حبيب بن مھلب
حبيب بن مهلب | |
---|---|
سنڌ جو اموي گورنر | |
717( 99 ھجري تائين) | |
پيشرو | عامر بن عبدالله |
جانشين | عمر بن مسلم باھلي |
ريجنٽ | سليمان بن عبدالملڪ |
شاھي گھراڻو | بنو اميہ |
مذھب | اسلام |
حبيب بن مهلب:(انگريزي: Habib bin Muhalab) سنڌ ۾ بنو اميه جي عرب خلافت جي گورنر يزيد بن مهلب جو ڀاء جنهن سندس نمائندي طور سنڌ تي حڪومت ڪئي. اعجازالحق قدوسي لکي ٿو ته:سليمان بن عبدالملڪ حبيب ٻن مهلب کي سنڌ جو گورنر ڪري موڪليو. حبيب سنڌ ۾ پهچڻ شرط ڪيترن ئي باغين کي سزائون ڏئي پنهنجو فرمانبردار بڻايو ۽ اروڙ وارن سندس اطاعت قبول ڪئي ان وقت جيسينا جي ڪري ٻيا سردار به باغي ٿي چُڪا هئا. تنهن ڪري حبيب برهمڻ آباد تي اڃا ڪاهه ڪرڻ جو سوچي رهيو هو ته 20 سفر 99ھ (18 ــ 717ع) ۾ سليمان بن عبدالملڪ وفات ڪري ويو. عمر بن عبدالعزيز نئون خليفو مقرر ٿيو، جنهن حبيب جي ڀاءُ يزيد بن مهلب کي عراق ۽ خراسان جي گورنري ۽ حبيب کي سنڌ جي گورنري تان خيانت جي ڏوهه ۾ هٽائي ڪري جيل اماڻي ڇڏيو[1] يعقوبي مطابق محمد بن قاسم جهڙي جوان مرد ۽ فياض سردار کان بيقصور حڪومت جي واڳ کسي وٺڻ ۽ ساڻس هيڏي بيدردي جو برتاءُ ڪرڻ، ان عبرت انگيز بيقدري کان ماڻهن ۾ طرح طرح جون بدگمانيون پيدا ٿي ويون، عربن مان فقط اهي ماڻهو سر زمين سنڌ ۾ رهجي ويا جيڪي هتي ويهي رهيا هئا ۽ جن کي جاگيرون ڏنيون ويون هيون مگر مجاهدين جي اها زبردست جماعت جا فقط محمد بن قاسم جي پٺيان پنهنجا گهر ٻار ڇڏي غريب الوطني ۾ پنهنجون جانيون قربان ڪرڻ لاءِ تيار هئي. سا ٽڙي پکڙي ويئي، ۽ انهي جماعت جا سڀ ماڻهو هن ملڪ کي ڇڏي پنهنجي پنهنجي وطن ڏي هليا ويا ۽ هندستان جو ميدان مجاهدن کان بلڪل خالي ٿي ويو[2]. بلاذري مطابق انهن ڏينهن ۾ سليمان ابن عبدالملڪ بصري جي حڪومت يزيد بن مهلب جي حوالي ڪئي هئي. ان کي جڏهن معلوم ٿيو ته سنڌ جي حالت خراب ٿي رهي آهي، تڏهن هن پنهنجي ڀاءُ حبيب بن مهلب کي سنڌ جو والي مقرر ڪري سنڌ ڏانهن روانو ڪيو. جو اڃا سر زمين سنڌ ۾ پهتو ئي مس ته راجا ڏاهر جو پٽ جيسنگهه جو غالباً ڪشمير کان واپس اچي ويو سو، برهمڻ آباد ۾ داخل ٿي ويو. حبيب سنڌ ۾ داخل ٿي سنڌو درياءَ جي ڪناري منزل انداز ٿيو. الور وارن سندس اطاعت قبول ڪئي مگر ڪي ماڻهو وڙهڻ لاءِ تيار ٿيا،جن کي حبيب پڪڙي، بغاوت جي ڏوه ۾ پوري پوري سزا ڏني.[2][3]. انهي زماني ۾ چيو وڃي ٿو ته ڪو وقت عامر بن عبدالله به سنڌ جو والي رهيو مگر بلاذري ۽ يعقوبي جن تي گهڻو ڀروسو ڪري ٿو سگهجي، توڙي ٻيا قابل اعتبار مؤرخ به هن بابت ڪجهه نٿا لکن تنهنڪري اسان جي نزديڪ هيءَ ڳالهه نه ايتري قدر ڀروسي جهڙي آهي نه مڃڻ جي لائق.[2].ابن اثير، ابن خلدون ۽ بلاذري مطابق حبيب اڃان سنڌو دريا جي ڪناري تي ئي لٿو پيو هو ته خليفي سليمان وڃي قبر ۾ جاءِ ورتي ۽ عمر بن عبدالعزيز جي عالمانه ۽ ديندارانه خلافت شروع ٿي. جنهن گادي تي ويهڻ شرط يزيد بن مهلب کي ان ڪري بصري ۽ خراسان جي گورنري کان موقوف ڪري ڇڏيو جو هو نهايت هٺيلو هو ۽ سندس عزيز و قريب ڏاڍا ظالم ۽ ناخدا ترس هئا. عراق جي والي عدي بن ارطات کي لکيائين ته يزيد بن مهلب کي هڪدم گرفتار ڪري وٺي. عدي انهي حڪم جي تعميل لاءِ موسى بن حليسبه حميري کي روانو ڪيو. جنهن پهچڻ شرط يزيد کي گرفتار ڪري خليفي عمر بن عبدالعزيز جي درٻار ۾ موڪلي ڏنو. خليفي، يزيد کان اها رقم طلب ڪئي جنهن جي نسبت هن گذريل خليفي سليمان کي لکيو هو ته ”جرجان کان خزانو وصول ٿيو آهي ۽ عنقريب روانو ڪندس“ يزيد انڪار ڪيو ۽ چيائين ته ”مون هونئن کڻي خليفي مرحوم کي لکي ڇڏيو هو. ڇو ته مون ڀانيو ٿي ته نه خليفي صاحب جن مون کان گهرندا ۽ نه مون کي موڪلڻا ئي پوندا.“ عمر بن عبدالعزيز چيو ته ”هي مسلمانن جو مال آهي، ان ۾ ليمان کي خواه مون کي معاف ڪرڻ جو ڪو حق حاصل نه آهي، پوءِ يزيد بن مهلب سان عمر بن عبدالعزيز اهو ئي برتاءُ ڪيو جو محمد بن قاسم سان ڪيو ويو هو. هن کيس قيدخاني ۾ موڪلي ڏنو جو تيسين اتي پيو هو جيسين يزيد بن عبدالملڪ جي خلافت شروع ٿي. ان وقت وجهه وٺي هو قيدخاني مان نڪي ڀڄي ويو ۽ آخر وڏي مشڪلات سان ڪيترين خونريزين بعد سنه 102 هجري ۾ مارجي ويو.[2]بلاذري لکي ٿو تہ:خليفي عمر بن عبدالعزيز پنهنجي زماني ۾ هڪ نئين ۽ نهايت عمدي ڪارروائي ڪئي، جنهن مان دراصل اها مراد هئي ته حجت پوري ڪئي وڃي. سنه 100 هجري ۾ هندستان جي سڀني راجائن ڏي خط موڪليا، جنهن ۾ اول انهن کي دين اسلام جي طرف دعوت ڏني ويئي هئي، ۽ انڪاري صورت ۾ سڀني کي هدايت ڪئي ويئي هئي ته اسلام جي جهنڊي اڳيان مٿو جهڪائين، ان سان گڏ هي به ٻڌايو ويو هون ته انهي صورت ۾ سندن حق حقوق اهي ئي قائم ڪيا ويندا جي عام مسلمانن جا آهن ۽ سلطنت جي ڪاروبار ۾ سندن ۽ مسلمانن جا فرائض به هڪ جهڙا رهندا. هندستان جي ماڻهن کي عمر بن عبدالعزيز جي سهڻن اخلاقن ۽ سندن دينداري ۽ سچي نيڪ نفسي جو احوال به معلوم ٿي چڪو هو.[2]. راجا ڏاهر جو پٽ جيسنگھ سياسي مصلحت خاطر مسلمان ٿي ويو. مگر هن جي اها ڪارروائي خود لاءِ ئي نقصان واري ٿي. ڇو ته ڀرپاسي وارا سڀئي راجا دل و جان سان اسلام قبول ڪري چڪا هئا، هي ئي وقت آهي جنهن کان وٺي عربي اخلاق ۽ عادتون سنڌ وارن ۾ پيدا ٿيون ۽ انهن عربن جي نالن جهڙا نالا پنهنجي ٻارن جا به رکڻ شروع ڪيا.[2].حضرت عمر بن عبدالعزيز جيئن يزيد بن مهلب کي بصري ۽ خراسان جي گورنري تان لاٿو، تيئن ساڻن گڏ سندس ڀاءُ حبيب بن مهلب کي به ولايت سنڌ کان معزول ڪري ڇڏيو ۽ ان جي جاءِ تي عمر بن مسلم باهلي کي سنڌ جو حاڪم مقرر ڪيو.[2].
سنڌ جي اموي گورنرن جي فھرست
[سنواريو]- محمد بن قاسم
- يزيد بن ابي ڪشفہ
- عامر بن عبدالله
- حبيب بن مھلب
- عمر بن مسلم باھلي
- بلال بن احوز تميمي
- جنيد بن عبدالرحمٰن
- تميم بن زيد عتبي
- حڪم بن عوانا ڪلبي
- عمرو بن محمد بن قاسم
- يزيد بن عرار
- منصور بن جمھور ڪلبي(بنواميہ کان بغاوت ڪندڙ)
حوالا
[سنواريو]- ↑ {ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ
مصنف؛ اعجاز الحق قدوسي ايڊيشن؛
پهريون 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي http://www.sindhiadabiboard.org/catalogue/History/Book7/Book_page2.html. Missing or empty
|title=
(مدد) } - ↑ 2.0 2.1 2.2 2.3 2.4 2.5 2.6 ڪتاب جو نالو ؛ سنڌ جي تاريخ :مصنف؛ مولانا الحليم ”شرر“: سنڌيڪار؛ فقير اشرف علي سمون: ايڊيشن؛ پهريون 2005ع، 2007ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي
- ↑ ڪتاب جو نالو ؛ تاريخ سنڌ (پنج ڀاڱا گڏ) مصنف؛ مولوي نور محمد نظاماڻي, عبدالغني عبدالله, محمد صديق ”مسافر“ ايڊيشن؛ پهريون 2006ع ڇپيندڙ؛ مهراڻ اڪيڊمي ڪاپي رائيٽ مهراڻ اڪيڊمي