مورڙو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

مورڙو ۽ مانگرمڇ (انگريزي ٻولي: Moriro) هڪ شخصي ويرتا ۽ ايجاد ڪيل هنر واري ڪهاڻي آهي،[1] جنهن ۾ هڪ سامونڊري راڪشس واڳون (مانگرمڇ) کي ڪهاڻي جو ويرُ مورڙو ماڇي (مڇي پڪڙيندڙ) لوھ جي پڃري وسيلي سمنڊ ۾ اونهي ٽُپي هڻي ماريندو آهي.[2][3] سندس ڇھ ڀائرن کي هڪ هڪ ڪري وڏي مانگرمڇ ڳهي ڇڏيو هو، تن کي واپس آڻڻ لاءِ مورڙو سمنڊ ۾ اندر ويو.[4]

تاريخ[سنواريو]

مورڙي ميربحر جو داستان راجا دلوراءِ جي دور حڪومت سان لاڳاپيل هڪ داستان آهي،[3] دلوراءِ جو دور عربن جي دور جي آخر ۽ سومرن جي راڄ جي شروع واري دور ۾ اَٽڪل پنجين صدي هجريءَ جي وچ واري زماني ۾ ٿي گذريو آهي.[5]

مختصر اَحوال[سنواريو]

پُراڻن سُٺن ڏينهنَ ۾، ڪلاچي جي نالو سان هڪ ماڇين (ملاحن) جو ڳوٺ هيو.[2] ڳوٺاڻن جي گُذرسفر جو اڪيلو وسيلو مڇي پڪڙڻ هيو، هو پنهنجيون ٻيڙيون قطار ۾ ڪاهي سمنڊ ۾ مڇي پڪڙڻ لاءِ ويندا هيا. مقامي جاءِ (جنهن کي هاڻي ڪلفٽن سڏيو ويندو آهي) وٽ هڪ هاڃِيڪار ڪُنُ (ڪلاچي جو ڪُنُ) هيو، جتي ٻيڙيون ويجهو اچڻ سان اهو ڪُنُ انهين کي اندر اونهائي ۾ ٻُڌي وينديون هيون. هڪ ڀيري هڪ وهيل مڇي ان ڪُنَ ۾ پنهنجو ٺڪاڻو ڪيو ۽ اُن ڪُن ۾ ٻُڏي ويندڙ ٻيڙين جي سوارن کي ڳِهي ويندي هئي. ڪلاچي کان 60 ميل پَري ملاحن جو هڪ ٻيو ڳوٺ سونمياڻي جي نالي سان هيو.[2] اُنهيءَ ڳوٺ ۾ هڪ همراهه اوڀايو رهندو هيو. هن کي سَت پُٽَ هيا، جيڪي سڀئي هڏڪاٺ ۾ هٺيلا ۽ سُٺي نموني پليل هيا، پر انهن کي ڇڏي ڪري اوڀايو جو هڪ ننڍو پُٽ مورڙو معذور هيو، تهنڪري سندس ٻيا ڀائر کيس مڇي پڪڙڻ لاءِ پاڻ سان گڏ نه وٺِي ويندا هيا. مورڙو جا سمورا ڇهه ڀائر سانجهي سوير مڇي پڪڙڻ لاءِ ويندا هيا ۽ سج لهڻ کانپوءِ واپس موٽي ايندا هيا. هڪڙي ڏينهن هو گهر واپس موٽي نه آيا، جنهنڪري ڳوٺاڻن کي ڳڻتي وَرائي وئي. هو انهن جي ڳولها ڪرڻ لاءِ ويا ۽ ڏٺائون ته اُنهن جون ٻيڙيون ڪُن ۾ ٻُڏي ويون هيون ۽ وهيل مڇيءَ انهن ڀائرن کي ڳِهي ڇڏيو هيو. مورڙو، پنهنجي ڀائرن جي دردناڪ موت بابت ٻُڌي، جيتوڻيڪ مورڙو معذور هوندي به بدلو وٺڻ ۽ آفتناڪ راڪش کان ڳوٺاڻن کي آجپو ڏيارڻ جو پڪو پَهه ڪيو. هن هڪ لوهه جو پڃرو ٺاهيو، جهن ۾ چُهنبدار سيخون وِڌائين ۽ انهن کي مضبوط پِڪي رسيءَ سان ٻَڌي ڇڏيائين. ٻن هٺِيلن ڍڳن (ڏاندن) جي ڳچيءَ سان پُختا ٻَڌائين. هيءُ پاڻ ان پڃري ۾ اندر ويهي رهيو ۽ پڃري کي ڪُن ۾ لاٿيو ويو. هن ڳوٺاڻن کي ٻُڌايو ته جڏهن هي اندران رسن کي لوڏي ته پڃري کي ٻاهر ڇڪيو وڃي. جيئن ئي پڃري کي هيٺ لاٿو ويو، مڇي پنهنجو شڪار ڏسي ان کي ڳهڻ لاءِ جهپٽي پئي. مڇي پڃري ۾ چهنبدار هُڪَ ۾ سوگهي ٿي پئي. مورڙي رسيءَ کي لوڏا ڏنا ۽ قاتل واڳون سميت پڃرو ٻاهر ڪڍيو ويو. ڳوٺاڻن واڳون جو پيٽ چيري سمورن مئل ڀائرن جا لاش ٻاهر ڪڍيا انهن کي ڪلاچي جي اُتر اوڀر ۾ جبل جي مٽيءَ ۾ پوريائون. جنهن کانپوءِ مورڙو پنهنجو باقي سمورو جيون پنهنجي ڀائرن جي قبرن جو رکوالو بڻجي گُذاريو. اڄ تائين ان هنڌ کي مورڙو جو قبرستان سڏيو ويندو آهي. جيڪو هاڻوڪي ڪراچي شهر کان ٻه ميل پري هندن جي ميدان ڀرسان آهي.

مورڙو جو ورثو[سنواريو]

سنڌ جي وڏي صوفي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي پنهنجي خيالي جهلڪي وسيلي داستان ۽ روحانيت کي کولي سمجهائڻ لاءِ ان آکاڻي کي ڪم آندو آهي.

شاهه جو رسالو سر سريراڳ ۾ شاھ ھن سنسار کي مھراڻ سان ڀيٽي ٿو، جنهن ۾ سنسار جا ڊپ ۽ خطرا بيان ڪيل آهن، انسان کي خدا جي طلب جي ھدايت ڪيل آھي. انسان جي اندر ۾ لکيل موتي موجود آھن، تن جو ڪوبه انت ناهي. مختلف قسم جا روحاني راز منجھس لڪيل آھن. پر انھيءَ ڪن ۾ ھڪ ھيبتناڪ مانگر مڇ پڻ وات ڦاڙيو ويٺو آھي، ڪن ۾ جيئن ئي ڪو گھڙيو، ته ان کي ڳڙڪايو ڇڏي ٿو. مانگر مڇ مان مُراد نفس آهي، جيڪا ڪڏھن به راضي ناهي ٿيندي. ماڻهو ڪيترا به مال دولت گڏ ڪري پوءِ به نفس هئول ڪري چِئي ٿي ته ”آڻ اڃا آڻ.“ انهيءَ لحاظ کان روميءَ هن ريت اشارو ڪري ٿو، مثنويءَ ۾ چيل آھي: ترجمو ”اي ٻچا! جي نفس جي صورت ڏسڻي اٿئي، ته ست دري دوزخ جو قصو وڃي پڙھ، پل پل نئون نئون مڪر پيو ڪري، ۽ ھر ھڪ مڪر سان سوھا فرعون جماعتن سميت غرق ڪيو ڇڏي.“ جهڙِي ريت سمونڊر جي مانگرمڇ کي مارڻ لاءِ رواجي ڄاريون ۽ ڪُنڍِيون ڪنھن به ڪم جون ناھن، تيئن نفس جھڙيءَ رپ کي نگونسار ڪرڻ لاءِ به ڇَڙو رواجي روزا ۽ نمازون ڪارگر ناهين. نفس کي نھوڙڻ لاءِ زبردست سالڪن ۽ رياضتن جي ضرورت آھي. جيڪو انسان اھڙا اپاءَ وٺي ٿو، سو مورڙي وانگر مڇ جھڙي نفس کي ناس ڪري، سدائين سک ماڻي ٿو

حوالا[سنواريو]

  1. "Sindhi Adabi Board Online Library (Folk_Litrature)". www.sindhiadabiboard.org. حاصل ڪيل 2020-03-02. 
  2. 2.0 2.1 2.2 "ڪو جو قهر ڪلاچ ۾ - مورڙو ميربحر ۽ سندس قصو". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-03-02. 
  3. 3.0 3.1 "ڪتاب: مورڙو ۽ مانگر مڇ – سنڌي ادبي بورڊ". حاصل ڪيل 2020-03-02. 
  4. Popular Folk Stories: Morirro ain mangarmachh – Dr.Nabi Bux Khan Baloach – Sindhi Adabi Board. Hyderabad,Sindh, Pakistan. 1967. 
  5. "مورڙو ۽ مانگر مڇ". SindhSalamat. حاصل ڪيل 2020-03-02. 

ٻاهريان ڳنڍڻا[سنواريو]