يحييٰ خان
| يحييٰ خان | |||||||
|---|---|---|---|---|---|---|---|
| معلومات شخصيت | |||||||
| ڄم | |||||||
| موت | |||||||
| مدفن | |||||||
| شھريت | |||||||
| ڌرم | |||||||
| مناصب | |||||||
| | |||||||
| عهدو جو مدت 25 مارچ 1969 – 20 ڊسمبر 1971 | |||||||
|
|||||||
| بچاءُ جو وزير | |||||||
| عهدو جو مدت 5 اپريل 1969 – 20 ڊسمبر 1971 | |||||||
|
|||||||
| وزير خارجه | |||||||
| عهدو جو مدت 5 اپريل 1969 – 20 ڊسمبر 1971 | |||||||
|
|||||||
| عملي زندگي | |||||||
| مادر علمي | پنجاب یونیورسٽي | ||||||
| پيشو | سفير ،سياستدان | ||||||
| مادري ٻولي | اردو | ||||||
| ڪم جي ٻولي | اردو | ||||||
| عسڪري خدمتون | |||||||
| عهدو | |||||||
| لڙائيون ۽ جنگيون | |||||||
| ترميم | |||||||
پاڪستان جو اڳوڻو ڪمانڊر ان چيف آغا محمد يحييٰ خان، 1917ع ۾ ڄائو. هن 1938ع ۾ فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. مختلف عهدن تي رهڻ کان پوءِ کيس اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۾ انسٽرڪٽر مقرر ڪيو ويو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سندس ڪئريئر جنرل محمد ايوب خان جي عملي سرپرستيءَ ۾ تيزيءَ سان ترقي ڪندو رهيو، تان جو 1957ع ۾ کيس ميجر جنرل جي عهدي سان گڏ چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو به ڏنو ويو. آڪٽوبر 1958ع ۾ ايوبي مارشل لا جو مُک مُهرو به هيءُ ئي هو. جنوري 1959ع ۾ صدر ايوب خان ڪراچيءَ جي ناسازگار حالتن کي ڏسندي نئين گاديءَ جي هنڌ بنائڻ لاءِ هڪ ڪميشن ٺاهي ۽ يحييٰ خان اُن جو چيئرمئن ٿيو، جنهن راولپنڊيءَ سان لاڳو هڪ علائقي کي "اسلام آباد" جو نالو ڏئي گاديءَ جي هنڌ لاءِ چونڊيو ۽ ان شهر جي انتظام کي هلائڻ لاءِ هڪ مستقل ادارو ڪئپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي (C.D.A) جي نالي سان وجود ۾ آيو، جنهن جو پهريون چيئرمئن به يحييٰ خان هو.
سيٽمبر 1965ع جي جنگ ۾ کيس "هلال جرات" جو اعزاز ڏئي، پوءِ سيپٽمبر 1966ع ۾ جنرل موسيٰ جي جاءِ تي پاڪستاني فوج جو ڪمانڊر۔ان۔چيف بنايو ويو. اڍائي سالن کان پوءِ جڏهن 1968ع ۾ ايوب خان جي خلاف ملڪ جي هر حصي ۾ مظاهرا شروع ٿيا ته يحييٰ خان، ايوب خان کي صدارتي عهدي کان الڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ پاڻ صدر مملڪت ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر بنجي ويهي رهيو. سندس سنڌ سان نسبت جو وڏو حوالو اهو آهي ته 1 جولاءِ 1971ع تي ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان به يحييٰ خان ڪيو هو. جنهن بعد سنڌ ايوبي دور کان پوءِ هڪ ڀيرو وري پاڪستان ۽ دنيا جي نقشي تي نمودار ٿي.
هن جي دؤر ۾ ملڪ جون حالتون تمام خراب ٿي ويون. 16 ڊسمبر 1971ع تي اوڀر پاڪستان بنگلاديش بنجي ويو. هڪ پاسي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ ٻئي طرف شيخ مجيب الرحمان ليڊر ٿيا. صورتحال نازڪ ٿي وڃڻ سبب يحييٰ خان کي استعيفا ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو. 20 ڊسمبر 1971ع تي جنرل يحييٰ خان صدارت ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي عهدن تان استعيفا ڏني ۽ اهي ٻئي عهدا ذوالفقار علي ڀٽي صاحب سنڀاليا. 8 جنوري 1972ع تي يحييٰ خان کي نظربند ڪري، سندس خواهش تي کيس لنڊن روانو ڪيو ويو. 9 آگسٽ 1980ع تي وفات ڪري ويو.[1]