سورٺ راءِ ڏياچ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سنڌ ۾ راءِ ڏياچ (راءُ دَياس) ۽ سورٺ (Sorathh) جو قصو مشهور آهي.[1] اهو راءِ ڏياچ (Raai Ddhiyaach)، جو سن 1010ع ۾ پنهنجو سونهارو سر ڏيئي، ڪاٺياواڙ (Kaathhyawaarr) جي تاريخ جا ورق پنهنجي رت سان رڱي ويو، سو سنڌ جي چوُڙا سما راجپوتن مان هو. اهڙن لاڳاپن ڪري سنڌي ٻولي ايڏاهين چالو ٿي، جا اڄ تائين ڪاٺياواڙ جي اتر واري ڀاڱي ۾ ڳالهائڻ ۾ اچي ٿي ۽ ’ڪڇڪي‘ سنڌيءَ جي هڪ ننڍي شاخ ليکجي ٿي. انهيءَ پاسي ڪڇڪي سنڌي اَڻلکي طرح ڦرندي ڦرندي گجراتي ٻوليءَ (Gujiraati) جي اُپڀاشائن سان وڃي گڏي آهي. انهيءَ مان سمجهجي ٿو، ته گجرات ۽ سنڌ جي ٻوليءَ جي وچ ۾ ڪا ٻي ٻولي به چالو هئي، جنهن انهن ٻنهي کي پاڻ ۾ ڳنڍيو ٿي. [2]

اهي به روايتون مشھور آهن ته راجا راءِ ڏياچ جهوناڳڙھ تي راڄ ڪندو هو، ۽ ٻيجل راء ڏياچ جو ڀاڻيجو هو ۔ ٻيجل لاءِ اڳڪٿي هئي ته هو راجا راءِ ڏياچ جو سر وٺندو، تنهنڪري ان کي صندوق ۾ وجهي درياه ۾ لوڙھيائون، اها صندوق راجا انيراءِ جي پرڳڻي ۾ هڪ چارڻ کي ملي ۽ ٻيجل کي ان پاليو ۔ ٻيجل سڪل آنڊن مان تندن جو سريلو ساز ٺاهيو هيو.

سورٺ ، راجا انيراءِ / راء کنگهار جي ڌيء ھئي، تنهن کي به صندوق ۾ وجهي لوڙھيائون جيڪا راءِ ڏياچ جي پرڳڻي ۾ رتني ڪنڀر کي ملي ۽ تنهن سورٺ کي پاليو، سورٺ جي سونھن جي هاڪ هئي، راجا انيراءِ وساري ويٺو ته سورٺ سندس ڌيءَ آھي، تنهن کي حاصل ڪرڻ لاء رِٿ جوڙيائين. ان ڳالھ تان راءِ ڏياچ کي ڪاوڙ وئي ۽ سورٺ کي پاڻ وٽ حفاظت ۾ رکيائين.

راء ڏياچ سخي هو، سندس سخاوت جي هاڪ هئي، ان لاء راء کنگهار، ٻيجل کي لالچ ۽ لوڀ ڏئي راءِ ڏياچ جي سر وٺڻ لاء روانو ڪيو ويو۔[3] سورٺ جي سڀني حيلن هلائڻ جي باوجود ٻيجل نه مڙيو ۽ ٻيجل جي سريلي ساز تي راء ڏياچ سر ڏنو. پوءِ ته راجا انيراءِ به ٻيجل تي ڪاوڙيو، هوڏانهن سورٺ کي باھ ۾ پاڻ کي ساڙيو، پوء ٻيجل به پڇتايو ساڳي باھ ۾ پاڻ اڇلايائين۔


سورٺ مئي سک ٿيو، خيما هنيا کنگهار ،
ٿيو راڳ ، روپ سو، لڳي تند تنوار ،
سو ڍٽين پٽين پار، پسو! راجا راضي ٿيو.

پڻ ڏسو[سنواريو]

حوالا[سنواريو]