سهڻي ميهار

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
Jump to navigation ڳولا ڏانهن هلو

سهڻي ميهار
معلومات شخصيت

سھڻيسنڌيءَ ۾ سهڻيءَ جو مطلب آهي خوبصورت ڇوڪري يا عورت. ”سهڻي“ ميهار قصي جي مرڪزي ڪردار، جيڪا شاهه جي رسالي جي سورمي به آهي. سهڻي ميهار جو قصو بنيادي طور پنجاب سان تعلق رکي ٿو. پر شاهه لطيف هن داستان کي مرڪزي ڪري ڇڏيو آهي. [1].

شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي رسالي جا لازوال عشقيه داستان سهڻي ميهار (Sohni Mehaar) جون مزارون سنڌ جي تاريخي شهر شهدادپور ۾ آهن. سهڻي جي مزار شهدادپور شاهپورچاڪر روڊ تي ايڊيشن سيشن جج شهدادپور جي ڪورٽ سامهون ويندڙ گهٽي ۾ آهي. هي علائقو سهڻي پاڙو سڏجي ٿو، محبتي ميهار جي مزار ڊپٽي گلي ويجهو، سيد الهه اوڀايو شاهه جي پاڙي ۾ هڪ بند گهٽي ۾ آهي. سهڻي جي مزار جي ته ساڃاهه وند ڌرين کي ڄاڻ آهي پر محبتي ميهار جي مزار بابت ٻاهر جي ته تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي پر شهدادپور جي شهر جي 60 سيڪڙو ماڻهن خاص طور نوجوان نسل کي خبر نه آهي ته مزار ڪٿي آهي. لطيف سائين جي سر سهڻي جي اها به خاصيت آهي ته اهو سر ڳايو وڃي ٿو. 1980ع کان اڳ سنڌ جي ڪجهه اديبن ۽ ساڃاهه وند ڌرين کانسواءِ باقي ماڻهن جي ذهن ۾ اهو هو ته سهڻي ميهار گجرات جا آهن. ليڪن 1980ع کانپوءِ سنڌ جي تاريخدانن، ليکڪن خاص طور لطيف جي رسالي جي پارکن تحقيقات ڪري اهو ثابت ڪيو ته لطيف سائين جي رسالي ۾ آيل سهڻي ميهار گجرات ”پنجاب“ جي نه پر سنڌ جي آهي ۽ عشق محبت جا ٻئي لازوال ڪردار شهدادپور ۾ مدفون آهن. ان حوالي سان پروفيسر محمد خان ٻرڙو، مرحوم عبدالله ورياهه ۽ ٻين ليکڪن جي ڪيل تحقيق قابل تعريف آهي. جڏهن ته پهريون دفعو 1981ع ۾ ان وقت جي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد ايوب ٻانڀڻ ساڃاهه وند ڌرين سان گڏ سهڻي ميهار تي ميلو لڳرايو. ٽي روزه ميلي ۾ ملاکڙو، سگهڙن جي ڪچهري، ادبي ڪانفرنس، مشاعرو، راڳ رهاڻ جي محفل کانسواءِ ماڻهن جي تفريح لاءِ مٺائي، مينارڪي، رانديڪن جا دڪان، هوٽل ۽ شو لائيٽ لڳايو ويو. ادبي ڪانفرنس مشاعري ۾ مشهور اديب، شاعرن سهڻي ميهار تي تحقيقي مقالا پڙهيا. ميلي جي ميڊيا ڪوريج بعد سنڌ جي عام ماڻهن جي ذهن ۾ سوال اڀريو ته سهڻي ميهار گجرات ”پنجاب“ جي آهي؟ يا شهدادپور سنڌ جي؟ ۽ سهڻي ميهار تي سڄي سنڌ مان ساڃاهه وند ڌريون، ادب ٿقافت سان دلچسپي رکندڙ ماڻهو هتي سندن مزارن تي اچڻ لڳا. محمد ايوب ٻانڀڻ هڪ ٻه ميلا ڪرايا بعد ۾ ميلا نه لڳايا، وري اسسٽنٽ ڪمشنر شهدادپور حاجي محمد ابراهيم ميمڻ، ان بعد اسسٽنٽ ڪمشنر محمد عثمان منگي به ميلو لڳرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ميلو نه لڳرائي سگهيو ۽ هن سهڻي ميهار ادبي ثقافتي پروگرام نالي تي هڪ شاندار پروگرام ڪرايو، ان بعد سهڻي ميهار تي نه ميلو لڳو نه ڪو پروگرام  ٿيو. پنجاب جي شهر گجرات واري سوهني، ميهوال جو قصو ڪهاڻي الڳ آهي، جنهن کي پنجاب جي ڪيترن ئي شاعرن ڳايو آهي، ليڪن لطيف جي رسالي ۾ آيل ۽ سنڌ جي ڪيترن ئي آڳاٽي زماني جي شاعرن ڳايو آهي، اهي ڪردار سنڌ جي شهدادپور واري علائقي جا آهن. پنجاب جي سوهني مهينوال جو قصو سنڌ جي سهڻي ميهار جي قصي جي تقريبن هڪجهڙائي آهي، ليڪن ٻنهي جي ماڳ مڪانن ۾ فرق آهي ۽ قصي ۾ به ٿورو فرق آهي. پنجاب جي گجرات شهرواري سوهني مهيوال چناب درياءَ ۾ ٻڏي هئي، سنڌ واري سهڻي ميهار سنڌو درياءَ جنهن کي مهراڻ به سڏيو وڃي ٿو، ان مان نڪرندڙ لهاڻو جنهن کي سنڌو دريا جي ڦاٽ به چيو ويندو هو ان ۾ ٻڏي هئي، ان جي شاهدي ڀلاري ڀٽ ڌني پنهنجي رسالي ۾ هن ريت به ڏني آهي:

گهڙيا سي چڙهيا ائين اٿئي،
مئي مٿي مهراڻ ۾ پئو ٽپو ڏئي،
ته ميهار ملئي، سنڀورو سڻاءُ سين.

هي لوهاڻو درياءَ سڪرنڊ وٽان نڪري شهدادپور کان ٿيندو بدين ضلع ۾ سمنڊ تي وڃي ڇوڙ ڪندو هو. هن مان ٻه واهه نڪرندا هئا. وقت جي حالتن ڪري ۽ روهڙي ڪئنال نڪرڻ بعد لهاڻو درياءَ سڪي ويو ۽ هاڻ لٽجي ويو اهي. سندس نشان باقي وڃي بچيا آهن، هاڻ هن کي مارک واهه يا ڀڏو سڏيو وڃي ٿو ۽ هن علائقي ۾ جتان سهڻي ٻڏي هئي ۽ جتان سندس لاش هٿ ڪيو ويو. ان کي سهڻي ڍورو سڏيو وڃي ٿو. 2011ع وارين برساتن ۾ آيل تباهي بعد سابق وفاقي ڪابينه سهڻي ڍوري جي بحالي جو اعلان ڪيو هو، يعني لهاڻو درياهه کي اصل حالت ۾ آڻڻ جي اسڪيم منظور ڪئي وئي، ڪافي دفعا ان وقت جي صدر آصف علي زرداري ۽ ٻين وفاقي وزيرن به جڏهن به اسڪيم کي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ليڪن اڃا تائين ان تي عمل نه ڪيو ويو آهي.

سنڌ جي سهڻي جا مائٽ غريب مزدور طبقي جا هئا، گجرات واري سهڻي جا مائٽ ڪنڀارڪو ڌنڌو ڪرڻ سان گڏ مالوند ماڻهو هئا. شهدادپور واري سهڻي ذات جي ساميٽي هئي، جيڪا سنڌ جي سماٽ جي ذات آهي، ميهار جو نالو ساهڙ هو، لطيف جي شاعري ۾ ڄام ساهڙ به آيو آهي. ڄام ڪنهن عزت دار ۽ وڏي ماڻهو جو لقب به آهي ۽ ميهار خود مالوند خوشحال ماڻهو هو، سندس لهاڻو درياءَ جي ڪنڌي تي مختلف هنڌن تي مال جا وٿاڻ هئا، سندس چوپايو مال سندس ملازم چاريندا ۽ سار سنڀال ڪندا هئا. ساهڙ ڄام ”ميهار“ فقط نگراني ڪندو هو، سهڻي جي جڏهن شادي ٿي ته ميهار جي وٿاڻ وٽ ڄڃ ٻيڙي جي اچڻ جو انتظار ڪرڻ لڳي.

ريتن رستمن موجب گهوٽ ڪنوار جي کير پيارڻ واري رسم لاءِ ميهار کان کير گهريو، پر ميهار وٽ چئن يارن بزرگن جو اوٻاريل کير هو جيڪو هنن کي ڏنو ۽ اهو کير جڏهن سهڻي پيتو ته انهن لمحن ۾ سهڻي جو ميهار سان پيار ٿي ويو، ليڪن سهڻي ميهار تي تحقيق ڪندڙ مشهور ليکڪ پروفيسر محمد خان ٻرڙو سهڻي ميهار بابت پنهنجي هڪ مقالي ۾ لکي ٿو ته سهڻي جڏهن چئن يارن ”چئن بزرگن“ جو اوباريل کير پيتو ته مٿس نينهن جي کيپ چڙهي ميهار کي الاهي عشق جو وسيلو سمجهي ميهار سان ملڻ ويندي هئي ۽ هنن جي پاڪ محبت هئي، پروفيسر محمد خان ٻرڙو هن قصي کي 7 هجري صديءَ جي اوائلي دور جو ڄاڻايو آهي ۽ سهڻي لهاڻو درياءَ ۾ ئي تري ويندي هئي ۽ اُن ۾ ئي ٻڏي مئي هئي، ان جي لطيف سائين هن بيت ۾ تصديق ڪري ٿو:

محبتي ميهار جون، دل اندر دونهيون،
آڻيو وجهي اُرَ ۾، لوهاڻو لُوهيون،
جي ساهڙ جون سونهيون، سير سراڙي تن کي.

گجرات پنجاب واري سوهني مهينوال ۾ مهينوال جونالو عزت بيگ هو، روايتون آهن ته پاڻ بخارا جو سوداگر هو، گجرات ۾ واپار لاءِ آيل هو، جتي هن سوهني جي حسن جو چرچو ٻڌي جڏهن سوهني کي ڏٺو ته سوهني مهينوال هڪٻئي تي عاشق ٿي پيا. ٻنهي کي عشق اري مان ڪڍي ڇڏيو. عزت بيگ واپار ڇڏي هر وقت سوهني جي ديدار لاءِ آتو هو، سندس ذهن تي صرف سهڻي سوار هئي، اهڙي صورت ۾ سندس هڙ ۾ جيڪي پئسا هئا اهي ختم ٿي ويا، جڏهن صفا سڃو ٿي ويو ته سوهني جي مائٽن وٽ نوڪر طور ڪم ڪيو ۽ انهن جا چناب درياءَ جي ٻي ڌر چوپايو مال چاريندو هو ۽ رات جو روزانو سوهني سان ملڻ لاءِ درياءَ تري گجرات ويندو هو. اوچتو بيمار ٿي پيو ۽ ڪمزور ٿيڻ ڪري هن ۾ درياءَ ترڻ جي سگهه نه رهي ته اهڙي صورتحال ۾ سوهني پنهنجي محبتي مهينوال سان ملڻ لاءِ دلوَ ٻڌي درياءَ پار ڪري هن سان اچي ملندي هئي، هڪ رات درياءَ ۾ ٻڏڻ لڳي ۽ دانهون ڪيون، اهي دانهون ٻڌي مهينوال به درياءَ ۾ گهڙي پيو ۽ سوهني کي بچائڻ جي ڪوشش ڪندي پاڻ به سهڻي سان گڏ ٻڏي ويو، سندن مزارون گجرات ۾ آهن. سنڌ جي سهڻي جي مڙس جو نالو ڏ مُ هو جيڪو سندس ئي ذات وارو هو ۽ سهڻي جو ميهار سان ملڻ جو راز جڏهن سندس سس وٽ کليو ته هن سهڻي کي روڪيو، سختي ڪئي پر جڏهن سهڻي نه مڙي ته جنهن گهڙي تي سهڻي درياءَ پار ويندي هئي، اهو گهڙو لڪائي اتي اهڙو ئي اڌ پڪو ڪچو گهڙو رکي ڇڏيو ۽ جڏهن اهو گهڙو کڻي سهڻي درياءَ ۾ ڪاهي پئي ۽ ٿوري اڳتي وئي ته اهو گهڙو ڳرڻ لڳو ۽ سهڻي ٻڏڻ لڳي ته ميهار کي سڏ ڪرڻ لڳي، پر ميهار جي پهچڻ کان اڳ سهڻي ٻڏي وئي، روايتون آهن ته سندس لاش ٽن ڏينهن بعد شهدادپور وٽان لهاڻو جي ڪناري مليو، جتي ميهار کيس دفنايو ۽ جيستائين حياتي هو، مجاور ٿي ويٺو، پروفيسر محمد خان ٻرڙو ۽ عبدالله ورياهه موجب ميهار ملدسي ويجهو سون چڙي دڙي مان پاڏي تي سرون کڻي سهڻي جي قبر پڪي ڪرائي.

سهڻي ميهار جا ماڳ نيو سعيد آباد جي ديهه ڪاڪا وٽ روهڙي ڪئنال وٽ به ٻڌايا وڃن ٿا، اتي پير ڇٽو، جنهن کي شاهه ڇٽو به چون ٿا ان جي مزار به اتي آهي، روايتون آهن ته شاهه ڇٽو آڌي کانپوءِ تهجد پڙهندو هو ته سهڻي ميهار سان ملڻ لاءِ سندس اڳيان گذرندي هئي ته هو کيس ميهار سان ملڻ کان روڪيندو هو، جڏهن ته ملدسي ويجهو شهدادپور ملدسي روڊ تي به ميهارڪو ڀڙو هو، جيڪو 1990ع تائين ڪيترن ئي ايڪڙن ۾ پکڙيل هو. جتان چاڏيون مٽ ۽ سڪا به هٿ ايندا هئا. زماني جي ستم ظريفي ڪري اهو تاريخي ماڳ ميسارجي ويو هاڻ اتي زرعي آبادي ٿئي ٿي،ان حصي کي اڄ به ميهارڪو  لمبر سڏيو وڃي ٿو.

مائي سهڻي جي خوبصورت مزار شهدادپور جي مشهور سماجي شخصيت حاجي محمد ابراهيم ڏيٿو 1981ع ۾ ٺهرائي، جڏهن ته ميهار جي مزار مدد علي شاهه ٺهرائي، جيڪو شهدادپور تعلقي جو مختيارڪار ٿي آيو هو، سهڻي جي مزار وٽ وڏو قبرستان مائي سهڻي جي قبرستان نالي سان مشهرو آهي. 1980ع تائين سهڻي ڏانهن ايندڙ رستو ايترو ويڪرو هو جو ٻه گاڏيون هڪ ئي وقت گڏ هلي سگهيون پئي ۽ مزار سامهون وسيع ميدان هو، ليڪن آهستي آهستي لينڊ مافيه قبضو ڪندي 2 ايڪڙ کان وڌيڪ زمين تي قبضو ڪري بلڊنگون ٺاهي ڇڏيون آهن ۽ سهڻي جي مزار سامهون جيڪو ٿورو حصو بچيل آهي، اتي مال جا وٿاڻ ٺاهي ڇڏيا آهن، ساڳي صورتحال محبتي ميهار جي مزار سان آهي، جتي به آسپاس ۾ لينڊ مافيه قبضه ڪري گهر ٺاهي ڇڏيا آهن. جڏهن ته سهڻي ۽ ميهار جون مزارون ڏينهون ڏينهن ضعيف حالت ۾ ٿينديون وڃن، هنن مزارن تي لينڊ مافيه جي قبضن ۽ مزارن جي خراب حالت بابت ڪافي وقت کان ميڊيا تي مسلسل رپورٽون اچڻ جي باوجود ضلعي انتظاميه ۽ ثقافت کاتو ڪوبه توجهه نه ٿو ڏي.  ثقافتي ماڳ مڪانن کي بچائڻ انهن کي بهتر حالت ۾ رکڻ ثقافت کاتي جي آثار قديم وارن جي ذميواري آهي، جيڪا اڃا تائين پوري نه ڪري سگهيا آهن، هئڻ ته ايئن گهرجي ته ثقافت کاتو حڪومت سنڌ کي هر سال سهڻي ميهار جو ميلو لڳائڻ گهرجي ۽ ان موقعي تي ادبي ثقافتي ڪانفرنس پڻ منعقد ڪئي وڃي. سنڌ جي سابقه صوبائي وزير ثقافت ميڊم سسئي پليجو ڪيترائي ڀيرا اهڙا اعلان به ڪيا ته لطيف سائين جي رسالي ۾ آيل ڪردارن جي ماڳ مڪانن جو تحفظ ڪيو ويندو ۽ انهن کي بهتر بنايو ويندو، ليڪن 5 سالن ۾ پاڻ سهڻي ميهار جي مزارن تي لڙي به نه آئي اسين سياحت ثقافت کاتو حڪومت سنڌ جي وزير سيد سردار علي شاه مان اميد ٿا رکون ته صرف سهڻي ميهار جي مزارن جي سار سنڀال لهندو پر ادبي ثقافتي ميلو به لڳرايندو.

حوالا[سنواريو]

  1. .ڪتاب:ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛مرتب: مختيار احمد ملاح؛پبلشر:سنڌ لئنگئيج اٿارٽي