جنيد بن عبدالرحمٰن
جنيد بن عبدالرحمان | |||||
---|---|---|---|---|---|
عربن جي دور ۾ سنڌ جو گورنر | |||||
724 کان 729 عيسوي تائين 107 کان 111ھ | |||||
پيشرو | بلال بن احوز تميمي | ||||
جانشين | تميم بن زيد عتبي | ||||
ريجنٽ | بنو اميہ جو خليفو ھشام بن عبدالملڪ. | ||||
جيون ساٿي | فاضلا بنت يزيد بن مهلب | ||||
| |||||
گهراڻو | المري | ||||
پيءُ | عبدالرحمان | ||||
مذھب | سني اسلام |
جنيد بن عبدالرحمٰن المريسنڌ ۾ عرب دور حڪومت جو هڪ وڏو سپھ سالار ۽ گورنر هو۔ پاڻ پنهنجي سموري زندگي ۾ پنهنجي پيشي تمام گهڻو مخلص رهيو.[1][2][3]
تاريخي حيثيت
[سنواريو]107ھ ۾ جنيد بن عبدالرحمان المري، هشام بن عبدالملڪ (105- 125ھ) جي ڏينهن ۾ هتي جو گورنر ڪري موڪليو ويو.[4] راجا ڏاهر جو پٽ جئسنگ، مسلمان ٿيڻ کان پوءِ، امان طلب ڪري، برهمڻ آباد ۾ حڪومت ڪندو رهيو. جنيد سان سندس تعلقات ٺيڪ نه رهي سگهيا. ٻنهي جي وچ ۾ لڙائي لڳي، جنهن ۾ جئسنگ مارجي ويو. ان کان پوءِ هن پنهنجي فوتحات جو دائرو وسيع ڪيو، ۽ وڌي مارواڙ، گجرات ۽ ڪشميرجي سرحد تائين پهتو.[5] 111ھ ۾ جنيد کي خراسان جو والي ڪري موڪليو ويو ۽ هتي جي حڪومت جي واڳ تميم بن زيد عتبيءَ جي هٿ ۾ آئي.[6] هي به هشام بن عبدالملڪ جي ڏينهن ۾ هو. عربيءَ جي مشهور شاعر ’فرزوق‘، هن جي ئي نالي تي پنهنجو مشهور قصيدو لکي موڪليو هو. تميم ڪامياب حڪمران ٿي نه سگهيو ، ۽ جلد ئي وفات ڪيائين؛ انهيءَ ڪري ملڪ ۾ عام ابتري پيدا ٿي ويئي. انهن حالتن ڪري، سنڌ جي حڪومت جي واڳ عارضي طرح وري جنيد جي هٿ ۾ ڏني ويئي. هو خراسان ۾ رهي، هتي جي سنڀال ڪندو رهيو.[7]
خالد قسري، جنيد بن عبدالرحمان المري کي سنڌ جو گورنر ڪري روانو ڪيو. هن ديبل پهچي سنڌ جي حالتن جي ڄاڻ ورتي ۽ پوءِ اڳتي برهمڻ آباد ڏانهن وڌيو. برهمڻ آباد تي ان وقت جيسينا جو قبضو هو. جڏهن جنيد درياءَ اورانگهڻ لڳو ته جيسينا روڪيس ۽ چورائي موڪليائينس ته مان اسلام آڻي چڪو آهيان ۽ مون کي صالح مرد (حضرت عمر بن عبدالعزيز) هن ملڪ جو مالڪ بڻايو آهي ۽ تو کي هتي پير کوڙڻ جو ڪوئي حق ناهي. جنيد کي اهڙي جواب تي ڏاڍي ڪاوڙ لڳي پر صبر کان ڪم وٺي جيسينا ڏانهن نياپو موڪليائين ته مان توکان رياست کسڻ نه آيو آهيان. جيسينا جواب ڏنو ته مون کي تنهنجي ڳالهه تي اعتبار ناهي، ۽ اهو ڊپ آهي ته تون مون کي لاهي ڇڏيندين، جنيد چيس مان ان جي ضمانت ڏيڻ لاءِ تيار آهيان، پر ان شرط تي ته تون اطاعت قبول ڪري ڍل ڏيڻ جو واعدو ڪندين. ٻنهي جو ضمانتن آڌار ٺاهه ته ٿي ويو پر وقت سان ٻنهي وچ م ڇڪتاڻ وڌندي ويئي ۽ معاملو وڃي ويڙهه تي پهتو. آخر جنيد مهراڻ اورانگهڻ لاءِ ٻيڙيون هيٺ لاٿيون ته جيسينا سامهون ٿي بيهي رهيو، ٻنهي فوجن وچ ۾ ٺاهوڪي ويڙهه ٿي پر جيسينا جي لشڪر هار کاڌي ۽ پاڻ جنيد هٿان ماريو ويو، ان بعد جنيد درياءَ ٽپي ويو.[8] ڪن مؤرخن جو چوڻ آهي ته جيسينا مرتد ٿي ويو هو پر ان جي ڪائي ساک ناهي ملي سگهي. جيسينا جي مارجڻ کان پوءِ سندس ڀاءُ چچ اتان جان بچائي دمشق ۾ خليفي کي وڃي دانهن ڏيڻ چاهي، پر جڏهن جنيد کي خبر پيئي ته ماڻهو موڪلي ۽ چچ کي دم دلاسا ڏيئي واپس گهرائي مارائي ڇڏيو. جنيد جي سنڌ ۾ اها پهرين واعدي خلافي هئي توڙي جو اهو قدم انفرادي ۽ ملڪ جي ڀلائيءَ خاطر هو.[8]
ڪيرج تي حملو
[سنواريو]يعقوبي مطابق جنيد هتان ڪيرج جي طرف ڪوچ ڪيو. ان وقت جيڪو شخص اُتي جو حڪمران هو، تنهن جو نالو راه لکن ٿا. هتي جي ماڻهن محمد بن قاسم کان پوءِ انجام ٽوڙي کلي طرح بغاوت جو جهنڊو بلند ڪيو هو. جنيد اوچتي بلا وانگي وڃي ڪيرج تي ڪڙڪيو. هاڻي هيتري مدت ۾ اسلامي حڪومت هي رنگ پيدا ڪري ڇڏيو هو، جو جيتوڻيڪ هن ملڪ ۾ مخالف هندو راجائن سان لڙائي ٿي ته ڪيترا هندو راجا به مسلمانن سان شريڪ ٿي پيا ٿي. جيئن ته هن حملي ۾ به هڪ هندو راجا اشندرابيد جنيس دان رفيق هو. لڙائي شروع ٿي، ۽ آخر ڪيرج جو راجا مقابلي جي طاقت نه ساري ڀڄي ويو، ۽ جنيد وڃي شهر تي قبضو ڪيو.[9]. اعجازالحق قدوسي مطابق جنيد ڪيرج تي ڪاهه ڪئي، جتان جو راجا باغي بڻجي چُڪو هو. پهريان ته هو خوب وڙهيو پر پوءِ ڀاڄ کاڌائين. جنيد ڀت ۾ ڪبش ۽ نطافه نالي اوزارن سان کاٽ هنيو ۽ اتان لشڪر کي قلعي ۾ داخل ڪيو. ڪيترائي دشمن جا سپاهي ماريا ويا ۽ جهجو غنيمت جو مال هٿ آيو. جنيد هن علائقي ۾ مرمد (مارواڙ)، دهنج ۽ ڀڙوچ وارن هنڌن تي پنهنجا عامل مقرر ڪيا.[8].
ٻيون جنگي ڪاروايون
[سنواريو]ڪيرج جي فتح ماڻڻ کان پوءِ جنيد حبيب بن مره جي اڳواڻيءَ ۾ هڪ لشڪر مالوهه موڪليو ۽ پاڻ بيلمان ۽ گجرات تي چڙهائي ڪيائين. اتان ميدان ماري وري پوئتي موٽي آيو ۽ بياس درياءُ جي اولهندي پاسي طرف وڌڻ لڳو. انهيءَ پاسي چينا پيٺ جي مشهور رياست هئي، جنهن کي عرب شاهه چين چوندا هئا. هن رياست جي حڪم هيٺ ڪيترائي قلعا هئا. جنيد رياست جي ويجهو پهچي هتان جي راجا کي اسلام جي ڪوٺ ڏني پر هن دعوت ٿڏائي مقابلي جا سانباها ڪيا. ٻئي لشڪر مختلف هنڌن تي هڪٻئي سامهون ٿيا ۽ هڪٻئي جا جوان ڪيرايائون، راجا وڏي مڙسي سان مقابلو ڪندو رهيو پر جنيد مٿس ڳرا حملا ڪندو کيس پوئتي پنهنجي قلعي ڏانهن ڌڪيندو ويو، انت راجا فوج سوڌو قلعي ۾ ڀڄي ويو.جنيد قلعي جو گهيراءُ ڪري باهه جا تير اڇلائيندو رهيو پر اندر ڪنهن باهه نه ڀڙڪڻ ۽ تيرن جي اجهامي وڃڻ تي کيس ڏاڍو اچرج لڳو. جنيد چيو قلعي اندر ضرور ڪو عرب موجود آهي، ڇاڪاڻ ته انهن تيرن کي وسائڻ جي ترڪيب عربن کان سواءِ ڪنهن ٻي کي نه ايندي آهي. جنيد گهيرو اڃا تنگ ڪيو ۽ قلعي وارا مجبوراً آڻ مڃڻ لاءِ تيار ٿيا ۽ صلح جي درخواست اماڻيائون. جنيد سندن درخواست قبول ڪئي ۽ وڏي شان ۽ مان سان قلعي ۾ داخل ٿيو. جنيد قلعي ۾ اچي ڪري انهيءَ تير اجهائيندڙ عرب جي ڳولها ڪئي. جڏهن اهو گرفتار ٿيو ته کيس قتل ڪرائي ڇڏيائينس.[8] جنيد وڏو بهادر ۽ مضبوط ارادن وارو انسان هو. سندس ڪوشش سان باغين جو ڪنڌ ڀڳو ۽ هر هنڌ اسلام جو ڌاڪو ڄميو. جنيد جي طاقت ۽ حشمت ڪري هتان جا راجا اطاعت تي مجبور ٿيا ۽ ڍل ڏيڻ جا پابند بڻيا. اسلامي حڪومت جون حدون اتر کان ڪشمير تائين، اوڀر ۾ بياس ۽ راوي درياءَ تائين اولهه ۾ عرب ۽ ڏکڻ ۾ مالوه تائين وڌي ويون.سندس مشهور چوڻي آهي ته ”مردن وانگر مارجي وڃڻ کڙيون گسائيندي مرڻ کان وڌيڪ چڱو آهي.“[10] بلاذري مطابق جنيد امن و امان قائم ڪري، هتي ئي رهي پيو ۽ پنهنجي طرفان عربي فوجون مرمد، منڊل، دهنج ۽ ڀڙوچ تي روانيون ڪيون. هڪ فوج آزين تي موڪلي، ۽ جيب نالي هڪ نامور ۽ بهادر سردار کي ٿوري فوج ڏيئي، مالوا جي طرف روانو ڪيو. انهن فوجن هر طرف وڃي فتحون حاصل ڪيون. جو لشڪر آزين تي ويو هو، تنهن ان کي فتح ڪري ۽ اتان وڌي وڃي هنرمد تي حملو ڪيو، ۽ بلڪل ڪاميابي سان جنيد وٽ واپس آيو.[9]. يعقوبي مطابق جنهن زماني ۾ هي فوجون ٻين پاسن روانيون ٿيون هيون تن ڏينهن ۾ خود جنيد به ماٺ ڪري نه ويٺو هو. هو بيلمان ۽ جذر کي فتح ڪندو اُتر جي طرف وڌندو وڃي چين جي سرحد ۾ داخل ٿيو. اول ته اُتي جي بادشاهه کي اسلام جي دعوت ڏنائين مگر انڪار جي صورت ۾ ٻنهين طرفن کان لڙائي شروع ٿي ويئي. شاهه چين جي فوجن کي جنيد جي مقابلي ۾ مختلف جاين تي سخت شڪستون آيون مگر تڏهن به هن همت نه هاري ۽ پڇاڙي تائين لڙندو رهيو، آخر جنيد اڳتي وڌي وڃي هڪ مضبوط قلعي کي گهيرو ڪيو ۽ ٻي ڪنهن به طرح ڪاميابي جي صورت نه ڏسي پنهنجي لشڪر کي روغن نفت جي ذريعي قلعي تي باهه وسائڻ جو حڪم ڏنو مگر کيس اهو ڏسي سخت حيرت ٿي جو قلعي وارن باهه جي شعلن کي هڪدم وسائي ٿي ڇڏيو ۽ جنهن صورت ۾ اها تجويز ان وقت سواءِ عربن جي ٻي ڪنهن کي به ياد نه هئي تنهنڪري جنيد کي يقين ٿيو ته قلعي جي اندر ضرور ڪي عرب ماڻهو آهن. اهو خيال ڪري هو قلعي کي سوڙهو پوندو ويو ۽ آخر قلعي وارن مجبور ٿي صلح جو پيغام موڪليو ۽ اطاعت قبول ڪئي. جنيد قلعي ۾ داخل ٿي تلاش ڪئي ته في الحقيقت ٻه عرب موجود ڏٺا، ۽ تحقيقات مان ثابت ٿيو ته برابر باهه وسائڻ جو ڪم هنن ئي هٿان ٿيو پئي، پوءِ جنيد انهن عربن کي قومي نمڪ حرامي جي ڏوهه ۾ قتل ڪري ڇڏيو.[9]. مولاناالحليم شرر يعقوبي جي چين واري ڳالهه سان اختلاف رکندي لکي ٿو ته: هندوستان کي چين سان ڪو تعلق نه آهي يقيناً هتي چين مان مراد شهر چنپايت آهي جو بياس ندي کان اُلهندي طرف ڏهن ميلن تي هو ۽ جيڪو گهڻي زماني تائين مشرقي ايشيا ۽ اُتر هندوستان جي سياسي تعلقات جو ثبوت ڏيندو رهيو. چيني سياح هونئن ٽسانگ جو سنه 645ع کان سنه 699ع تائين هندوستان ۾ رکيو تنهن هن شهر کي ڏٺو هو. هتي هو چوڏانهن مهينا رهيو جيئن سر هنٽر پنهنجي تاريخ ۾ لکيو آهي. ”جنيد جي زماني ۾ معلوم ٿئي هو ته هتي هڪ مستقل حڪومت قائم هئي. جنهن جي ماتحت ڪيترائي قلعا هئا ۽ هتي جي راجا کي عرب جا ماڻهو چين جو بادشاهه ڪري چوندا هئا.“.[9] جنيد کي انهن فتحن ۾ ايترو خزانو هٿ آيو جو انعام و اڪرام ڏيڻ ۽ فوجي اخراجات کان پوءِ به چار ڪروڙ درهم (هڪ ڪروڙ ڪلدار) خود وٽس بچي پيا حالانڪ ايتري رقم دارالخلافت ڏي بيت المال ۾ داخل ٿيڻ لاءِ به رواني ڪري چڪو هو.[9]. مسٽر ايليٽ لکي ٿو تہ: جنيد جي هنن فتحن جي ايتري قدر مشهوري ٿي جو فقط هي ئي هڪ عربي سپه سالار آهي جنهن جي فتح مندين ۽ بهادرانه ڪارنامن جا اقرار هندن ۽ چينين جا قديم داستان به ڪري رهيا آهن.[9]. يعقوبي لکي ٿو تہ: هن پنهنجي فتوحات ۾ سوا ڇهه لک قيدي گرفتار ڪيا ۽ اَٺ ڪروڙ درهم (ٻه ڪروڙ رپيا ڪلدار) خلافت جي خزاني ۾ موڪليا ۽ ايترو ئي قدر سندس هٿان فوج ۽ اسلامي مجاهدين ۾ تقديم ٿيو.[9]. ابن اثير ۽ ابن خلدون مطابق سنه 111 هجري ۾ کيس سنڌ کان واپس ڪري خراسان جو حاڪم مقرر ڪيو ويو ۽ سنه 117 هجري ۾ خراسان جي حڪومت وري خالد قيسري کي ڏني ويئي جنهن کان پوءِ سنه 120 هجري ۾ هو معزول ٿيو.[9]. جنيد وڏي دٻدٻي ۽ روب وارو هو، سنڌ ۾ سندس ڪاميابيون يادگار آهن، انڪري هڪ ڀيري خليفي کيس لکيو ته روم جي جنگ ۾ تمام گهڻا جانور ۽ قيدي مسلمانن جي هٿ آيا آهن. جنيد جواب لکيو مون پنهنجي ملازمن کان معلومات ورتي آهي ته مان هن وقت تائين ساڍا ڇهه لک قيدي واڙي چڪو آهيان ۽ اٺ ڪروڙ درهم (ٻه ڪروڙ روپيا) شاهي خزاني ۾ موڪلي چڪو آهيان ۽ ايترائي پيسا لشڪر ۾ ورهايا آهن.[8] جنيد ڏاڍو سخي ۽ عوام جو خيال رکندڙ حڪمران هو، فتوح البلدان ۾ آهي ته هن جي درٻار ۾ هر وقت مسڪينن جي اچ وڃ هوندي هئي ۽ ڪڏهن ڪوئي خالي هٿين نه ويو. ايتري سخاوت هوندي به چار ڪروڙ درهم (هڪ ڪروڙ) هن وٽ بچيل رهيا. جنيد جي سخاوت جي باري ۾ عرب جو مشهور شاعر جرير چوي ٿو:
- اصبح زوار الجنيد و صحبہ يحيون صلت الوجہ جمامواهبہ
”جنيد جي سنگتين ساٿين جا منهن ڏينهن ٿيڻ سان ئي ان جي عنايت سان ٻهڪڻ لڳندا هئا.“ ابوالجويريہ شاعر سندس تعريف ڪندي چوي ٿو:
- لوکان يقعد فوق الشمس من کرم
- محسدون علي ماکان من کرم
- قوم باحسانهم او مجدهم قعدوا
- لا ينزع الله منهم مالہ حسدوا.
”جيڪڏهن سخاوت سبب سج تي ويهڻ ممڪن هجي ها ته ضرور اها قوم پنهنجي احسانن ۽ ڪارگزارين ڪري سج تي ويهي ها. اهڙين اعليٰ خوبين ڪري دنيا انهن سان ساڙ ڪري ٿي، خدا ڪري انهن ماڻهن کان اها شيءِ نه کسي وڃي جنهن جي ڪري زمانو انهن سان حسد ڪري ٿو.“ جنيد 111ھ (30 ــ 729ع) ۾ سنڌ مان مرتبو ماڻي خراسان جي گورنري تي ويٺو ۽ پنجن سالن (36 ــ 735ع) تائين حڪومت هلائيندو رهيو. جنيد جڏهن يزيد بن مهلب جي ڌيءَ فاضله سان شادي ڪئي ته خليفو مٿس ڏمرجي پيو ۽ گورنر جي عهدي تان لاهي ڇڏيائينس. ان کان پوءِ هو مرو ۾ هو ته دستن وگهي گذاري ويو.[8]جنيد ان کان پوءِ بلڪل بي فڪري سان هندوستان تي فوج ڪشي شروع ڪئي، جيتوڻيڪ هن تي فريب ۽ انجام شڪني جا ڪي اهڙا الزام لڳايا وڃن ٿا، جي هن کان اڳ ڪنهن به عرب سپهه سالار تي لڳائي نٿا سگهجن. مگر تنهن هوندي به هن پنهنجي ايامڪاري ۾ اهڙا ڪارناما ڏيکاريا ۽ اهڙي جوش و خروش سان جهاد ڪيو، جو محمد بن قاسم کان پوءِ ڪنهن کي به هن جهڙي ناموري نصيب نه ٿي[9].
بحيثيت گورنر
[سنواريو]خالد قسري، جنيد بن عبدالرحمٰن المري کي سنڌ جو گورنر ڪري روانو ڪيو۔ هن ديبل پهچي سنڌ جي حالتن جي ڄاڻ ورتي ۽ پوء اڳتي برهمڻ آباد ڏانهن وڌيو. برهمڻ آباد تي ان وقت جيسينا جو قبصو هو جڏهن جنيد درياھ اورانگهڻ لڳو ته جيسينا روڪيس ، ۽ چورائي موڪليائينس ته مان اسلام آڻي چڪو آهيان.[8] رحيمداد خان مولائي شيدائي لکي ٿو تہ: جنيد بهادر ۽ مدبر حاڪم هو. سندس ڏينهن ۾ جئسيه پهريائين اندروني سازشون ڪرڻ لڳو، پوءِ لشڪر گڏ ڪري جنگ لاءِ نڪتو، جنهن ۾ آخر جئسيه پنهنجي ڀاءُ سميت گرفتار ٿي ويو ۽ ٻئي مارجي ويا.[11] هتان جنيد سنڌ جي سرحد ڪيرج ڏانهن وڌيو، جتي جي راجا معاهدي کي ٽوڙي بغاوت برپا ڪئي هئي، مگر مقابلي جي طاقت نه ساري ڀڄي ويو. جنيد شهر تي قبضو ڪيو. مٿينءَ مهم ۾ هڪڙو هندو راجا اشندرابيد به جنيد جو مددگار هو. سنڌ جي اندروني سازشن کي مٽائڻ کان پوءِ سرحد کي مضبوط رکي، جنيد گجرات تي ڪاهه ڪئي. مرمد (مارواڙ) کي فتح ڪرڻ کان پوءِ، مانڊل (ويرم گام)،دهنج (پٽن) ۽ ڀڙوچ گوجرن کان فتح ڪيائين. سندس سپه سالار حبيب، مالوه جي دولتمند تختگاه اجين تي ڪاهي بيشمار دولت هٿ ڪئي.[11] علامه بلاذريءَ جو بيان آهي ته، ”جنيد منڊل، ڀڙوچ، سمنڊ رستي کان ۽ مالوه جو تختگاه اجين خشڪيءَ رستي گجرات جي راجا کان فتح ڪيا.“ جنيد کي ايترو مال غنيمت هٿ لڳو، جو لشڪر کي انعام ۽ اڪرام ڏيڻ کان پوءِ وٽس چار ڪروڙ درهم بچي پيا ۽ اوتري رقم بيت المال ڏانهن رواني ڪري چڪو هو. جملي اٺ ڪروڙ درهم بيت المال ڏانهن مڪا هئائين ۽ اوتري رقم فوجن ۾ ورهائي هئائين.[11]
وفات
[سنواريو]جنيد خراسان پهچي، طخارستان، بخارا ۽ سمرقند جي ترڪن کي شڪستون ڏنيون. سنه 116ھ ۾ هن فاضله بنت يزيد بن مهلب سان شادي ڪئي، جنهن ڪري هشام مٿس ناراض ٿيو، ڇاڪاڻ جو هشام کي مهلب جي خاندان سان دشمني هئي. خليفي، جنيد کي معزول ڪري عاضم بن عبدالله بن يزيد هلاليءَ کي خراسان جو والي مقرر ڪيو.جنهن ڏينهن هو مرو پهتو، ساڳئي ڏينهن جنيد وفات ڪئي.[11]
سنڌ جي اموي گورنرن جي فھرست
[سنواريو]- محمد بن قاسم
- يزيد بن ابي ڪشفہ
- عامر بن عبدالله
- حبيب بن مھلب
- عمر بن مسلم باھلي
- بلال بن احوز تميمي
- جنيد بن عبدالرحمٰن
- تميم بن زيد عتبي
- حڪم بن عوانا ڪلبي
- عمرو بن محمد بن قاسم
- يزيد بن عرار
- منصور بن جمھور ڪلبي(بنواميہ کان بغاوت ڪندڙ)
حوالا
[سنواريو]- ↑ https://books.google.com.pk/books?id=pfQLAAAAIAAJ&q=Junaid+bin+abdur+rahman++Sindh&dq=Junaid+bin+abdur+rahman++Sindh&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwiZzbyo24zbAhWQhKYKHc2mDk0Q6AEIOzAF
- ↑ https://books.google.com.pk/books?id=duAhUE684bwC&pg=PA220&dq=Junaid+bin+abdul+rahman&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwirzPaJ2IzbAhWlyqYKHQEcBXIQ6AEIJDAA#v=onepage&q=Junaid%20bin%20abdul%20rahman&f=false
- ↑ https://books.google.com.pk/books?id=uHNddAz5cfAC&pg=PA275&dq=Junaid+bin+abdur+rahman+Sindh&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjN1PeP2ozbAhVlDJoKHZTxAioQ6AEIJDAA#v=onepage&q=Junaid%20bin%20abdur%20rahman%20Sindh&f=false
- ↑ https://books.google.com.pk/books?id=xy4zAAAAMAAJ&q=Junaid+bin+abdur+rahman++Sindh&dq=Junaid+bin+abdur+rahman++Sindh&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwjI7OSY3ozbAhWBNpoKHZZFBh84ChDoAQgyMAM
- ↑ https://books.google.com.pk/books?id=9yyeAAAAMAAJ&q=Junaid+bin+abdur+rahman++Sindh&dq=Junaid+bin+abdur+rahman++Sindh&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwiZzbyo24zbAhWQhKYKHc2mDk0Q6AEISzAJ
- ↑ https://books.google.com.pk/books?id=UGUuAQAAIAAJ&q=Junaid+bin+abdul+rahman&dq=Junaid+bin+abdul+rahman&hl=en&sa=X&ved=0ahUKEwirzPaJ2IzbAhWlyqYKHQEcBXIQ6AEIKjAB
- ↑ ميمڻ عبدالمجيد سنڌي-- سنڌ ۽ ملتان جون عربي حڪومتون؛ رسالو:مهراڻ؛ ڇپيندڙ:سنڌي ادبي بورڊ 1961ع
- ↑ 8.0 8.1 8.2 8.3 8.4 8.5 8.6 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
- ↑ 9.0 9.1 9.2 9.3 9.4 9.5 9.6 9.7 9.8 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page8.html. Missing or empty
|title=
(مدد) - ↑ 11.0 11.1 11.2 11.3 ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ، تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي، ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع، ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي