قومپرستي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

قومپرستي (Nationalism) مان مراد پنھنجي قوم جي لاءِ سياسي، معاشي يا ٻي ڪا جدوجھد آھي.

قوم پرستيءَ جي تحريڪ[سنواريو]

(Movement of Nationalism):قوم ھڪ مخصوص جاگرافيائيحدن ۾ رھڻ وارن انھن ماڻھن کي چئجي ٿو، جن جون رسمون رواج، تھذيب ۽ تمدن، ٻولي ۽ تاريخ ھڪجھڙي ھجي. ھڪ گروھھ يا ٽولو قوم سڏائڻ جي اهل نھ اھي ۽ نھ ئي وري انھن ماڻھن جي ٽولي کي قوم سڏي سگھجي ٿو جيڪي ٻولي، ثقاکت، تھذيب، تمدن ۽ تاريخ بھ ساکي نه رکندا ھجن.قومون اوچتو وجود ۾ نھ اينديون اھن. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ قوم پرستي جو رجحان انتھائي پراڻو اھي. سومرن جي دور جي رزميھ گاھن کان وٺي موجوده دور جي سياسي حالتن تي اسرندڙ ادب قوم پرستيءَ واري تحريڪ جو حصو اھي. قوم پرستيءَ جو لاڙو ملڪي حالتن جي پيداوار ھوندو اھي. سنڌي ادب ۾ ھي لاڙو ’ون يونٽ‘ کان پوءِ ھڪ تحريڪ جي شڪل اختيار ڪري ويو. سنڌ جي شاعرن ۽ اديبن ھڪ منظم تحريڪ شروع ڪئي. جنھن جو مقصد سنڌي ٻولي، سنڌي ادب ۽ سنڌ جي قومي، ثقافتي ورثي جي حفاظت ھو. ھن تحريڪ جي اھم اديبن ۾ محمد ابراھيم جويو، شيخ اياز، عبدالڪريم گدائي، سراج ميمڻ، تنوير عباسي، شمشير الحيدري، ڊاڪٽر نجم عباسي، رسول بخش پليجو، نياز ھمايوني، استاد بخاري، امرجليل، ماھتاب محبوب، امداد حسيني، محمد خان مجيدي، ابراهيم منشي، سرويچ سجاولي، خاڪي جويو ۽ ٻيا ڪيترائي شاعر ۽ اديب اچي وڃن ٿا. ھن تحريڪ ھيٺ جيڪو بھ ادب سرجيو ان ۾ سنڌ ۽ سنڌيت جي پرچار، سنڌ جي استحصالي طبقي تي ڦٽڪار، سنڌ جي سورمن جي تعريف، سنڌي ٻولي سان محبت جو اظھار، سنڌ جي قديم اثارن تي فخر ڪرڻ، ڪلاسيڪل شاعرن جي عظمت جو اظھار، ملڪي سماجي حالتن جي عڪاسي ھن دور جون خاص خوبيون آھن.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ڪتاب: ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي