يحييٰ خان
يحييٰ خان | |||||||
---|---|---|---|---|---|---|---|
(اردو ۾: آغا محمد یحیی خان) | |||||||
![]() | |||||||
معلومات شخصيت | |||||||
ڄم | 4 فيبروري 1917[1][2][3][4] چڪوال | ||||||
موت | 10 آگسٽ 1980 (63 سال)[1][2][3] راولپنڊي | ||||||
مدفن | پشاور | ||||||
شھريت | ![]() ![]() | ||||||
مناصب | |||||||
![]() |
|||||||
عهدو جو مدت 25 مارچ 1969 – 20 ڊسمبر 1971 | |||||||
|
|||||||
بچاءُ جو وزير (پاڪستان) | |||||||
عهدو جو مدت 5 اپريل 1969 – 20 ڊسمبر 1971 | |||||||
|
|||||||
وزير خارجه | |||||||
عهدو جو مدت 5 اپريل 1969 – 20 ڊسمبر 1971 | |||||||
|
|||||||
عملي زندگي | |||||||
پيشو | سفير،سياستدان | ||||||
مادري ٻولي | اردو | ||||||
ڪم جي ٻولي | اردو | ||||||
عسڪري خدمتون | |||||||
عهدو | جنرل آفيسر | ||||||
لڙائيون ۽ جنگيون | ٻين مھاڀاري جنگ | ||||||
ترميم ![]() |
-پاڪستان- جو اڳوڻو ڪمانڊر ان چيف آغا محمد يحييٰ خان، 1917ع ۾ ڄائو. هن 1938ع ۾ فوج ۾ ڪميشن حاصل ڪئي. مختلف عهدن تي رهڻ کان پوءِ کيس اسٽاف ڪاليج ڪوئيٽا ۾ انسٽرڪٽر مقرر ڪيو ويو.
پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ سندس ڪئريئر جنرل محمد -ايوب خان- جي عملي سرپرستيءَ ۾ تيزيءَ سان -ترقي- ڪندو رهيو، -تان- جو 1957ع ۾ کيس ميجر جنرل جي عهدي سان گڏ چيف آف آرمي اسٽاف جو عهدو به ڏنو ويو. -آڪٽوبر- 1958ع ۾ ايوبي مارشل لا جو مُک مُهرو به هيءُ ئي هو. -جنوري- 1959ع ۾ صدر -ايوب خان- ڪراچيءَ جي ناسازگار حالتن کي ڏسندي نئين گاديءَ جي هنڌ بنائڻ لاءِ هڪ ڪميشن ٺاهي ۽ يحييٰ خان اُن جو چيئرمئن ٿيو، جنهن راولپنڊيءَ سان لاڳو هڪ علائقي کي ’-اسلام- -آباد-‘ جو نالو ڏئي گاديءَ جي هنڌ لاءِ چونڊيو ۽ -ان- شهر جي انتظام کي هلائڻ لاءِ هڪ مستقل ادارو ’ڪئپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي‘ (C.D.A) جي نالي سان وجود ۾ آيو، جنهن جو پهريون چيئرمئن به يحييٰ خان هو.
سيٽمبر 1965ع جي -جنگ- ۾ کيس ’هلال جرات‘ جو اعزاز ڏئي، پوءِ سيپٽمبر 1966ع ۾ جنرل موسيٰ جي جاءِ تي پاڪستاني فوج جو ڪمانڊر -ان- چيف بنايو ويو. اڍائي سالن کان پوءِ جڏهن 1968ع ۾ -ايوب خان- جي خلاف ملڪ جي هر حصي ۾ مظاهرا شروع ٿيا ته يحييٰ خان، -ايوب خان- کي صدارتي عهدي کان الڳ ٿيڻ تي مجبور ڪيو ۽ پاڻ صدر مملڪت ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر بنجي ويهي رهيو. سندس سنڌ سان نسبت جو وڏو حوالو اهو آهي ته 1 -جولاءِ- 1971ع تي ون يونٽ ٽوڙڻ جو اعلان به يحييٰ خان ڪيو هو. جنهن بعد سنڌ ايوبي دور کان پوءِ هڪ ڀيرو وري -پاڪستان- ۽ دنيا جي نقشي تي نمودار ٿي.
هن جي دؤر ۾ ملڪ جون حالتون تمام خراب ٿي ويون. 16 ڊسمبر 1971ع تي -اوڀر- -پاڪستان- -بنگلاديش- بنجي ويو. هڪ پاسي ذوالفقار علي ڀٽو ۽ٻئي طرف شيخ مجيب الرحمان ليڊر ٿيا. صورتحال نازڪ ٿي وڃڻ سبب يحييٰ خان کي استعيفا ڏيڻ تي مجبور ڪيو ويو. 20 ڊسمبر 1971ع تي جنرل يحييٰ خان صدارت ۽ چيف مارشل لا ائڊمنسٽريٽر جي عهدن -تان- استعيفا ڏني ۽ اهي ٻئي عهدا ذوالفقار علي -ڀٽي- صاحب سنڀاليا. 8 -جنوري- 1972ع تي يحييٰ خان کي نظربند ڪري، سندس خواهش تي کيس لنڊن روانو ڪيو ويو. 9 -آگسٽ- 1980ع تي وفات ڪري ويو.[5]
- ↑ 1.0 1.1 Encyclopædia Britannica Online ID: https://www.britannica.com/biography/Agha-Mohammad-Yahya-Khan — subject named as: Yahya Khan — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017 — عنوان : Encyclopædia Britannica
- ↑ 2.0 2.1 SNAC ARK ID: https://snaccooperative.org/ark:/99166/w66471bm — subject named as: Yahya Khan — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ 3.0 3.1 Find a Grave memorial ID: https://www.findagrave.com/memorial/48002962 — subject named as: Agha Muhammed Yahya Khan — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ Munzinger person ID: https://www.munzinger.de/search/go/document.jsp?id=00000012314 — subject named as: Aga Muhammad Jahja Khan — اخذ شدہ بتاریخ: 9 آڪٽوبر 2017
- ↑ http://encyclopediasindhiana.org/article.php?Dflt=آغا%20محمد%20يحييٰ%20خان
- مضمون جن ۾ لاطيني ٻولي جو متن شامل آھي
- 1917ع جون پيدائشون
- 4 فيبروري جون پیدائشون
- صفحات مع وڪي ڊيٽا حوالو
- وڪي ڊيٽا جي مواد جو استعمال ڪرڻ وارو صفحات
- 1980ع جون وفاتون
- 10 آگسٽ جون پیدائشون
- تاريخ انتها وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- پيشرو وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- جانشين وڪي ڊيٽا مان اخذ ٿيل
- ڪم جي ٻولي وڪي ڊيٽا کان ماخذ
- عسڪري عهدو وڪي ڊيٽا کان ماخذ
- 1980ع جون فوتگيون
- پاڪستاني جنرل
- شخصيتون