پاڪستان جو صدر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

پاڪستان جو صدر وفاق جو سربراھ ھوندو آھي. پارلياماني نظام ۾ ھي غير انتظامي عھدو ھوندو آھي ڇو تہ صدر وزير اعظم جي نصحیت تي عمل ڪرڻ جو پابند ھوندو آھي.

البتہ پاڪستان ۾ فوجي حڪومت جي دور ۾ اڪثر فوج جا سالار پنھنجو پاڻ کي صدر جي عھدي تي فائز ڪندا رھيا جتي ھو وزير اعظم جا انتظامي اختيار بہ پاڻ وٽ رکندا ھيا ڀلي انھن جو پنھنجو مقرر ڪيل وزير اعظم موجود ئي ڇو نہ ھجي. ان جو سڀ کان بُرو مثال پرويز مشرف ھو.

پارليماني نظام ۾ صدر کان اھا توقع ڪئي ويندي آھي تہ ھو سياسي وابستگي کان مٿي ٿي ڪري وفاق جي نمائندگي ڪري ۽ نامزد ٿيڻ کان بعد سياسي جماعتن کان استعفيٰ ڏئي ڇڏي. مثال جي طور تي صدر نامزد ٿيڻ کان بعد فاروق احمد خان لغاري پيپلز پارٽي جي رڪنيت تان استعفيٰ ڏئي ڇڏيو. ٻي طرف آصف علي زرداري صدر ھوندي بہ پيپلز پارٽي جو سربراھ بڻيو رھيو.

فھرست[سنواريو]

پاڪستان جي ٺھڻ کان وٺي ھاڻي تائين صدر جي عھدي تي فائز رھڻ وارين شخصيتن جي فھرست ھيٺ ڏنل آھي

نمبر نالو تصوير قلمدان سنڀاليو قلمدان ڇڏيو سياسي جماعت
1 اسڪندر مرزا 23 مارچ 1956ع 27 آڪٽوبر 1958ع ريپبلڪن پارٽي
2 محمد ايوب خان 27 آڪٽوبر 1958ع 25 مارچ 1969ع عسڪريه پاڪستان
3 يحييٰ خان 25 مارچ 1969ع 20 ڊسمبر 1971ع عسڪريه پاکستان
4 ذوالفقار علي ڀٽو 21 ڊسمبر 1971ع 13 آگسٽ 1973ع پاڪستان پيپلز پارٽي
5 فضل الاھي چوڌري 14 آگست 1973ع 16 سيپٽمبر 1978ع پاڪستان پيپلز پارٽي
6 محمد ضياء الحق فائل:Zia ul haq.jpg 16 سيپٽمبر 1978ع 17 آگسٽ 1988ع عسڪريه پاڪستان
7 غلام اسحاق خان فائل:Ghulam IIshaq Khan.jpg 18 آگسٽ 1988ع 18 جولاءِ 1993ع آزاد
وقتي وسيم سجاد فائل:Wasim sajjad.jpg 18 جولاءِ 1993ع 13 نومبر 1993ع پاڪستان مسلم ليگ ن
8 فاروق احمد خان لغاري فائل:Farooq leghari.jpg 14 نومبر 1993ع 2 ڊسمبر 1997ع پاڪستان پيپلز پارٽي
وقتي وسيم سجاد فائل:Wasim sajjad.jpg 2 ڊسمبر 1997ع 31 ڊسمبر 1997ع پاڪستان مسلم ليگ ن
9 محمد رفيق تارڙ 1 جنوري 1998ع 20 جون 2001ع پاڪستان مسلم ليگ ن
10 پرويز مشرف 21 جون 2001ع 18 آگسٽ 2008ع عسڪريه پاڪستان/پاڪستان مسلم ليگ ق
وقتي محمد میاں سومرو 19 آگسٽ 2008ع 9 سيپٽمبر 2008ع پاڪستان مسلم ليگ ق
11 آصف علي زرداري 10 سيپٽمبر 2008ع 8 سيپٽمبر 2013ع پاڪستان پيپلز پارٽي
12 ممنون حسين 9 سيپٽمبر 2013ع 8 سيپٽمبر 2018ع پاڪستان مسلم ليگ (ن)
13 عارف علوي 9 سيپٽمبر 2018ع پاڪستان تحریڪ انصاف

پڻ ڏسو[سنواريو]

سانچو:حڪومت پاڪستان