پاڪستان جو وزيراعظم
| وزيراعظم جو اسلامي جمھوريہ پاڪستان وزیر اعظم | |
|---|---|
وزيراعظم پاڪستان جو مخصوص جھنڊو | |
| خطاب جو انداز | ھز ايڪسيلنسي (سفارتي) جناب وزيراعظم (غير رسمي) معزز وزيراعظم (رسمي) |
| رڪن | |
| جوابده | صدر پاڪستان |
| سرڪاري رهائشگاهه | |
| سيٽ | اسلام آباد |
| مقرر ڪندڙ | اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان: by a Convention that is held in the National Assembly, based on appointee's ability to command confidence among the majority of the members. |
| مدتِ عهدي | پنج سال |
| پهريون عهديدار | لياقت علي خان (1947–1951) |
| قيام | 14 آگسٽ 1947 |
| ويب سائيٽ | www.pmo.gov.pk/ |
وزير اعظم پاڪستان (اردو: وزِیرِ اعظم) پاڪستان جي حڪومت جو سربراھ ھوندو آھي ۽ رياست جو چيف ايگزيڪيٽیو آھي.[1][2] وزيراعظم ملڪ جي انتظاميہ جو سربراھ ھوندو آھي، قومي اسيمبلي ۾ سرڪار جي سربراهي ڪندو آهي، گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۽ حڪومتي ڪابينہ جي سربراهي ڪندو آهي.[3][4][5]قوم جو اڳواڻ ھوندو آھي ۽ ملڪ جا سمورا داخلي ۽ خارجي معاملا ان جي ڪنٽرول ۾ ھوندا آھن.[6]
گذريل چونڊيل وزيراعظم نوازشريف ھيو جنھن کي ملڪ جي سپريم ڪورٽ نا اھل قرار ڏئي ڇڏيو.[7] ھن جي جاء شاھد خاقان عباسي ورتي. وزيراعظم کي قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊيندا آهن ۽ اڪثر اھو قومي اسيمبلي ۾ اڪثريتي پارٽي جو سربراھ ھوندو آھي. آئين مطابق انتظامي اختيار وزيراعظم کي ھوندا آھن جيڪو ڪابينہ جوڙي انتظام سنڀاليندو آهي.[2]ملڪ جي فوجي سربراھن جي مقرري ۽ ٻين اھم معاملن ۾ آئين مطابق وزيراعظم صدر جو مکيہ صلاحڪار ھوندو آھي.[8][9] آئين جي ارڙھين ترميم ذريعي وزير اعظم جي عهدي جي اختيارن ۾ سڀني شعبن متعلق چڪاس ۽ توازن آندو ويو.[10] پاڪستان ۾ وزيراعظم جو عھدو سال 1960ع کان 1973ع تائين ۽ وري سال 1977ع کان 1985ع تائين وزيراعظم جو عھدو موجود نہ ھيو انھن عرصن ۾ ملڪ ۾ مارشل لاء جو دؤر پھيو ۽ فوجي ڊڪٽيٽرن ملڪ جي صدر جو عھدو سنڀالي وزيراعظم جا اختيار پاڻ وٽ رکي استعمال ڪيا.[11]
حوالا
[سنواريو]- ↑ Article 90(1) in Chapter 3: The Federal Government, Part III: The Federation of Pakistan in the Constitution of Pakistan.
- 1 2 "Prime minister". BBC News. 16 October 2008. 8 September 2012 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Article 91(1) in Chapter 3: The Federal Government, Part III: The Federation of Pakistan in the Constitution of Pakistan.
- ↑ Article 153(2a)-153(2c) in Chapter 3: Special Provisions, Part V: Relations between Federation and Provinces in the Constitution of Pakistan.
- ↑ Govt. of Pakistan (3 March 2010). "The National Command Authority Act, 2010" (PDF). Islamabad: National Assembly press. National Assembly press. 6 May 2015 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Pakistan Country Study Guide Strategic Information and Developments. Intl Business Pubns USA. 2012. ISBN 1438775253.
{{cite book}}: Explicit use of et al. in:|last1=(مدد) - ↑ Masood, Salman. "Prime Minister Nawaz Sharif of Pakistan Is Ordered Removed". New York Times. 28 July 2017 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Article 243(2)) in Chapter 2: The Armed Forces. Part XII: Miscellaneous in the Constitution of Pakistan.
- ↑ Article 46 in Chapter 1: The President, Part III: The Federation of Pakistan in the Constitution of Pakistan.
- ↑ "Pakistan Supreme Court orders arrest of PM Raja Pervez Ashraf". BBC. 15 January 2013.
- ↑ Singh, R.S.N. (2008). The military factor in Pakistan. New Delhi: Frankfort, IL. ISBN 0981537898.