غلام مصطفيٰ جتوئي
هي مضمون قابلِ تصديق هجڻ لاءِ وڌيڪ حوالن جي ضرورت رکي ٿو |
Lua error in ماڊيول:Cite at line 25: attempt to call method 'getTitle' (a nil value).
| غلام مصطفيٰ جتوئي | |
|---|---|
| معلومات شخصيت | |
| ڄم | |
| موت | |
| شھريت | |
| جماعت | |
| مناصب | |
| عملي زندگي | |
| مادر علمي | |
| پيشو | سياستدان |
| مادري ٻولي | اردو |
| ڪم جي ٻولي | اردو |
| ترميم | |
غلام مصطفيٰ جتوئي نگران وزيراعظم پاڪستان ۽ سنڌ جو جهونو سياستدان هو.
تعارف
[سنواريو]غلام مصطفيٰ خان جتوئي 14 آگسٽ 1931ع تي ڳوٺ نوان جتوئي ۾ جنم ورتو. سندس ڏاڏو امام بخش خان جتوئي ممبئي ليجسليٽواسمبليءَ جو 1923ع، 1927ع ۽ 1931ع ۾ ٽي ڀيرا رڪن پڻ رهي چڪو ھو. ملڪي سياست ۾ 1952ع ۾ نواب شاھ ضلعي ميونسيپل ڪاميٽيءَ جو نشستمان (چيئرمين) چونڊيو ويو، جڏهن تہ هن پهريون ڀيرو 1965ع ۾ الهندي پاڪستان جي صوبائي اسمبليءَ جي چونڊ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. جتوئي 1969ع ۾ پيپلزپارٽي ۾ شامل ٿيو. 1970ع جي چونڊن ۾ پيپلزپارٽي جي ٽڪيٽ تي قومي اسمبليءَ جو رڪن چونڊيو ويو، 1973ع کان 1977ع تائين سنڌ جو وڏو وزير رهيو، 1983ع جي ايم آر ڊي تحريڪ دوران گرفتار ٿيو، 1985ع ۾ کيس جيل وڃڻو پيو. 1987ع ۾ پ پ پ کي ڇڏي نيشنل پيپلز پارٽيءَ جو بنياد وڌائين. 1988ع ۾ اسلامي جهموري اتحاد جو صدر رهيو، 1991ع ۾ نگران وزير اعظم ٿيو.
تعليم
[سنواريو]غلام مصطفيٰ خان جتوئي ڪراچي گرامر اسڪول مان سينيئر ڪيمريج ڪئي. 1952ع ۾ قانون جي اعليٰ تعليم لاءِ انگلستان ويو، والد جي وفات سبب تعليم اڌوري ڇڏي وطن واپس وريو.
زندگي
[سنواريو]غلام مصطفيٰ خان جتوئي کي پنج پٽ ۽ ٽي نياڻون آهن. جن ۾ مرتضيٰ خان، مسرور خان، طارق مصطفيٰ(وفات)، عارف مصطفيٰ، آصف مصطفيٰ ۽ آهن.
سياست
[سنواريو]غلام مصطفيٰ خان جتوئي نگران وزيراعظم، وزيراعليٰ سنڌ کانسواءِ سياسي معاملا، قدرتي وسيلا، بندرگاهون ۽ جهازراني،ريلوي ۽ مواصلات جي وزير طور ڪم ڪيائين.
خارجي ڳنڍڻا
[سنواريو]| غلام مصطفيٰ خان جتوئي | |
| غلام مصطفيٰ جتوئي | |
حوالا
[سنواريو]- مضمون جيڪي وڌيڪ حوالن جي ضرورت رکن ٿا
- سڀ مضمون جيڪي وڌيڪ حوالن جي ضرورت رکن ٿا
- وڪي ڊيٽا سانچن ۾ غلطي
- وڪي ڊيٽا سانچو ۾ خرابي
- وڪي ڊيٽا جي مواد جو استعمال ڪرڻ وارو صفحات
- ڪم جي ٻولي وڪي ڊيٽا کان ماخذ
- مجيب الرحمان جا لکيل مضمون
- پاڪستاني شخصيتون
- پاڪستان پيپلز پارٽي جا سياستدان
- پاڪستان جا وزير اعظم
- سنڌي سياستدان
- سنڌي شخصيتون
- سنڌ جا وڏا وزير
- ڪيمبرج يونيورسٽي جا اڳوڻا شاگرد
- 1931ع جون پيدائشون
- 2009ع جون فوتگيون
- ٽٽل فائيل ڳنڍڻن وارا صفحا