نصرت ڀٽو
| نصرت ڀٽو | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| موت | |
| وجه موت | اڌ رنگ |
| شھريت | |
| جماعت | |
| بيماري | الزائمر (وڏي عمر جي ماڻهن جي دماغي بيماري) |
| مڙس | ذوالفقار علي ڀٽو |
| ٻار | |
| عملي زندگي | |
| پيشو | |
| مادري ٻولي | اردو |
| ڪم جي ٻولي | اردو |
| ترميم | |
نصرت ڀٽو | |
|---|---|
| فائل:N. Bhutto.jpg | |
| سربراھ پيپلز پارٽي | |
| عهدي ۾ 4 april 1979 – 10 january 1983 | |
| کان اڳ | ذوالفقار علي ڀٽو |
| کان پوءِ | بينظير ڀٽو |
| ذاتي تفصيل | |
| ڄائو | March 23, 1929 اصفھان, ايران |
| سياسي پارٽي | پاڪستان پيپلز پارٽي |
| زال/مڙس | ذوالفقار علي ڀٽو |
| ٻار | بينظير ڀٽو مرتضي' ڀٽو صنم ڀٽو شاھنواز ڀٽو |
| ڌرم | اسلام |
نصرت ڀٽو جي شھرت ذوالفقار علي ڀٽو جي ٻي گھرواري طور آھي۔ ھن جي اولاد بينظير ڀٽو، مرتضي' ڀٽو، شاھنواز ڀٽو، ۽ صنم ڀٽو آھي۔ نصرت ڀٽو نسلاً ايراني صوبي ڪردستان سان تعلق رکي ٿي۔ ڀٽي کي ڦاھي کان بعد پيپلز پارٽي جي سربراھ بہ رھي۔ 1996ع ۾ بينظير جي حڪومتي دور ۾ مرتضٰي جي مارواءِ عدالت قتل کان بعد ذھني توازن وڃائي ويٺي ۽ ان کان بعد مرڻ تائين بينظير جي خاندان سان دبئي ۾ رھي۔ 23 آڪٽبر 2011ع آچر تي دبئي ۾ وفات ڪري وئي۔[1]
سياسي سفر
[سنواريو]بيگم نصرت ڀٽو، ايران جي هڪ نامياري پارسي واپاريءَ، مرزا محمد اصفهانيءَ جي ڌيءُ آهي، سندس والدين پهرين بمبئيءَ ۾ رهندا هئا. بيگم نصرت، جيزز ائنڊ ميري ڪانونٽ مان سينيئر ڪئمبرج پاس ڪئي. 5 سيپٽمبر 1951ع تي نامور سياستدان شهيد ذوالفقار علي ڀٽي سان سندس شادي ٿي. هوءَ گهريلو سوشل خاتون هئي. جنرل ضياءُ الحق هٿان پنهنجي عظيم مڙس ذوالفقار علي ڀُٽي جي گرفتاريءَ کان پوءِ هن عملي سياست ۾ حصو ورتو ۽ خاوند جي گرفتاريءَ خلاف، سپريم ڪورٽ ۾ آئيني پٽيشن داخل ڪئي. اها پٽيشن بيگم نصرت ڀٽو، چيف آف آرمي اسٽاف جي خلاف ڪئي هئي. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي ڦاسيءَ ذريعي شهادت کان پوءِ بيگم نصرت ڀٽو، پيپلز پارٽيءَ جي چيئرپرسن ٿي. ڪيترائي سال پنهنجي گهر ۾ نظربند رهي. 1983ع ۾ يورپ ۾ علاج ڪرائڻ جي اجازت مليس. انهيءَ جلاوطنيءَ واري زماني ۾ سندس ننڍو پٽ شاهنواز ڀٽو فرانس ۾ پراسرار نموني قتل ٿي ويو. نومبر 1987ع ۾، پنهنجي بين الاقوامي شهرت رکندڙ ڌيءَ محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي شاديءَ ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ پاڪستان آئي. بيگم صاحبه، چار دفعا قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊجي چڪي آهي. پهريون دفعو 1977ع ۾ عورتن جي مخصوص سيٽن تان، ان بعد 1988ع ۾ هڪ ئي وقت چترال ۽ لاڙڪاڻي مان، بعد ۾ 1990ع ۽ 1993ع ۾ ٻه دفعا لاڙڪاڻي مان قومي اسيمبليءَ جي ميمبر چونڊي وئي. 1996ع جي چونڊن ۾ مير مرتضيٰ جي قتل، ضعيفيءَ ۽ مستقل بيماريءَ سبب حصو نه ورتائين. پيپلزپارٽيءَ جي چيئرپرسن جو عهدو به پنهنجي ڌيءُ بينظير کي ڏئي، پاڻ گوشه نشين ٿي وئي. بيماريءَ جي حالت ۾ عرب امارات جي گاديءَ واري هنڌ دبئيءَ ۾ رهائش پذير هئي. 23 آڪٽوبر2011 ۾ وفات ڪيائين، کي ڳڙهي خدابخش ۾ ڀٽن جي قبرستان ۾ دفنايو ويو.[2]
- ↑ "Pakistan Peoples Party (Shaheed Bhutto)". web.archive.org. 2012-05-06. 2019-03-14 تي حاصل ڪيل.
- ↑ انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جلد پھريون.[مئل ڳنڍڻو]
- وڪي ڊيٽا سانچو ۾ خرابي
- وڪي ڊيٽا سانچن ۾ غلطي
- وڪي ڊيٽا جي مواد جو استعمال ڪرڻ وارو صفحات
- سبب موت وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- بيماري وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- زندگي ڀائيوار وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- ڪم جي ٻولي وڪي ڊيٽا کان ماخذ
- صفحات جيڪي ڄاڻخانو عهديدار کي اڻڄاتل پيراميٽرن سان استعمال ڪن ٿا
- حوالن وارا ڳنڍڻا نه لڌا سمورن مضمونن ۾
- Articles with dead external links from April 2026
- Articles with invalid date parameter in template
- مستقل نه لڌل حوالن وارا مضمون
- 1929ع جون پيدائشون
- 2011ع جون وفاتون
- پاڪستان پيپلز پارٽي جا سياستدان
- پاڪستاني سياستدان
- پاڪستاني سياسي عورتون
- پاڪستاني عورت سياستدان
- دبئي کان ماڻهو
- ڀٽو خاندان
- ڪراچي جا سياستدان
- ٽٽل فائيل ڳنڍڻن وارا صفحا