محمد ايوب خان

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

محمد ايوب خان
(اردو ۾: محمد ایوب خان خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقامي ٻولي ۾ نالو (P1559) وڪي ڊيٽا تي
 

معلومات شخصيت
ڄم 14 مَئي 1907[1][2][3][4][5][6]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ ڄم (P569) وڪي ڊيٽا تي
هري پور، پاڪستان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام ڄم (P19) وڪي ڊيٽا تي
موت 19 اپريل 1974 (67 سال)[1][2][3][7]  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو تاريخ موت (P570) وڪي ڊيٽا تي
راولپنڊي  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو مقام موت (P20) وڪي ڊيٽا تي
شھريت برطانوي راڄ
پاڪستان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو شهريت (P27) وڪي ڊيٽا تي
مناصب
بچاءُ جو وزير (پاڪستان)[8]   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو position held (P39) وڪي ڊيٽا تي
عهدو جو مدت
25 آڪٽوبر 1954  – 11 آگسٽ 1955 
پاڪستان جو وزيراعظم   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو position held (P39) وڪي ڊيٽا تي
عهدو جو مدت
24 آڪٽوبر 1958  – 28 آڪٽوبر 1958 
پاڪستان جو صدر (2 )   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو position held (P39) وڪي ڊيٽا تي
عهدو جو مدت
27 آڪٽوبر 1958  – 25 مارچ 1969 
اسڪندر مرزا 
يحييٰ خان 
بچاءُ جو وزير (پاڪستان)   خاصيت جي حالت تبديل ڪريو position held (P39) وڪي ڊيٽا تي
عهدو جو مدت
28 آڪٽوبر 1958  – 21 آڪٽوبر 1966 
محمد ايوب کھڙو 
 
عملي زندگي
پيشو سياستدان  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو پيشو (P106) وڪي ڊيٽا تي
مادري ٻولي اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو native language (P103) وڪي ڊيٽا تي
ڪم جي ٻولي اردو  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو languages spoken, written or signed (P1412) وڪي ڊيٽا تي
عسڪري خدمتون
لڙائيون ۽ جنگيون ٻين مھاڀاري جنگ  خاصيت جي حالت تبديل ڪريو conflict (P607) وڪي ڊيٽا تي

محمد ايوب خان 14 مئي 1907 تي صوبي سرحد جي ڳوٺ ريحانه ۾ ڄائو. رايل ملٽري ڪالج انگلستان مان فوجي تعليم حاصل ڪرڻ کان پوءِ فوج ۾ مختلف عهدن تي رهيو. 1951ع ۾ بري فوج جو پهريو پاڪستاني ڪمانڊر انچيف ٿيو. 1954 ۾ محمد علي بوگره کيس وزارت دفاع جو اهم عهدو سونپيو. اسڪندر مرزا جڏهن 1958ع ۾ مارشل لا نافذ ڪئي ته چيف مارشل لا ايڊمنٽريٽر ايوب خان کي ڪيائين ۽ انهن ڏيهن ۾ پرامن فوجي انقلاب زريعي ملڪ جو واڳون سنڀاليون. آڪٽوبر 1959ع ۾ کيس اعليٰ ترين فوجي عهدو فيلڊ مارشل ڏنو ويو. ايوب خان مارچ 1962 ۾ نئون صدارتي آئين نافذ ڪيو. جنوري 1965ع ۾ نئين آئين تحت عام چونڊون ٿيون. ۽ ايوب خان مسلم ليگ جي صدر جي حيثيت سان فاطمه جيڻا کان وڏي اڪثريت سان اليڪشن کٽي. 1965ع واري جنگ ۾ به ايوب خان پاڪستاني فوج جي اڳواڻي ڪئي. 1967ع ۾ سڀني سياسي پارٽين سندس حڪومت خلاف اتحاد ٺاهيو. هڪ وڏي تحريڪ شروع ڪئي وئي ۽ نيٺ 25 مارچ 1969ع تي ايوب خان ملڪ ۾ مارشل لا لڳائي پاڻ استعفيٰ ڏئي ملڪ يحيٰ خان جي حوالي ڪيو. ان کان پوءِ هو گهڻو وقت گهر ۾ ئي گذاريندو هو. هن پنهنجي سوانح عمري انگريزي زبان ۾ لکي جنهن جو اردوءَ ۾ ترجمو ٿي چڪو آهي. ايوب خان 1974ع ۾ دل ٽٽڻ سبب فوت ٿي ويو.

تفصيل[سنواريو]

پاڪستان جو اڳوڻو صدر ۽ فيلڊ مارشل -ايوب خان-. 14 مئي 1907ع تي هزارا جي هڪ ڳوٺ ريحانه جي هڪ وچولي درجي واري فوجي گهراڻي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد مير داد خان رسالدار ميجر هو. ابتدائي -تعليم- ڳوٺ مان حاصل ڪئي. 1922ع ۾ مئٽرڪ ڪرڻ کان پوءِ مسلم يونيورسٽي علي ڳڙهه ۾ داخل ٿيو. جون 1926ع ۾ رايل ملٽري ڪاليج سينٽ هرسٽ مان فوجي تربيت حاصل ڪئي. 1932ع ۾ کيس ڪميشن ملي، پنجاب رجمينٽ ۾ ڪرنل ڪمانڊر رهيو، -ٻي عالمي جنگ- دوران -برما- جي محاذ تي موڪليو ويو، -جتي- پنهنجي دستي جو ڪمانڊر رهيو. 1947ع ۾ کيس ڪرنل جي عهدي تي -ترقي- ملي. -پاڪستان- قائم ٿيڻ کانپوءِ وزيرستان ۾ برگيڊيئر رهيو. ڊسمبر 1948ع ۾ مشرقي -پاڪستان- ۾ ميجر جنرل طور رهيو. 17 -جنوري- 1951ع تي جنرل سر ڊگلس گريسيءَ جي جاءِ تي -پاڪستان- آرميءَ جو پهريون مسلمان ڪمانڊر -ان- چيف مقرر ٿيو. هي پهريون پاڪستاني هو جنهن کي اهو اعزاز مليو هو. -ايوب خان- کي فوج جي سربراهه جو عهدو -ان- ڪري ڏنو ويو هو ته بظاهر هو ڪنهن لابيءَ سان واڳيل نه هو ۽ نه ئي ڪو سياسي مقصد هئس پر -ترقي- ملڻ جي ڪجهه ئي عرصي کان پوءِ -ايوب خان- ملڪ جي سگهاري سياسي شخصيت بڻجي ويو. -ايوب خان- -آمريڪا- کان فوجي ۽ معاشي امداد وٺڻ ۽ عالمي معاملن ۾ -پاڪستان- کي -ان- جو اتحادي بنائڻ لاءِ ذميوار آهي. 1954ع ۾ آرمي چيف ۽ وزير دفاع هئڻ ڪري هي -ان- پوزيشن ۾ هو ته حڪومت جي ڪنهن به فيصلي کي رد ڪري ڇڏي. 1958ع ۾ فيلڊ مارشل جنرل -ايوب خان- ۽ سندس ساٿي جنرلن فيصلو ڪيو ته ”نااهل سياستدانن“ مان ماڻهن جي جان آجي ڪرائجي، سندس دور حڪومت ذاتي ۽ آمراڻي دور طور سڃاڻپ رکي ٿو. -ايوب خان- ملڪ کي معاشي، قانوني، سياسي ۽ آئيني ادارا ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. -ايوب خان- حڪومت ۾ اچڻ شرط بليڪ مارڪيٽنگ اسمگلنگ ۽ ذخيره اندوزي خلاف سخت قدم کنيا. رشوت ۽ بدعنوانين ۾ ملوث آفيسرن خلاف ڪارروايون ڪيون. جنهن سان کيس شروعاتي طور عوام وٽان مڃتا ملي. پنهنجي خلاف سياسي مخالفت کي روڪڻ لاءِ پروڊا لاڳو ڪيو، جنهن موجب هن سياستدانن تي 15 سالن جي لاءِ پابندي وجهي ڇڏي هئي. هڪ ٻيو ”قانون ايبدو“ (Elective Bodies Disqualification Order) پڻ لاڳو ڪيو ويو، جنهن جو مقصد اڳوڻن حاڪم سياستدانن خلاف بدعنوانين ۽ ٻين اهڙن الزامن هيٺ ڪيس هلائڻ هو، پر کين -ان- صورت ۾ معافي ملي پئي سگهي ته هو ايندڙ ستن سالن تائين ڪنهن به قانون ساز اداري جي چونڊن ۾ اميدوار نه هوندا. اٽڪل 7 هزار ماڻهو ايبڊو جي لپيٽ ۾ آيا. اهو قانون محمد ايوب کهڙي تي به لاڳو ڪيو ويو هو. پريس اينڊ پبليڪيشن آرڊيننس لاڳو ڪري پريس تي پابنديون وڌيون ويون. سندس ئي ڏينهن ۾ نئون شهر -اسلام- -آباد- اڏي، ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ڪراچيءَ مان اتي منتقل ڪيو ويو. 1959ع ۾ زرعي سڌارا آندا ۽ قانون لاڳو ڪري زمين جي وڌ ۾ وڌ حد ملڪيت 200 -ايڪڙ- مقرر ڪئي ويئي. جيتوڻيڪ وڏن زميندارن، ڪجهه نوڪر شاهي سان گڏجي ته ڪجهه وري سياسي اثر استعمال ڪندي پنهنجون زمينون بچايون پر پوءِ به اٽڪل 40 لک -ايڪڙ- زمين سرڪار حاصل ڪئي، جنهن مان وڏي ايراضي سنڌ ۾ هئي، بعد ۾ اها زمين گهڻي ڀاڱي سول ۽ فوجي آفيسرن ۾ ورهائي وئي. 1958ع ۾ نام نهاد شريف ڪميشن ذريعي تعليمي پاليسي لاڳو ڪئي وئي، جنهن موجب مادري زبانن خاص ڪري سنڌي زبان جي پڙهائيءَ کي پرائمري تائين محدود ڪيو ويو، جنهن خلاف سنڌي زبان سوسائٽي، سنڌي ادبي سنگت ۽ سنڌ جي محب وطن سياسي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن تحريڪ هلائي، ۽ ايوب رجيم کي مجبور ٿي 14 -آڪٽوبر- 1962ع تي پنهنجو فيصلو واپس وٺڻو پيو ۽ سنڌيءَ جي ذريعه -تعليم- واري اڳوڻي حيثيت بحال ٿي. -ايوب خان- 1959ع ۾ ”بنيادي -جمهوريت- جو نئون سياسي نظام“ لاڳو ڪيو ۽ 1962ع ۾ نئون -آئين- ڏنو، جيڪو صدارتي نظام وارو هو. هن جي وقت ۾ پرڏيهي پاليسي -آمريڪا- جي حامي رهي پر پوءِ به هن چين ۽ سوويت يونين سان ناتا بهتر بنائڻ جي ڪوشش ڪئي. 1960ع ۾ انڊس واٽرس ٽريٽي (سنڌو طاس ٺاهه) عالمي -بئنڪ- ۽ -آمريڪا- جي مدد سان ڪيو ويو، جنهن موجب اولهه وارا ٽي درياهه يعني سنڌو درياهه، جهلم ۽ چناب -پاڪستان- کي ڏنا ويا ۽ -اوڀر- وارا ٽي درياهه راوي، -بياس- ۽ ستلج ڀارت کي ڏنا ويا، جنهن جي بنياد تي اڳتي هلي پاڻيءَ جي معاملي تي پنجاب سنڌ سان زيادتي ڪئي ۽ سنڌ جي اجازت کان سواءِ ڊئم تيار ڪرائي، سنڌوءَ جو -پاڻي- روڪيو ۽ سنڌ کي معاشي طرح تباهه ڪيو. جنهن خلاف سنڌي قوم بنا تميز پارٽيءَ جي وڏي جدوجهد هلائي ڪالاباغ ڊئم رٿا رد ڪرائي آهي. لڳاتار سرحدي چڪرين بعد 1965ع ۾ ڀارت ۽ -پاڪستان جي وچ ۾ ڪشمير جي سرحد ۽ رڻ ڪڇ ۽ -ٿر- وارن علائقن ۾ جنگ لڳي، سوويت يونين -ٽياڪڙي- ڪري 1966ع ۾ ٻنهي ملڪن ۾ صلح ڪرايو، -ايوب خان- ۽ ڀارتي وزيراعظم لال -بهادر- شاستري -تاشقند- ٺاهه تي صحيحون ڪيون. ايوب ڪابينا جي پرڏيهي معاملن واري وزير ذوالفقار علي ڀُٽي -ان- ٺاهه جي مخالفت ڪئي ۽ وزارت -تان- استعيفيٰ ڏيئي ڇڏي. ڀارت سان -جنگ- ۽ -تاشقند- ٺاهه ايوب حڪومت لاءِ فيصلي ڪن موڙ ثابت ٿيو. فيبروري 1966ع ۾ لاهور ۾ مخالف ڌر جي سياسي جماعتن طرفان ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي. هن ڪانفرنس ۾ -اوڀر- -پاڪستان- ۾ حمايت رکندڙ عوامي ليگ ڇهه نڪتا پيش ڪيا. ملڪ جي مختلف شهرن ۾ شاگردن ۽ مزدورن جون تحريڪون شروع ٿيون. 4 مارچ 1967ع تي سنڌ يونيورسٽيءَ جي شاگردن احتجاج ڪيو جنهن ۾ اڳ ئي هلندڙ ون يونٽ ٽوڙ تحريڪ کي وڌيڪ سگهارو ڪري ڇڏيو هو. هن ئي دؤر ۾ مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي مداخلت تي علامه آءِ آءِ قاضي سنڌ يونيورسٽيءَ مان استعيفيٰ ڏني. -ٽڪا خان- پنهنجي ڪنهن عزيز جي ناپاس ٿيڻ تي سنڌ يونيورسٽيءَ مان سنڌيءَ جو مضمون ختم ڪرايو، جنهن خلاف وڏو احتجاج ٿيو. 1968ع ۾ -ايوب خان- حڪومت جي ڏهن سالن جي ڪارڪردگي جو جشن ملهارايو پر اهو جشن فائدي ڏيڻ بدران سياسي طور نقصانڪار ثابت ٿيو. 1969ع ۾ مختلف سياسي جماعتن ڊيموڪريٽڪ ايڪشن ڪميٽي (ڊيڪ) ٺاهي جنهن -جمهوريت- جي بحاليءَ لاءِ تحريڪ هلائڻ جو اعلان ڪيو. -ان- ئي دور ۾ ذوالفقار علي -ڀٽي- پيپلزپارٽي ٺاهي ۽ -انقلاب- جو نعرو ڏنو. هن ملڪ ۾ هڙتال ۽ احتجاج جو سڏ ڏنو. ڪراچي، لاهور، -پشاور-، ڍاڪا ۾ فوج گهرائي ويئي. فيبروري ۾ حڪومت سياسي قيدين کي آزاد ڪرڻ جو اعلان ڪيو ۽ مخالف ڌر کي ڳالهين جي ڪوٺ ڏني. -ايوب خان- نئون -آئين- ڏيڻ ۽ ايندڙ صدارتي چونڊن ۾ اميدوار نه ٿيڻ جو اعلان ڪيو. 25 مارچ 1969ع تي فوج جي سربراهه جنرل -آغا- محمد يحيٰ خان پاڻ کي چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ڪري ملڪ اندر مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏيو. 1962ع وارو -آئين- ختم ڪيو ويو. -ايوب خان- استعيفيٰ ڏني ۽ يحيٰ خان ملڪ جو صدر ٿي ويو. 20 -اپريل- 1974ع تي دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو ۽ پنهنجي اباڻي ڳوٺ ريحانه ۾ مدفون آهي.[9]

حوالا[سنواريو]

  1. 1.0 1.1 Find a Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/memorial/47791286 — subject named as: Muhammed Ayub Khan — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  2. 2.0 2.1 Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Mohammad-Ayub-Khan — subject named as: Mohammad Ayub Khan — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
  3. 3.0 3.1 Brockhaus Enzyklopädie online ID: https://brockhaus.de/ecs/enzy/article/ayub-khan-mohammed — subject named as: Mohammed Ayub Khan — مدیر: Bibliographisches Institut & F. A. Brockhaus۽ Wissen Media Verlag
  4. Proleksis enciklopedija ID: https://proleksis.lzmk.hr/10140 — subject named as: Mohammad Ayub Khan — عنوان : Proleksis enciklopedija
  5. Hrvatska enciklopedija ID: https://www.enciklopedija.hr/Natuknica.aspx?ID=4895 — subject named as: Mohammad Ayub Khan — مصنف: Dalibor Brozović۽ Tomislav Ladan — عنوان : Hrvatska enciklopedija — ناشر: Miroslav Krleža Lexicographical Institute — ISBN 978-953-6036-31-8
  6. Munzinger person ID: https://www.munzinger.de/search/go/document.jsp?id=00000008519 — subject named as: Mohammed Ayub Khan — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
  7. Bibliothèque nationale de France ID: https://catalogue.bnf.fr/ark:/12148/cb125247447 — subject named as: Muhạmmad Ayūb Khān — مصنف: Bibliothèque nationale de France — عنوان : اوپن ڈیٹا پلیٹ فارم — اجازت نامو: Open License
  8. subject named as: Ayub Khan — اخذ شدہ بتاریخ: 25 اپريل 2022
  9. http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=ايوب%20خان