عمرو بن محمد بن قاسم
عمرو بن محمد | |||||
---|---|---|---|---|---|
سنڌ جو عربن جي دور جو گورنر | |||||
738 کان 743 تائين (121ھ کان125 ھ) | |||||
پيشرو | حڪم بن عوانا ڪلبي | ||||
جانشين | يزيد بن عرار | ||||
ريجنٽ | بنواميہ جو خليفو ھشام بن عبدالملڪ ۽ وليد ثاني بن يزيد بن عبدالملڪ | ||||
| |||||
گهراڻو | ثقفي | ||||
پيءُ | محمد بن قاسم | ||||
مذھب | اسلام |
عمرو بن محمد بن قاسم:(انگريزي: Umro bin Muhammad bin Qasim) حڪم جي شهادت کان پوءِ ان سان گڏ آيل عمرو بن محمد بن قاسم ۽ يزيد بن عراره سنڌ جي گورنريءَ جا دعويدار ٿي بيٺا. عراق جي گورنر جنرل يوسف بن عمر ثقفي ٻنهي جا نالا خليفي ڏانهن اماڻيا پر خليفي عمرو بن قاسم جي منظوري ڏني.[1]سندس ڏينهن ۾ مسلمانن هندن کي شڪستون ڏنيون. سندس ڏينهن ۾ عربي زبان ترقي ڪئي.[2]يعقوبي لکي ٿو ته حڪم جي شهادت کان پوءِ سنڌ ۾ ٻه شخص وڏي طاقت وارا هئا، هڪ عمرو بن محمد بن قاسم ۽ ٻيو يزيد بن عرار. انهن ٻنهين ۾ مخالفت پيدا ٿي پيئي ۽ ٻئي پنهنجو زور ڏيکارڻ لڳا. مگر عراق جو گورنر يوسف بن عرو ثقفي کي جڏهن اها خبر پيئي تڏهن دربار خلافت مان اجازت وٺي پنهنجي ثقفي نسل محمد بن قاسم جي پٽ کي سنڌ جو والي مقرر ڪيو[3].
تفصيلي تعارف
[سنواريو]عمرو بن قاسم سنڌ جي ڪرسي سنڀاليندي ئي يزيد کي قيد ڪري ڇڏيو. ٻنهي جي جهيڙي جو دشمنن خوب فائدو ورتو ۽ اچي منصوره کي ويجهو پهتا. عراق جي گورنر جنرل يوسف چار هزار سپاهي سنڌ ڏانهن موڪليا، جن جي پهچندي ئي دشمن جو ڪٽڪ ڀڄي ويو ۽ عمرو بن قاسم پنهنجي فوج کي مضبوط ڪرڻ شروع ڪيو. جڏهن فوج هر طرح سان طاقتور بڻجي ويئي ته مئن بن زائده دشمنن تي اهڙا حملا ڪيا ۽ راتين جو راتاها هنيا جو انهن جا ڳچ سپاهي تلوار جو کاڄ بڻيا ۽ باقي ڇڙوڇڙ ٿي ڀڄي ويا. آخر دشمنن جو راجا راءِ پاڻ وڙهڻ لاءِ نڪتو، مسلمان ته ان کي سڃاڻيندا نه هئا، پر جڏهن فوج ۾ شامل سنڌي سپاهين راجا کي ڏٺو ته رڙيون ڪرڻ لڳا ته اهو آهي راءِ، اهو آهي راءِ. مسلمان فوج اهو ٻڌندي ئي راءِ تي ڪڙڪي پيئي پر هو گهوڙو ڀڄائي نڪري ويو. اهڙيءَ طرح عمرو بن قاسم جو هر هنڌ ڌاڪو ڄمي ويو ۽ سندس بهادريءَ جو چرچو ٿيڻ لڳو.[1]
مروان بن يزيد بن مھلب
[سنواريو]جڏهن هو دشمنن کي سبق سيکارڻ ۾ مصروف هو ته سندس لشڪر جي هڪ سپاهي مروان پٽ يزيد بن مهلب پنهنجي ساٿين سان موقعو ڳولهي مال متاع ۽ سواري جا جانور ڪنهن طريقي سان پنهنجي قبضي ۾ ڪري ورتا. عمرو بن قاسم کي جڏهن خبر پئي ته مروان جو پيڇو ڪيائين ۽ هڪڙي هنڌ پهچي مٿس اهڙو حملو ڪيائين جو سڀ ڇڙوڇڙ ٿي ويا ۽ مروان ڪٿي لڪي پيو. عمرو بن قاسم سڀني سپاهين کي معاف ڪيو ۽ انهن مان ئي هڪڙي مروان کي پڪڙي عمرو اڳيان آندو، جنهن کيس قتل ڪرائي ڇڏيو.[1] يعقوبي لکي ٿو تہ سڀني شهرن تي عمرو جو ڌاڪو ويهي ويو. سندس لشڪر ۾ يزيد بن مهلب جو پٽ مروان به هو جنهن مٿي ذڪر ڪيل لڙائي وقت پنهنجي رفيقن سان گڏ عمرو جو مال و اسباب ۽ ڪيترا سواري جا جانور وغيره لٽي ورتا هئا. جڏهن اها خبر عمرو کي پهتي تڏهن هن پنهنجي سرويچ سردار مئن بن زائده شيباني ۽ ٻين کي حڪم ڏنو ته يڪدم هن کي گرفتار ڪيو وڃي. ماڻهو کيس ڳولي وٺي آيا ۽ آخر هو عمرو جي هٿان قتل ٿي ويو.[3].
پڇاڙي
[سنواريو]6 ربيع الثاني 125ھ (743ع) ۾ هشام بن عبدالملڪ ڳلي جي بيماريءَ وگهي گذاري ويو.وليد اچڻ سان هشام جي سڀني عملدارن کي هٽائي ڇڏيو، تن ۾ عمرو بن محمد بن قاسم به هو، جيڪو 126ھ (44ـ ــــــ 743ع) ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.[4]
سنڌ جي اموي گورنرن جي فھرست
[سنواريو]- محمد بن قاسم
- يزيد بن ابي ڪشفہ
- عامر بن عبدالله
- حبيب بن مھلب
- عمر بن مسلم باھلي
- بلال بن احوز تميمي
- جنيد بن عبدالرحمٰن
- تميم بن زيد عتبي
- حڪم بن عوانا ڪلبي
- عمرو بن محمد بن قاسم
- يزيد بن عرار
- منصور بن جمھور ڪلبي(بنواميہ کان بغاوت ڪندڙ)
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 1.2 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛ پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ جنت السنڌ ، تصنيف؛ رحيمداد خان مولائي شيدائي، ايڊيشن؛ پهريون 2000، ٻيون 2006ع، ڇپائيندڙ؛ سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچي
- ↑ 3.0 3.1 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
- ↑ {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ
مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛
پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page9.html. Missing or empty
|title=
(مدد) }