وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي
ڏيک
وڪيپيڊيا ۾ ڇا توھان کي خبر آهي صفحا هي مواد رڪارڊ آهي، جيڪو مُک صفحي تي ڇا توھان ڄاڻو ٿا ڀاڱي ۾ شامل ڪيا ويا هئا. ڇا توهان ڄاڻو ٿا ۾ نوان مضمون، پراڻا بهتر ڪيل ڪچا مضمون يا بهترين مضمون مان ڪو دلچسپ ٽڪرو کڻي سگھجي ٿو. اوهان به ڪنهن مضمون مان ڪو حصو ڏيڻ لاءِ بحث صفحي تي لکو. موبائيل کان سواءِ اسان جي ويب سائيٽ ۾ کاٻي پاسي کان مضمون جي مٿان، تاري جي نشان () مان مراد ڇا توھان کي خبر آهي صفحن جي تصديق هوندو آهي. موبائيل ۾ اهو تارو نظر نه اچي ته اوهان "ميزڀر" کي ٺِڙِڪ (ڪِلڪ) ڪري، ڇا توھان کي خبر آهي صفحن هجڻ بابت ڄاڻي سگھو ٿا. |
اوزار ڇا توھان کي خبر آهي:
|
فهرست
ڇا توھان کي خبر آھي...؟ سال 2024ع
- ... ته عورتن کي پهريون دفعو ووٽ جو حق 1893ع تي نيوزيلينڊ ۾ ڏنو ويو، اهو حق آمريڪا ۾ 1920ع ۽ سعودي عرب ۾ 2011ع تي ڏنو ويو.
- ... ته انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي جو بنياد 1989ع تي پيو. ڪمپيوٽر سينٽر ۽ الڳ الڳ قسمن جي لغتن کان سواءِ هتي سنڌي ٻولي جا اسڪول پڻ هلايا وڃن ٿا.
- ... ته ڪنهن ڪتاب يا ادبي تصنيف جي شروع ۾ لکيل مضمون کي پيش لفظ چئبو آهي. پيش لفظ اڪثر ليکڪ کان سواءِ ڪو ٻيو ڪتاب جي باري ۾ لکندو آهي.
- ... ته 1937ع وارين سنڌ جي صوبائي چونڊ ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي 22 سيٽون کڻي اڪثريتي پارٽي بڻي، تنهن باوجود سنڌ جي گورنر اقليتي تنظيم سنڌ مسلم پوليٽڪل پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني.
- ... ته انڊس اسڪرپٽ فونٽ آسڪو پرپولا جي پي ايڇ ڊي ٿيسز، جي بنياد تي ٺاهيل ڪمپيوٽر فنٽس جو نالو آهي، جيڪي شبير ڪنڀار ۽ امر فياض ٻرڙي جوڙيا.
- ... تہ چچ نامي جو اصل ليکڪ علي ڪوفي ناھي؟ ھن صرف نامعلوم لکيڪ پاران لکيل عربي ڪتاب جو فارسي ترجمو ڪيو ھو.
- ... تہ ڪن تاريخدانن مطابق سما حڪمران ڄام راءَ ڏنو ۽ ڄام سنجر هڪ ئي ماڻهو جا ٻہ نالا آهن.
- ... تہ ڌرتيءَ جي اندرين حصي جي گرمي پد 7000 ڊگريون سيلسيئس آهي.
- ... تہ رومن ڪيٿولڪ چرچ، سينٽ ميري سکر 1885ع ۾ تعمير ٿيو۔
- ... تہ جيتل سنڌ جي ھڪ قديمي سڪي جو نالو آھي، جيڪو ٽڪي کان ننڍو ھيو.
- ... تہ طاغوت قرآن ۾ استعمال ٿيل ھڪ لفظ آهي جنھن جو ذڪر سورة البقرة ۽ سورة النساء ۾ ٿيل آهي. ان جي لغوي معنيٰ آهي ھر اھو شخص جيڪو پنھنجي جائز حد اورانگھي چڪو ھجي.
- ... تہ هنگلاج ماتا (تصوير) ھڪ ھندو مندر آھي جنھن کي مسلمان امان هنگلاج يا ناني هنگلاج ڪري سڏيندا آهن.
- ... تہ سنڌي ڀيلي هڪ هند-آريائي ٻولي آھي جيڪا پاڪستاني صوبي سنڌ ۽ بلوچستان جي ڪجهہ حصن ۾ ڳالهائي وڃي ٿي.
- ... تہ مَٽيارين جو موتُ ويندي... چوڻي ھڪ فتوا سبب مشھور ٿي، جنھن ۾ چيل ھو تہ ڪو هندو ”ادا“، ”ڀائو“ وغيرہ چوي تہ ان کي زوري مسلمان ڪيو وڃي.
- ... تہ ٿر ۾ 18ھين صدي جي آخر ۾ مھا ڏُڪار آيو، جنھن کي ڇپنو ڏڪار چيو ويندو آھي.
- ... تہ ماتا ترپتا ھندو ڌرم سان تعلق رکندي ھئي ۽ بعد ۾ مذھب تبديل ڪري سک ٿي، سک ازم جو باني سندس پٽ گرو نانڪ (تصوير) ھو.
- ... تہ انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا جو آخري ڇپيل ايڊيشن 32 جلدن ۽ 32،640 صفحن تي ٻَڌل آهي.
- ... تہ دنيا جي سڀني پوڄائن مان لنگ جي پوچا جو رواج نهايت قديم آهي.
- ... تہ حر ڪئمپ جوهي جيڪو اٽڪل ويهارو کن ايڪڙن تي پکڙيل آهي ھتي حرن کي ڪٽنبن سميت قيد ڪيو ويندو ھو، ان لاءِ ھن کي حرن جو لوڙهو بہ چيو ويندو آهي.
- ... تہ هيرا (تصوير) قديم يوناني مذهب ۽ ڏندڪٿائن ۾ پرڻي، زال، ٻارڄمڻ، ۽ ڪُٽنب جي ديوي ھئي.
- ... تہ ذمي ھڪ تاريخي لفظ آهي جيڪو اسلامي رياست ۾ انھن غيرمسلم ماڻھن لاء استعمال ٿيندو ھو جن جي حفاظت جي ذميداري رياست جي مٿان ھوندي ھئي.
- ... تہ پاڪستان جي آئين جي شق 6 مطابق ڪو بہ شخص آئين کي غير آئيني طريقي سان ختم ڪري يا ان جي ڪوشش ڪري تہ وڏي بغاوت جو ڏوهاري ٿيندو.
- ... تہ خانبهادر جو لقب برطانوي راڄ دوران احترام خاطر ھندوستان جي مسلمانن کي ڏنو ويندو ھو، جڏھن تہ ھندن کي راءِ بھادر جو لقب ملندو ھو.
- ... تہ عورتن جو ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ مردن جي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان ٻہ سال اڳ شروع ٿيو ھو؟
- ... تہ قديم يوناني رياستن ۾ عالمن جو هڪ اهڙو گروهہ بہ ھو جيڪو معاوضي عيوض سياست، فن تقرير ۽ منجهيل معاملن تي سکيا ڏيندو هو. اهڙن پگهاردار عالمن کي سوفسطائي چيو ويندو هو؟
- ... تہ نورواهہ ميان نورمحمد ڪلهوڙي کڻايو هو، جنهن تان مٿس نورواھہ نالو پيو.
- ... تہ سنڌي ٻوليءَ جي پهرين فلم جو نالو ايڪتا هو، هيءَ فلم 1934ع ڌاري ٺهڻ شروع ٿي ۽ 1942ع ۾ مڪمل ٿي.
- ... تہ سوفيءَ جي دنيا ناروي ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪامندڙ ناول آهي. هن ناول جو انگريزي ترجمو 1995ع ۾ شايع ٿيو، ان سال هي انگريزي جو وڌيڪ وڪامندڙ ڪتاب پڻ ثابت ٿيو.
- ... تہ پوتر رومي سلطنت ذريعي ڪوشش ڪئي وئي، تہ سڀني مسيحي ملڪن کي مذهبي جذبي تحت ملائي هڪ ئي رياست قائم ڪئي وڃي.
- ... تہ لوھاڻڪو اسڪرپٽ سنڌي ٻوليءَ جو قديم رسم الخط هو، جنھن کي ٺٽي ۽ برھمڻ آباد ۾ لوھاڻا استعمال ڪندا ھئا.
- ... تہ سکر لئنسڊائون پل (تصوير) جو خاڪو جان جيڪب ٺاھيو ھو جيئن سکر ۽ روهڙيءَ کي گڏائي سگهجي.
- ... تہ سنڌ ۾ ٽپال پهچائيندڙ گهوڙي يا اُٺ کي اولاڪ سڏيو ويندو ھو، ۽ اھي ھر چئن ڪوهن تي بدلبا هئا.
- ... تہ ٺيڙھي ڪوس کي سنڌ ۾ شيعن مٿان ٿيندڙ پھرين حملي طور ڏٺو وڃي ٿو، جنھن ۾ 118 ماڻھن کي قتل ڪيو ويو ھو.
- ... تہ ايمپيڊوڪليز (تصوير) جي نظريي مطابق ھر شئي چار پاڙن، مٽي، ھوا، پاڻي ۽ باھ جي ٺھيل آھي.
- ... تہ علم عروض شاعري ۾ موسيقي آڌارڻ جو جو علم آهي، جنھن جو باني خليل بن احمد عروضي ھو.
- ... تہ حيدرآباد جي شاهي بازار 17 هين صديءَ ۾ ڪلهوڙن جي دور ۾ قائم ٿي. مٿس نالو شاهي دروازي جي سامهون هئڻ ڪري پيو هو.
- ... تہ ڪارو ڪڇو گينگ ڏواھارين جي منظم گروھن کي چيو ويندو آهي، جيڪي هندوستاني پنجاب ۾ ڪارا ڪڇا يا پوليس جون ورديون پائيندا آھن ۽ پنھنجي جسم تي گريس مليندا آھن.
- ... تہ آمنه جروار سڀ کان ننڍي عمر ۾ شاهه جي رسالي کي حفظ ڪيو.
- ... تہ هو جمالو لوڪ گيتن ۾ پهريون گيت آهي جنهن تي دنيا جي 120 ملڪن جا ماڻهو ناچ ڪري چڪا آهن.
- ... تہ قبرس جو 59 سيڪڙو حصو ريپبلڪ آف قبرص جي قبضي ۾ آھي، جڏھن تہ 36 سيڪڙو حصو ترڪ جمھوريہ جي قبضي هيٺ ۽ چار سيڪڙو علائقو گڏيل قومن جي عالمي اداري جي قبضي ھيٺ آھي.
- ... تہ ڪراچي جي چڙيا گهر کي ڪنهن زماني ۾ گانڌي گارڊن چيو ويندو هو.
- ... تہ چانهون جو دڙو موهن جي دڙو ۽ هڙپا کان بہ وڌيڪ قديم شھر آھي.
- ... تہ جنت السنڌ، سنڌ جي تاريخ تي لکيل واحد ڪتاب آهي جنهن ۾ قديم زماني کان وٺي برطانوي راڄ تائين سڀني دورن جو احوال هڪ جاءِ ملي ٿو.
- ... تہ ڪرھو اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جو لوڪ گيت آهي جنھن کي اوٺي سفر دؤران ڏاڍي درديلي نموني ڳائيندا آهن.
- ... تہ دور جاھليت ۾ اھل عرب لات جي پوڄا ڪندا ھئا، جيڪو ھن وقت سعودي عرب جي شھر طائف ۾ رکيل آھي.
- ... تہ سکر ۾ 1895ع ۽ 1915ع ۾ طاعون جي وبا پکيڙي جنھن سبب ھزارين ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا.
- ... تہ ويلو ناچيار کي تامل ماڻھو سورهيه عورت جي لقب سان ياد ڪن ٿا، ھي پھرين راڻي ھئي جنھن برطانوي راڄ خلاف مزاحمت ڪئي.
- ... تہ تاريخ معصومي مير محمد معصوم بکريءَ جو فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب آهي، جنھن کي سنڌ بابت لکيل فارسي تاريخن مان هڪ آڳاٽو ۽ جهونو ڪتاب تصور ڪيو ويندو آهي.
- ... تہ ڄام انڙ فيروزالدين سنڌ ۾ سمن جي حڪومت جو باني ھيو.
- ... تہ شاھہ جي رسالي کي ارنيسٽ ٽرمپ (تصوير) سڀ کان پهرئين جرمني کان 1886ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو ھو.
- ... تہ سکر ريل حادثي سبب 307 مسافر فوت ٿيا ۽ ان کي پاڪستان ريلويز جي تاريخ جو خطرناڪ حادثو قرار ڏنو ويندو آھي.
- ... تہ پنجاب قتل عام ۾ سک علحدگي پسندن ريل بيھاري 80 کان 126 تائين ماڻھن کي قتل ڪري ڇڏيو.
- ... تہ تاريخ معصومي مير محمد معصوم بکريءَ جو فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب آهي، جنھن کي سنڌ بابت لکيل فارسي تاريخن مان هڪ آڳاٽو ۽ جهونو ڪتاب تصور ڪيو ويندو آهي.
وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 37
- ... تہ ڪرھو اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جو لوڪ گيت آهي جنھن کي اوٺي سفر دؤران ڏاڍي درديلي نموني ڳائيندا آهن.
- ... تہ دور جاھليت ۾ اھل عرب لات جي پوڄا ڪندا ھئا، جيڪو ھن وقت سعودي عرب جي شھر طائف ۾ رکيل آھي.
- ... تہ سکر ۾ 1895ع ۽ 1915ع ۾ طاعون جي وبا پکيڙي جنھن سبب ھزارين ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا.
- ... تہ ويلو ناچيار کي تامل ماڻھو سورهيه عورت جي لقب سان ياد ڪن ٿا، ھي پھرين راڻي ھئي جنھن برطانوي راڄ خلاف مزاحمت ڪئي.
- ... تہ تاريخ معصومي مير محمد معصوم بکريءَ جو فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب آهي، جنھن کي سنڌ بابت لکيل فارسي تاريخن مان هڪ آڳاٽو ۽ جهونو ڪتاب تصور ڪيو ويندو آهي.
- ... ته عورتن کي پهريون دفعو ووٽ جو حق 1893ع تي نيوزيلينڊ ۾ ڏنو ويو، اهو حق آمريڪا ۾ 1920ع ۽ سعودي عرب ۾ 2011ع تي ڏنو ويو.
- ... ته انڊين انسٽيٽيوٽ آف سنڌولاجي جو بنياد 1989ع تي پيو. ڪمپيوٽر سينٽر ۽ الڳ الڳ قسمن جي لغتن کان سواءِ هتي سنڌي ٻولي جا اسڪول پڻ هلايا وڃن ٿا.
- ... ته ڪنهن ڪتاب يا ادبي تصنيف جي شروع ۾ لکيل مضمون کي پيش لفظ چئبو آهي. پيش لفظ اڪثر ليکڪ کان سواءِ ڪو ٻيو ڪتاب جي باري ۾ لکندو آهي.
- ... ته 1937ع وارين سنڌ جي صوبائي چونڊ ۾ سنڌ يونائيٽڊ پارٽي 22 سيٽون کڻي اڪثريتي پارٽي بڻي، تنهن باوجود سنڌ جي گورنر اقليتي تنظيم سنڌ مسلم پوليٽڪل پارٽي کي حڪومت ٺاهڻ جي دعوت ڏني.
- ... ته انڊس اسڪرپٽ فونٽ آسڪو پرپولا جي پي ايڇ ڊي ٿيسز، جي بنياد تي ٺاهيل ڪمپيوٽر فنٽس جو نالو آهي، جيڪي شبير ڪنڀار ۽ امر فياض ٻرڙي جوڙيا.
- ... تہ چچ نامي جو اصل ليکڪ علي ڪوفي ناھي؟ ھن صرف نامعلوم لکيڪ پاران لکيل عربي ڪتاب جو فارسي ترجمو ڪيو ھو.
- ... تہ ڪن تاريخدانن مطابق سما حڪمران ڄام راءَ ڏنو ۽ ڄام سنجر هڪ ئي ماڻهو جا ٻہ نالا آهن.
- ... تہ شاهه جو رسالو کي ارنيسٽ ٽرمف سڀ کان پهرئين جرمني کان 1886ع ۾ ڇپايو هيو.
- ... تہ سنڌي ٻولي ۾ صبح جي ناشتي کي "نيرن"، منجهند جي ماني کي "مانجهاندو" ۽ سومهڻي مهل ڊنر کي "رات جي ماني" سڏبو آهي.؟
- ... تہ دنيا جي پنجاھ حسين ترين عورتن ۾ شمار ٿيندڙ آمريڪي اداڪارا، ماڊل ۽ پيشڪار شيرون ووني اسٽون کي ´گولڊن گلوب ايوارڊ` ۽ ´اڪيڊمي ايوارڊ` ۽ 1995ع ۾ ´وومين ائنڊ فلم ڪرسٽل ايوارڊ مليو.
- ... تہ سنڌ جي جي آڳاٽي سنڌو سلطنت تي عربن جي حملي کان اڳ برهمڻ گهراڻي جي حڪومت هئي ۽ ان گهراڻي جا حڪمران راجا چچ, راجا چندر ۽ راجا ڏاهر هيا، ان کان اڳ رواءِ گهراڻي جي حڪومت هئي، راءِ گهراڻو جو مذهب ٻڌمت هو. ان گهراڻي جا حڪمران راء سھاسي پھريون, راء سھارس پھريون,راء سھارس پھريون,راء ديواجي هيا.