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 2.7 2.8 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
- ↑ 3.0 3.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي