مواد ڏانھن هلو

وتايو فقير

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وتايو فقير، سنڌ جو مشھور مزاحيہ بزرگ.

وتائي فقير جي چوڪنڊي ٽنڊوالهيار، سنڌ، پاڪستان ۾

احوال

[سنواريو]

وتائي فقير بابت ھونئن ته گھڻيون ئي روايتون آھن پر جيڪا معلومات مستند لڳي ٿي اھا ھن ريت آھي ته ھو نصرپور جي لڳ ھڪ ڳوٺ جو واھڻائي واڻيو ھو، ننڍپڻ کان پنھنجي سوچ سمجھ سادي سودي ھيس، اڪثر پنھنجي سڃاڻ ۽ پنھنجي مالڪ جي سڃاڻ ۾ محو رھندو ھو. زندگي جي ڪنھن موڙ تي پھنجو ڌرم ڇڏي دين ڏانھن لاڙو رکيائين، پھرين پاڻ ۽ پوءِ سڄو گھراڻو شيخ ٿيو. سندس قبر ۽ درگاھ ٽنڊي الھيار ڀر سان قُبي اسٽاپ لڳ آھي.

ڪن جو ھي به چوڻ آھي ته وتايو فقير پنھنجي وقت جو سياڻو ماڻھو ھو، بلڪه ڪي ته ايئن به چوندا آھن ته سياڻي سنڌ سياڻو ماڻھو ھڪ ئي پيدا ڪيو اھو ھو وتايو. ڏاھا ڏيھ ۾ گھڻا پر سياڻو لکن ۾ ھڪڙو. ڏاھي جي ڏاھپ جو دارومدار آھي ڏاھ تي، يعني ٻڌ سڌ يا خبرچار تي، پر سياڻو ماڻھو ان کي چون جنھن کي اندر جو سوجھرو ھجي ۽ سڃاڻ ھجي. ان ڏس ۾ ڄمندي ڄام ھو. وتايو فقير سر بچاءُ ۾ چريو ٿي عمر گذاريائين. ايئن به ھرو ڀرو صحيح نه ھو جيئن چيو ٿي ويو ته ڪا ڪل ٿڙي ھيس يا متيون ڏيندي لوڪ کي چريو پاڻ ٿيو ھو، بلڪل نه وتايو ھرگز اھڙو اياڻو نه ھو، البت چريائي جي اوٽ ۾ ٻين کي متيون ڏيندو ھو.

وتائي فقير جي حوالي سان ڪجهه روايتن ۾ اهو به ڄاڻايل آهي ته وتائي جي پيءُ جو نالو ميلهورام هو ۽ سندس اصل نالو وتڻ مل هو، جو پوءِ وتو مل سڏجڻ ۾ آيو. ساڳئي سمي عمرڪوٽ ويجهو مهراڻي درياهه تي رنگريز ۽ کنڀاٽين جا ڪيترائي پاڙا رهندا هئا. جن سان ميلهورام پڻ کنڀاٽي هئڻ ڪري گڏجي ڪم ڪندو هو. اُهي بگ، چُنيون، پيٽيون، اَجرڪون، دمچيون ۽ پڙا وغيره رڱي وڪڻي گذران ڪندا هئا ۽ اهو سامان مسلمان ئي هنڊائيندا ۽ اوڍيندا هئا. پري پري تائين سندن ڪم جو ناماچار هوندو هو. اوچتو اهڙو ڦيرو آيو جو سندن ڌنڌو ماٺو ٿي ويو. ڏڪار پيو ۽ اوائلي اپت ۾ ڪَتر پوڻ لڳي. پوءِ رڱاوت جو ڪم ڪندڙ کتري ٽڙي پکڙي ويا پر ميلهو رام خيال ڪيو ته اسان ڪاڻ اگهاماڻو شهر بهتر ٿيندو. اتي مسلمان گهڻا ٿا رهن ۽ بندر هئڻ سبب مال جو اُڪلاءُ ٿيندو رهندو. ڇو ته هتان جو ڏيساور سان واپار هلي ٿو. پوءِ هو ڪٽنب سميت لڏي اگهاماڻي ويو.

وتائي جا ڪجهه مشھور ڀوڳ

[سنواريو]

وتايو دنيا جي انھن عظيم ھستين مان ھڪ ھو جيڪي انسان ذات لاءِ ھادي ۽ استاد ٿي آيا، جن آدمين کي اخلاص، اخلاق ۽ انسانيت جي سکيا ۽ ساڃاھ ڏني، ماڻھن کي پاڻ ۾ پريت ونڊڻ ۽ ڌرتيءَ جو ناتو نڀائڻ جو سبق ڏنو. وتايو دنيا جي اھڙن فليسوف ۽ مفڪر انسانن مان ھڪ ھو، جن پنھنجي سموري عمر قدرت جي اسرار پروڙڻ ۽ سندس ڳجھارتن جي تحقيق ۾ سيڙائي، جيئن انسانيت جي اڳتي ھلي ذھني سڌار ۽ سنوار ٿي سگھي. وقت جي انھن آکاڻين پٺيان ڏاھپ ۽ سياڻپ جا نڪتا سمايل آھن، جن مان ڪجهه ھيٺ ڏجن ٿا:

وتائي وارو اڳ وٺڻ

[سنواريو]

ھڪ ڏينھن ماڻھن کي ھي ڏسي حيرت ٿي ته صبح سويل کان وتايو مقام جي لنگھ تي ڌرڻو ماري ويٺو رھيو ۽ مقام ڏانھن ايندڙ جنازن جي پڇا پئي ڪيائين، ڪن ماڻھن کانئس پڇيو ته وتايا! خير ته آھي فجر کان مقام جو در ورتو اٿئي؟ وراڻي ڏنائين ته رات ڪو شاھينگ جُتي تڳائي ويو آھي ۽ چور جي اڳ وٺڻ لاءِ ھت ويٺو آھيان، اڳي پوءِ ايندو ضرور ھتي، ويندو ڪيڏانھن؟

دوزخ ۾ باھ ڪٿي؟

[سنواريو]

ھڪ ڏينھن وتائي پنھنجي امڙکي چيو ته ”امڙ بک لڳي اٿم، ماني کارائين ته چڱو!“ تنھن تي ماڻس وراڻيس ته ابا گھر ۾ باھ ڪونھي ڪٿان پاڙي مان ٽانڊو کڻي اچين ته ماني پچائي ڏيان. وتايو اوڙو پاڙو گھمي آيو پر ڪٿان به ٽانڊو ڪونه مليس ۽ ماءُ کي چيائين ته امان وڃان ٿو دوزخ مان باھ کڻڻ. جھٽ پلڪ بعد کلندو ٽپا ڏيندو گھر ڏانھن موٽيو ۽ ماءُ پڇين ته ابا ٽانڊو مليو؟ جواب ڏنائين ته: ”امڙنه، دوزخ ويس ته اتي وارا فرشتا مونتي کلڻ لڳا ته ھتي باھ ڪٿي، الله پاڪ ڪو بٺيءَ وارو يا نانوائي ته نه آھي جو باھ جا کورا يا بٺا ٻاري ويھي پنھنجي مخلوق کي شيخ ڪباب جيان پچائي، ھتي ھر ڪو پنھنجي آڳ جي ڪوٽا پاڻ سان گڏ کنيو ايندو آھي، جا باھ ھر انسان لوڀ، لالچ، حسد، بغض، ۽ نفرت جي روپ ۾ پاڻ وٽ جمع ڪندو ٿو رھي، ھتي اچي ھر ماڻھو پنھنجي گڏ ڪيل باھ جي پونجي ۾ پاڻ پڄرندو ٿو رھي.

مھماني ڪپڙن جي!

[سنواريو]

ھڪ دفعي وتايو وڃي شھر جي ھڪ وڏي دعوت ۾ شريڪ ٿيو، جتي ماڻھن ويٺي خيرات کاڌي، سندس ڦاٽل پراڻا ڪپڙا ڏسي ماڻھن کيس لوڌي ڪڍيو. وتايو گھران پنھنجي ڀاءُ جا نوان ڪپڙا پيتي مان ڪڍي پائي وري ساڳي دعوت ۾ اچي شامل ٿيو. ماڻھن سمجھيو ته ڪو معزز مھمان وارد ٿيو آھي، ھڪدم سندس ھٿ ڌوئاري، دسترخوان وڇائي، ٻوڙ پلاءُ آڻي آڏو رکيائونس. بجاءِ طعام نوش ڪرڻ جي وتايو ٻوڙ پلاءُ جا چمچا ڀري پنھنجن ڪپڙن مٿان ھاريندو رھيو ۽ ڪپڙن کي مخاطب ٿي چوندو رھيو ته ”ھي مھماني اوھان جي آھي، کائو ۽ خوب کائو، مونکي ته اڳ ۾ لتون ھڻي ٻاھر اماڻيو ھئائون.“

حوالا

[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]