ايمپيڊوڪليز
| ايمپيڊوڪليز | |
|---|---|
اگريجينٽم جو ايمپيڊوڪليز | |
| پيدائش | ت. 494 BC اڪراگاس، سسلي |
| وفات | ت. 434 BC |
| عهد | سقراط کان اڳ وارو فلسفو |
| علائقو | مغربي فلسفو |
شعبه عمل | ڪائنات جي پيدائش بابت نظريو، حياتيات |
اهم نظريا | روايتي چار عنصر: باهه، هوا، زمين ۽ پاڻي محبت ۽ جهيڙو مخالف طبعي قوتن طور |
ايمپيڊوڪليز (/ɛmˈpɛdəkliːz/؛ Ancient Greek: Ἐμπεδοκλῆς؛ ت. 494 – c. 434 BC، fl. 444–443 ق م) يوناني سقراط کان اڳ وارو فلسفي هو ۽ اڪراگاس جو رهواسي شهري هو، جيڪو سسلي ۾ واقع هڪ يوناني شهر هو۔ ايمپيڊوڪليز جو فلسفو خاص طور تي چار طبعي عنصرن بابت سندس ڪائناتي نظريي جي ڪري مشهور آهي۔ هن ٻن قوتن جو به تصور پيش ڪيو، جن کي هن محبت ۽ جهيڙو سڏيو، جيڪي ترتيبوار عنصرن کي گڏ ۽ جدا ڪن ٿيون۔
ايمپيڊوڪليز جانورن جي قرباني ۽ خوراڪ لاءِ جانورن جي قتل جي رواج جي مخالفت ڪئي۔ هن تناسخ بابت هڪ مخصوص نظريو پيش ڪيو۔ عام طور تي کيس آخري يوناني فلسفي سمجهيو ويندو آهي جنهن پنهنجا خيال نظم جي صورت ۾ قلمبند ڪيا۔ سندس ڪجهه تصنيفون اڄ به موجود آهن، ۽ اهي ڪنهن به ٻئي سقراط کان اڳ واري فلسفي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مقدار ۾ محفوظ رهيون آهن۔ ايمپيڊوڪليز جي موت بابت قديم ليکڪن ڏند ڪٿائون جوڙيون، ۽ سندس موت ڪيترين ادبي تخليقن جو موضوع بڻيو۔
زندگي
[سنواريو]
ايمپيڊوڪليز جي ڄمڻ ۽ مرڻ جون صحيح تاريخون معلوم نه آهن، ۽ سندس زندگي بابت قديم بيان تفصيلن جي لحاظ کان هڪ ٻئي سان اختلاف رکن ٿا۔ بهرحال، اهي سڀ ان ڳالهه تي متفق آهن ته هو پنجين صدي قبل مسيح جي شروعات ۾ اڪراگاس شهر ۾ پيدا ٿيو، جيڪو ميگنا گريشيا ۾ واقع هو ۽ اڄوڪي سسلي جو حصو آهي۔[3] جديد محققن جو خيال آهي ته اهي روايتون شايد درست آهن ته هو هڪ امير ۽ معزز خاندان سان تعلق رکندو هو ۽ سندس ڏاڏو، جنهن جو نالو پڻ ايمپيڊوڪليز هو، 71هين اولمپياڊ (496–495 ق م) ۾ گهوڙن جي ڊوڙ ۾ فاتح ٿيو هو۔[lower-alpha 1] ان کان سواءِ سندس زندگي بابت تمام ٿوري معلومات يقين سان معلوم ڪري سگهجي ٿي۔[3]
ايمپيڊوڪليز جي زندگي بابت بنيادي ذريعا هيلينسٽڪ دور سان تعلق رکن ٿا، جيڪو سندس وفات کان ڪيترائي صديون پوءِ جو زمانو هو، ۽ ان وقت تائين سندس زندگي بابت قابل اعتماد شاهد گهڻو ڪري ختم ٿي چڪا هئا۔[4] جديد تحقيق عام طور تي اهو مڃي ٿي ته سندس سوانح حيات جا ڪيترائي تفصيل، جن ۾ ارسطو جو اهو دعويٰ به شامل آهي ته هو "خطابت جو پيءُ" هو،[lower-alpha 2] فيثاغورث کان تعليم حاصل ڪرڻ جو تاريخي طور ناممڪن دعويٰ، ۽ کيس طبيب ۽ معجزا ڪندڙ طور پيش ڪرڻ، سندس شاعريءَ جي تشريحن مان گهڙيا ويا هئا، جيئن ان دور جي سوانح نگارن ۾ عام رواج هو۔[4]
موت ۽ ورثو
[سنواريو]
ارسطو موجب، ايمپيڊوڪليز 60 سالن جي عمر ۾ وفات ڪئي (ت. 430 BC)، پر ٻين ليکڪن موجب هو 109 سالن تائين زنده رهيو۔[lower-alpha 3] ساڳيءَ طرح سندس موت بابت مختلف ڏند ڪٿائون به موجود آهن: هيراڪليڊس پونٽيڪس سان منسوب هڪ روايت مطابق ڪنهن قوت کيس زمين تان کڻي وئي، جڏهن ته ٻي روايت چوي ٿي ته هو سسلي جي ايتنا جبل جي باهه ۾ مري ويو۔[lower-alpha 4]
ڊيوجينيز لايرٽيوس اها ڏند ڪٿا بيان ڪري ٿو ته ايمپيڊوڪليز پاڻ کي ايتنا جبل ۾ اڇلايو ته ماڻهو سمجهن سندس جسم غائب ٿي ويو آهي ۽ هو امر ديوتا بڻجي ويو آهي؛[lower-alpha 5] پر جبل آتش فشان سندس پيتل جو هڪ سينڊل واپس اڇلائي ڇڏيو، جنهن سان اهو فريب ظاهر ٿي ويو۔ هڪ ٻي روايت موجب، هن پنهنجن شاگردن کي ثابت ڪرڻ لاءِ آتش فشان ۾ ٽپو ڏنو ته هو امر آهي؛ سندس خيال هو ته باهه کيس ساڙي ڇڏڻ کان پوءِ هو ديوتا جي حيثيت ۾ واپس ايندو۔
ايڪارو-مينپپس(Icaro-Menippus) ۾، جيڪو ٻي صديءَ جي طنز نگار لوسيان آف ساموساتا جو مزاحيه مڪالمو آهي، ايمپيڊوڪليز جي انجام کي نئين انداز سان پيش ڪيو ويو آهي۔ ان ۾ هو ايتنا جبل ۾ سڙي نٿو مري، بلڪه آتش فشان جو ڦاٽڻ کيس آسمان ڏانهن اڇلائي ڇڏي ٿو۔ باهه جي اثر کان پوءِ به هو بچي وڃي ٿو ۽ چنڊ تي زندگي گذاري ٿو، جتي هو شبنم تي گذارو ڪري ٿو۔ برنيٽ لکي ٿو ته جيتوڻيڪ ايمپيڊوڪليز غالباً سسلي ۾ نه مئو هو، پر سندس موت بابت ٻئي مشهور روايتون (هڪ خودڪشي ۽ ٻي زمين ڇڏڻ کان پوءِ زنده بچي وڃڻ واري) قديم ليکڪن لاءِ آسانيءَ سان قبول ڪرڻ جهڙيون هيون، ڇاڪاڻ ته مقامي روايتن ۾ انهن جي ترديد موجود نه هئي۔[5]
ايمپيڊوڪليز جي موت فريڊرش هولڊرلن جي ڊرامي Der Tod des Empedokles (ايمپيڊوڪليز جي موت) ۽ ميٿيو آرنولڊ جي نظم ايمپيڊوڪليز آن ايتنا جو موضوع پڻ آهي۔ لوڪريشيس سندس وڏي تعريف ڪئي ۽ ظاهر آهي ته کيس پنهنجو نمونو سمجهندو هو۔[lower-alpha 6] هوريس به پنهنجي ڪتاب ارس پوئيٽيڪا ۾ ايمپيڊوڪليز جي موت جو ذڪر ڪري ٿو ۽ شاعرن جي پاڻ کي تباهه ڪرڻ جي حق کي تسليم ڪري ٿو۔[lower-alpha 7]
فلسفو
[سنواريو]سندس لکڻين جي بچيل ٽڪرن جي بنياد تي، جديد محققن جو عام خيال آهي ته ايمپيڊوڪليز سڌو سنئون پارمينيڊس جي يگانگت پسندي (مانيئزم) واري نظريي جو جواب ڏئي رهيو هو ۽ غالباً اناڪساگوراس جي ڪم کان به واقف هو، جيتوڻيڪ اهو ممڪن نه ٿو لڳي ته هو بعد وارن ايليئٽڪ فلسفين يا جوهريت پسندن (ايٽمسٽس) جي نظرين کان واقف هجي۔[7] سندس زندگي بابت بعد وارين ڪيترين روايتن ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته ايمپيڊوڪليز فيثاغورثين سان تعليم حاصل ڪئي هئي، جنهن جو بنياد سندس تناسخ واري عقيدي تي رکيو ويو؛ بهرحال، ممڪن آهي ته هن اهو عقيدو سڌي طرح فيثاغورثين کان نه، پر ڪنهن مقامي روايت مان حاصل ڪيو هجي۔[7]
بهرحال، جديد يوناني فلسفي هيلي لامبريڊس جي دليل موجب، جيتوڻيڪ ايمپيڊوڪليز ايليئٽڪ روايت (جنهن جو مرڪز پارمينيڊس هو) سان گڏ هيراڪليٽس ۽ فيثاغورث جي فڪري اسڪولن کان به اثر ورتا، پر سندس فلسفو انهن ٽنهي اثرن کان بنيادي طور مختلف آهي۔ لامبريڊس جي راءِ آهي ته ايمپيڊوڪليز جي فڪر کي يوناني فڪري روايت جي وسيع تناظر ۾ ڏسڻ گهرجي، جنهن مصر، بابل ۽ ٻين مشرقي تهذيبن مان عنصر وٺي هڪ بلڪل نئون فلسفيانه نظام پيدا ڪيو۔[8]
ڪائنات جي پيدائش بابت نظريو
[سنواريو]
ايمپيڊوڪليز چار بنيادي عنصر مقرر ڪيا، جيڪي دنيا جي سڀني شين جي جوڙجڪ جو بنياد آهن: باهه، هوا، پاڻي ۽ زمين۔[9][lower-alpha 8] ايمپيڊوڪليز انهن عنصرن کي "پاڙون" سڏيندو هو،[10] ۽ انهن کي هن اساطيري نالن زيوس، هيرا، نيستس ۽ ايڊونيئس سان به سڃاتو۔[lower-alpha 9] مثال طور هن چيو:
"هاڻي هر شيءِ جون چار پاڙون ٻڌو: زندگي بخش هيرا، هيڊس، روشن زيوس، ۽ نيستس، جيڪا پنهنجن ڳوڙهن سان فنا ٿيندڙ چشمن کي نمي بخشي ٿي۔"
— [11]
ايمپيڊوڪليز ڪڏهن به "عنصر" (στοιχεῖον، ستوئيخون (عنصر)- stoicheion) جو اصطلاح استعمال نه ڪيو، جيڪو لڳي ٿو ته پهريون ڀيرو افلاطون استعمال ڪيو هو۔[lower-alpha 10][better source needed] انهن چار اڻٽٽ، ابدي ۽ غيرمتبدل عنصرن جي مختلف تناسب سان گڏجڻ سبب دنيا ۾ مختلف شڪليون ۽ بناوتون پيدا ٿين ٿيون۔[9] ايمپيڊوڪليز، جوهريت پسندن وانگر، حقيقي تبديليءَ کي عنصرن جي گڏجڻ ۽ جدا ٿيڻ ۾ ڏٺو، نه ته ڪنهن نئين شيءِ جي وجود ۾ اچڻ ۾۔ هڪ شارح سندس فلسفي جو خلاصو هن ريت بيان ڪيو:
"ڪا به نئين شيءِ وجود ۾ نه اچي ٿي ۽ نه اچي سگهي ٿي؛ رڳو هڪ تبديلي ممڪن آهي، ۽ اها آهي عنصرن جي هڪ ٻئي سان ترتيب بدلجڻ۔"
— [9]
چار عنصرن جو اهو نظريو ايندڙ ٻن هزار سالن تائين روايتي فڪري اصول بڻيل رهيو۔ چار عنصر ابدي ۽ غيرمتبدل هئا، تنهن ڪري انهن جي گڏجڻ ۽ جدا ٿيڻ کي سمجهائڻ لاءِ اهڙين قوتن جي ضرورت هئي جيڪي اهو عمل سرانجام ڏين۔ ان مقصد لاءِ ايمپيڊوڪليز ٻن الاهي قوتن جو تصور پيش ڪيو: محبت ۽ جهيڙو (فيلوٽيس ۽ نيڪوس)۔[9]
فيلوٽيس (محبت) (φιλότης) مختلف قسمن جي مادي شين کي پاڻ ۾ ڇڪڻ واري قوت آهي، جڏهن ته جهيڙو (νεῖκος) انهن جي جدا ٿيڻ جو سبب بڻجي ٿو۔[lower-alpha 11] جيڪڏهن چار عنصر ڪائنات جي مادي بنياد آهن، ته محبت ۽ جهيڙو انهن جي تبديلي ۽ هم آهنگيءَ جي وضاحت ڪن ٿا۔ محبت ۽ جهيڙو بالترتيب ڪشش ۽ ڌڪ جي قوتون آهن، جيڪي انساني روين ۾ به نظر اچن ٿيون ۽ پوري ڪائنات ۾ به ڪارفرما آهن۔ اهي ٻئي قوتون پنهنجي اثر ۾ وڌنديون ۽ گهٽجنديون رهن ٿيون، پر ڪڏهن به مڪمل طور هڪ ٻئي کي ختم نٿيون ڪن۔

ايمپيڊوڪليز جي نظر ۾ شروعاتي ۽ بهترين حالت اها هئي جڏهن خالص عنصر ۽ اهي ٻئي قوتون هڪ دائري (Sphere) جي صورت ۾ مڪمل سڪون ۽ بي حرڪتيءَ ۾ گڏ موجود هئا۔[9] عنصر پنهنجي خالص حالت ۾ گڏ هئا؛ نه ڪو ملاپ هو نه جدائي، ۽ محبت جي قوت غالب هئي، جڏهن ته جهيڙو دائري جي ڪنارن تي موجود هو۔[lower-alpha 12] ان کان پوءِ جهيڙي جو اثر وڌڻ لڳو،[9] ۽ اهو بندھن ٽٽي پيو جيڪو عنصرن کي گڏ رکندو هو۔ پوءِ عنصر جدا ٿي ويا ۽ اها مظاهرن واري دنيا وجود ۾ آئي جيڪا اڄ اسان ڏسون ٿا، جتي تضاد، اختلاف ۽ محبت ۽ جهيڙي جي گڏيل عمل جو راڄ آهي۔[9]
ايمپيڊوڪليز هڪ دائروي ڪائنات جو تصور پيش ڪيو، جنهن ۾ عنصر وري هڪ ڀيرو گڏ ٿين ٿا ۽ نئين دائري جي تشڪيل ڪن ٿا، جنهن سان ڪائنات جو نئون دور شروع ٿئي ٿو۔ ايمپيڊوڪليز عنصرن جي جدا ٿيڻ، زمين ۽ سمنڊ جي ٺهڻ، سج ۽ چنڊ جي پيدائش، ۽ فضا جي جوڙجڪ جي وضاحت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي۔[9] هن ٻوٽن ۽ جانورن جي شروعاتي پيدائش ۽ انساني جسمانيات بابت به بحث ڪيو۔[9] جڏهن عنصر مختلف نمونن سان گڏ ٿيڻ لڳا ته عجيب صورتون ظاهر ٿيون: ڪنڌ جيڪي ڳچيءَ کان سواءِ هئا، ۽ ٻانهون جيڪي ڪلهن کان سواءِ هيون۔[9][lower-alpha 13] پوءِ جڏهن اهي جدا جدا عضوا هڪ ٻئي سان مليا ته انساني جسمن تي سڱن وارا مٿا، انساني مٿن سان ڍڳن جا جسم، ۽ ٻٽي جنسيت واريون شڪلون وجود ۾ آيون۔[9][lower-alpha 14] پر انهن مان اڪثر جوڙجڪون جلد ئي ختم ٿي ويون؛ رڳو اهي ئي پيچيده جاندار زنده رهيا جن جا حصا هڪ ٻئي سان مناسب نموني جڙيل هئا۔[9] اهڙيءَ طرح حياتياتي دنيا خودبخود اهڙين گڏجاڻين مان پيدا ٿي، جيڪي هڪ ٻئي سان ٺهڪندڙ هيون، ڄڻ ته انهن کي ڪنهن مقصد سان ٺاهيو ويو هجي۔[9] جلد ئي مختلف اثرن ٻٽي جنس وارن جاندارن کي نر ۽ مادي ۾ ورهائي ڇڏيو، ۽ دنيا حياتياتي زندگي سان ڀرجي وئي۔[9]
نفسيات
[سنواريو]فيثاغورث وانگر، ايمپيڊوڪليز به روح جي منتقلي يا تناسخ (ميٽيمسائڪوسس) تي يقين رکندو هو، يعني روح انسانن، جانورن ۽ ٻوٽن جي وچ ۾ وري وري جنم وٺي سگهي ٿي۔[lower-alpha 15] سندس خيال موجب، سڀ انسان ــ يا شايد انهن مان رڳو ڪي چونڊيل فرد ــ اصل ۾ ڊگهي عمر وارا ڊائيمون هئا، جيڪي هڪ خوشحال ۽ الاهي حالت ۾ رهندا هئا، جيستائين انهن ڪو اڻڄاتل گناهه نه ڪيو، شايد خونريزي يا ڪوڙي قسم کڻڻ جهڙو۔[12][13]
ان جي نتيجي ۾ اهي زمين تي لاٿا ويا، جتي کين 30,000 تناسخي چڪرن مان گذرڻو پوندو هو، مختلف جسمن ۾ جنم وٺندي، ان کان اڳ جو اهي وري الاهي دائري ڏانهن موٽي سگهن۔[12][13] انسان جو هن زندگيءَ دوران رويو سندس ايندڙ جنم جو تعين به ڪندو هو۔[12] جيڪي ماڻهو زندگيءَ جو راز سکي وٺندا آهن، اهي الاهي حقيقت جي وڌيڪ ويجهو هوندا آهن،[9][lower-alpha 16] ۽ انهن جون روحون به تناسخ جي چڪر کان آزاديءَ جي وڌيڪ ويجهو هونديون آهن، جنهن کان پوءِ اهي هميشه لاءِ خوشيءَ ۽ سڪون ۾ رهندا آهن۔[lower-alpha 17] فاني جسمن ۾ جنم وٺڻ جو اهو چڪر غالباً ديوتا اپولو کي ايڊميٽس آف فيريئه (Admetus of Pherae) جي خدمتگار بڻائي سزا ڏيڻ واري ڏند ڪٿا کان متاثر هو۔[13]

ايمپيڊوڪليز ڀاڄي خوري (ويجٽيرينزم) جو حامي هو[lower-alpha 18][14] ۽ ماڻهن کي گوشت نه کائڻ جي تلقين ڪندو هو، ڇاڪاڻتہ سندس نظر ۾ جانورن جا جسم به سزا يافته روحن جا رهائشي هنڌ هئا۔[lower-alpha 19]
ايمپيڊوڪليز جي نظر ۾ سڀئي جاندار هڪ ئي روحاني سطح تي موجود هئا؛ ٻوٽا ۽ جانور به انهيءَ زنجير جا ڳنڍ هئا، جنهن ۾ انسان به هڪ ڪڙي هو۔[9] ايمپيڊوڪليز کي روشني ۽ ڏسڻ بابت پهريون جامع نظريو پيش ڪرڻ جو به اعزاز ڏنو وڃي ٿو۔ مؤرخ ول ڊيورنٽ لکيو آهي ته: "ايمپيڊوڪليز تجويز ڏني ته روشنيءَ کي هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ پهچڻ ۾ وقت لڳي ٿو." [15] [16] هن اهو خيال پيش ڪيو ته اسان شين کي ان ڪري ڏسون ٿا جو روشني اسان جي اکين مان نڪري شين سان ٽڪرائجي ٿي۔ جيتوڻيڪ اهو نظريو درست نه هو، پر بعد ۾ يوناني فلسفين ۽ رياضي دانن، جهڙوڪ اقلیدس، جي روشني، بصارت ۽ آپٽڪس بابت اهم نظرين لاءِ اهو بنيادي نقطو بڻيو۔[17][better source needed]
ايمپيڊوڪليز علم جي وضاحت هن اصول سان ڪئي ته ٻاهرين شين ۾ موجود عنصر اسان جي اندر موجود ساڳين عنصرن جي ذريعي محسوس ڪيا وڃن ٿا۔[lower-alpha 20] سندس مشهور اصول هو:
"ساڳيو ساڳئي کي سڃاڻي ٿو."
سندس خيال موجب سڄو جسم سوراخن سان ڀريل آهي، تنهن ڪري خلوي تنفس (سيليولر ريسپائريشن) سڄي جسم ۾ جاري رهي ٿي۔ حواسن جي عضون ۾ اهي سوراخ خاص نموني سان ٺهيل آهن ته جيئن ڀرپاسي جي شين مان نڪرندڙ بارڪ ذرن کي قبول ڪري سگهن؛ اهڙيءَ طرح ادراڪ (پرسيپشن) پيدا ٿئي ٿو۔[lower-alpha 21]
بصارت جي حوالي سان، هن جو خيال هو ته ڪجهه ذرڙا اکين مان نڪري شئي مان نڪرندڙ ساڳين ذرڙن سان ملن ٿا، ۽ ان رابطي جي نتيجي ۾ ڏسڻ جو عمل وجود ۾ اچي ٿو۔[lower-alpha 22] سندس نظر ۾ ادراڪ رڳو ٻاهرين شين جو غيرفعال عڪس نه هو۔[18][better source needed]
ايمپيڊوڪليز تنفس جي عمل کي به ڪليپسيڊرا (پاڻيءَ جي گهڙي) جي هڪ پيچيده تشبيهه ذريعي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، جيڪا قديم زماني ۾ هڪ برتن مان ٻئي برتن ڏانهن پاڻي منتقل ڪرڻ لاءِ استعمال ٿيندي هئي۔[lower-alpha 23][19] هن ٽڪري کي ڪڏهن ڪڏهن ارسطو جي طبيعات (فزڪس) جي هڪ اقتباس سان به ڳنڍيو ويندو آهي،[lower-alpha 24] جتي ارسطو انهن ماڻهن جو ذڪر ڪري ٿو، جيڪي شراب جي مشڪن کي موڙي ۽ ڪليپسيڊرا ۾ هوا قيد ڪري ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪندا هئا ته خلا (void) وجود نٿو رکي۔ هي ٽڪرو يقيناً اهو ظاهر ڪري ٿو ته ايمپيڊوڪليز هوا جي مادي وجود کان واقف هو، پر هن خلا بابت ڪابه واضح ڳالهه نه ڪئي، ۽ نه ئي ڪو اهڙو ثبوت موجود آهي ته هن پاڻ ڪليپسيڊرا سان اهڙا تجربا ڪيا هئا۔[19]
تصنيفون
[سنواريو]
ڊيوجينيز لائيرشيس موجب،[lower-alpha 25] ايمپيڊوڪليز ٻه نظم لکيا هئا: فطرت بابت (آن نيچر) ۽ پاڪيزگيون (آن پيوريفڪيشنز)، جيڪي گڏجي تقريباً 5000 سٽن تي مشتمل هئا۔ بهرحال، سندس شاعري مان رڳو لڳ ڀڳ 550 سٽون ئي محفوظ رهيون آهن، جيڪي بعد جي قديم ذريعن ۾ ٽڪرن جي صورت ۾ نقل ڪيون ويون آهن۔ ايمپيڊوڪليز جي پراڻين ايڊيشنن ۾ لڳ ڀڳ 450 سٽون فطرت بابت سان منسوب ڪيون وينديون هيون، جنهن ۾ سندس فلسفياتي نظام بيان ٿيل هو، ۽ جنهن ۾ نه رڳو ڪائنات جي فطرت ۽ تاريخ جي وضاحت شامل هئي، جنهن ۾ سندس روايتي عنصرن جا چار بنيادي جزا (ڪلاسيڪل فور ايليمينٽس) وارو نظريو به شامل هو، پر سبب ۽ نتيجي، ادراڪ ۽ فڪر بابت نظرين سان گڏ زميني مظاهرن ۽ حياتياتي عملن جون وضاحتون پڻ موجود هيون۔ ٻيون تقريباً 100 سٽون عام طور پاڪيزگيون سان منسوب ڪيون وينديون هيون، جنهن کي رسمن ذريعي پاڪيزگيءَ بابت نظم سمجهيو ويندو هو، يا اهو نظم جنهن ۾ سندس سمورو مذهبي ۽ اخلاقي فڪر شامل هو۔ شروعاتي ايڊيٽرن جو خيال هو ته اهو اهڙو نظم هو جيڪو دنيا جي هڪ اساطيري وضاحت پيش ڪندو هو، جيڪا باوجود ان جي شايد ايمپيڊوڪليز جي فلسفياتي نظام جو حصو هئي۔
ويهين صديءَ جي پڇاڙيءَ ۾ ٿيل هڪ دريافت هن صورتحال کي تبديل ڪري ڇڏيو۔ اسٽراسبرگ پاپائرس[20][lower-alpha 26] ۾ فطرت بابت جو هڪ وڏو حصو محفوظ مليو، جنهن ۾ ڪيتريون اهڙيون سٽون به شامل هيون جيڪي اڳ پاڪيزگيون سان منسوب ڪيون وينديون هيون۔[21]
انهيءَ دريافت هڪ وڏو علمي بحث پيدا ڪيو آهي،[22][23] جنهن ۾ هي سوال اٿاريا ويا آهن ته:
- ڇا سندس تعليم جا محفوظ ٽڪرا واقعي ٻن الڳ نظمن سان تعلق رکن ٿا جن جا موضوع مختلف هئا؟
- ڇا اهي سڀئي ٽڪرا هڪ ئي نظم مان ورتل آهن، جنهن جا ٻه عنوان هئا؟[24]
- يا ڇا انهن مان هڪ عنوان سڄي نظم جي رڳو هڪ حصي ڏانهن اشارو ڪري ٿو؟
16 مارچ 2026ع تي لييج يونيورسٽي پاران فرانسيسي ادارو براءِ مشرقي آثارِ قديمه (Institut Français d'Archéologie Orientale) جي ذخيري تي ڪيل هڪ تحقيق مان معلوم ٿيو ته ايمپيڊوڪليز جا 30 اڳ ۾ غير شايع ٿيل شعر هڪ پاپائرس جي ٽڪري مان دريافت ٿيا آهن، جنهن کي Papyrus P. Fouad inv. 218 جو نالو ڏنو ويو آهي۔ هن ٽڪري ۾ نظم فزيڪا (Physica) جا حصا شامل آهن، جيڪي اسٽراسبرگ ۾ ملندڙ طومار جي اضافي ٽڪرن مان حاصل ٿيا هئا۔[25]
اثر ۽ اهميت
[سنواريو]ايمپيڊوڪليز کي عام طور تي آخري اهم يوناني فلسفي طور ڏٺو وڃي ٿو جنهن پنهنجي فلسفي کي مڪمل طور شاعريءَ جي صورت ۾ پيش ڪيو۔ بعد وارا فلسفي، جهڙوڪ افلاطون ۽ ارسطو، گهڻو ڪري نثري انداز اختيار ڪرڻ لڳا۔[26] سندس چار عنصرن وارو نظريو ــ باهه، هوا، پاڻي ۽ زمين ــ تقريباً ٻن هزار سالن تائين يورپي، اسلامي ۽ وچئين دور جي علمي روايتن تي غالب رهيو۔ بعد ۾ افلاطون، ارسطو، جالينوس ۽ ڪيترن اسلامي مفڪرن انهيءَ نظريي کي پنهنجي فڪر ۾ شامل ڪيو يا ان ۾ ترميمون آنديون۔[9]
محبت ۽ تڪرار کي ڪائناتي قوتن طور پيش ڪرڻ به فڪر جي تاريخ ۾ هڪ اهم قدم هو، ڇاڪاڻتہ هن پهريون ڀيرو ڪائنات جي تبديلين کي شخصي ديوتائن بدران عالمي اصولن جي ذريعي سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي۔[9] سندس حياتياتي خيال، خاص طور تي انهن جاندارن بابت جيڪي ناموزون بناوت سبب ختم ٿي ويا ۽ فقط مناسب بناوت وارا جاندار باقي رهيا، ڪجهه جديد محققن جي نظر ۾ ارتقائي خيالن جا ابتدائي اشارا سمجهيا ويندا آهن، جيتوڻيڪ اهي چارلس ڊارون جي ارتقا واري نظريي کان بنيادي طور مختلف هئا۔[9]
روشني، بصارت، تنفس ۽ ادراڪ بابت سندس خيالن به بعد جي يوناني سائنس ۽ فلسفي تي گهرو اثر ڇڏيو۔[19]
ڪتابيات
[سنواريو]قديم شاهديون
[سنواريو]ماخذ
[سنواريو]- Barnes, Jonathan (11 September 2002). The Presocratic Philosophers (انگريزي ۾). Routledge. ISBN 978-1-134-96512-0.
- Burnet, John (1892). Early Greek Philosophy (انگريزي ۾). Adam and Charles Black.
- Inwood, Brad (2001). The Poem of Empedocles: A Text and Translation with an Introduction (انگريزي ۾) (Revised ڇاپو). University of Toronto Press. ISBN 978-0-8020-8353-1.
- Guthrie, W. K. C. (1962). A History of Greek Philosophy: Volume 2, The Presocratic Tradition from Parmenides to Democritus (انگريزي ۾). Cambridge University Press. ISBN 978-0-521-29421-8.
{{cite book}}: ISBN / Date incompatibility (مدد) - ايمپيڊوڪليز entry in the Stanford Encyclopedia of Philosophy
- Kingsley, Peter (1995). Ancient Philosophy, Mystery, and Magic: Empedocles and Pythagorean Tradition. Oxford: Clarendon Press. ISBN 0-19-814988-3.
- Martin, Alain; Primavesi, Oliver (1999). L'Empédocle de Strasbourg: (P. Strasb. gr. Inv. 1665-1666) (فرانسيسي ۾). Walter de Gruyter. ISBN 978-3-11-015129-9.
- Primavesi, Oliver (27 October 2008). "Empedocles: Physical and Mythical Divinity". ۾ Curd, Patricia; Graham, Daniel W. (مرتب). The Oxford Handbook of Presocratic Philosophy (انگريزي ۾). Oxford University Press, US. ISBN 978-0-19-514687-5.
- Osborne, Catherine (1987). Rethinking early Greek philosophy : Hippolytus of Rome and the Presocratics. London: Duckworth. ISBN 0-7156-1975-6.
- Sedley, D. N. (2003). Lucretius and the Transformation of Greek Wisdom (انگريزي ۾). Cambridge University Press. ISBN 978-0-521-54214-2.
- Trépanier, Simon (2004). Empedocles: An Interpretation (انگريزي ۾). Routledge. ISBN 978-0-415-96700-6.
- Wallace, William (1911). . Encyclopædia Britannica. جلد 9 (11th ڇاپو). ص. 344–345.
- Wright, M. R. (1995). Empedocles: The Extant Fragments (new ڇاپو). London: Bristol Classical Press. ISBN 1-85399-482-0.
وڌيڪ مطالعي لاءِ
[سنواريو]- Chitwood, Ava (2004). Death by philosophy : the biographical tradition in the life and death of the archaic philosophers Empedocles, Heraclitus, and Democritus. Ann Arbor: University of Michigan Press. ISBN 9780472113880.
- Campbell, Gordon. "Empedocles". ۾ Fieser, James; Dowden, Bradley (مرتب). Internet Encyclopedia of Philosophy. ISSN 2161-0002. OCLC 37741658.
- Freeman, Kathleen (1948). Ancilla to the Pre-Socratic Philosophers: A Complete Translation of the Fragments in Diels Fragmente Der Vorsokratiker (انگريزي ۾). Forgotten Books. ISBN 978-1-60680-256-4.
{{cite book}}: ISBN / Date incompatibility (مدد) - Gottlieb, Anthony (2000). The Dream of Reason: A History of Western Philosophy from the Greeks to the Renaissance. London: Allen Lane. ISBN 0-7139-9143-7.
- Kirk, G. S.; Raven, J.E.; Schofield, M. (1983). The Presocratic Philosophers: A Critical History (2nd ڇاپو). Cambridge: Cambridge University Press. ISBN 0-521-25444-2.
- Lambridis, Helle (1976). Empedocles : a philosophical investigation. Tuscaloosa, AL: University of Alabama Press. ISBN 0-8173-6615-6.
- Long, A. A. (1999). The Cambridge Companion to Early Greek Philosophy. Cambridge: Cambridge University Press. ISBN 0-521-44122-6.
- Saetta Cottone, Rossella (2023). Soleil et connaissance. Empédocle avant Platon. Paris: Les Belles Lettres. ISBN 9782350882031.
- Stamatellos, Giannis (2007). Plotinus and the Presocratics: A Philosophical Study of Presocratic Influences in Plotinus' Enneads. Albany: SUNY Press.
- Stamatellos, Giannis (2012). Introduction to Presocratics: A Thematic Approach to Early Greek Philosophy with Key Readings. Wiley-Blackwell.
- Wellmann, Tom (2020). Die Entstehung der Welt. Studien zum Straßburger Empedokles-Papyrus. Berlin/Boston: Walter de Gruyter. ISBN 978-3-11-063372-6.
ٻاهريان ڳنڍڻا
[سنواريو]| وڪيميڊيا العام ۾ سان لاڳاپيل ميڊيا ايمپيڊوڪليز. |
| وڪي قول ۾ ايمپيڊوڪليز جي متعلق قول موجود آھي۔ |
| لائبريري وسيلا بابت Empedocles |
| By Empedocles |
|---|
نوٽ
[سنواريو]- سانچو:Wikisource author-inline
- ايمپيڊوڪليز: ٽڪرا، ترجمو: آرٿر فيئربينڪس، 1898ع۔
- ايمپيڊوڪليز آرڪائيو ڪيا ويا 9 September 2020 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين.، جين-ڪلاڊ پيڪوٽ پاران، وڌايل ۽ جديد ڪتابيات سان گڏ۔
- ايمپيڊوڪليز: ٽڪرا آرڪائيو ڪيا ويا 9 July 2023 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين. تي demonax.info
- ↑ Stanford Encyclopedia of Philosophy-Empedocles
- ↑ Doctors and Diseases in the Roman Empire, Ralph Jackson, British Museum Press, p.18
- 1 2 Kingsley & Parry 2020, §1.
- 1 2 Inwood 2001, pp. 6–8.
- ↑ Burnet 1892, pp. 202–203.
- ↑ Sedley 2003.
- 1 2 Inwood 2001, p. 6-8.
- ↑ Lambridis, Helle (1976). Empedocles: A Philosophical Investigation. Tuscaloosa: University of Alabama Press. ص. 38–39.
- 1 2 3 4 5 6 7 8 9 10 11 12 13 14 15 16 17 18 19 Wallace 1911.
- ↑ Ströker, E. (September 1968). "Element and Compound. On the Scientific History of Two Fundamental Chemical Concepts" (en ۾). Angewandte Chemie International Edition in English 7 (9): 718–724. doi:. ISSN 0570-0833. https://onlinelibrary.wiley.com/doi/10.1002/anie.196807181.
- ↑ Kingsley 1995.
- 1 2 3 Inwood 2001, pp. 55–68.
- 1 2 3 Primavesi 2008, pp. 261–268.
- ↑ Fragments of Empedocles 136 - 139
- ↑ Durant, Will. The Story of Civilization, Volume 2: The Life of Greece (New York; Simon & Schuster) 1939, p. 339.
- ↑ ايمپيڊوڪليز (۽ ساڻس گڏ اهي سڀئي ماڻهو جيڪي ساڳئي قسم جا اظهار استعمال ڪندا هئا) روشني بابت اها ڳالهه ڪرڻ ۾ غلط هئا ته اها "سفر" ڪري ٿي يا ڪنهن مخصوص لمحي تي زمين ۽ ان جي چوڌاري گهيري جي وچ ۾ موجود هوندي آهي، ڇاڪاڻتہ ان جي حرڪت اسان لاءِ مشاهدي لائق نه آهي؛ اهو خيال نه رڳو منطقي دليلن جي واضح شاهديءَ جي ابتڙ آهي، پر مشاهدو ڪيل حقيقتن جي به خلاف آهي؛ جيڪڏهن طئي ڪيل فاصلو ننڍو هجي ها ته شايد اها حرڪت اسان کي محسوس نه ٿئي ها، پر جڏهن اهو فاصلو انتهائي اوڀر کان انتهائي اولهه تائين هجي ته پوءِ اهڙي ڳالهه تي يقين ڪرڻ اسان جي اعتبار جي قوت تي تمام وڏو بار وجهي ٿو. ارسطو، روح بابت 418b
- ↑ Let There be Light 7 August 2006 01:50 BBC Four
- ↑ "Empedocles – Encyclopedia".
- 1 2 3 Barnes 2002, p. 313.
- 1 2 Martin & Primavesi 1999.
- ↑ Kingsley & Parry 2020.
- ↑ Inwood 2001, pp. 8–21.
- ↑ Trépanier 2004.
- ↑ Osborne 1987, pp. 24–31, 108.
- ↑ Baum, Stephanie (1 April 2026). "Thirty previously unpublished verses by Empedocles discovered on a papyrus from Cairo". Phys.org. 1 April 2026 تي حاصل ڪيل.
- ↑ Inwood 2001, pp. 1–4.
- Works by or about ايمپيڊوڪليز at Internet Archive
- Works by ايمپيڊوڪليز at LibriVox (public domain audiobooks)

ڏسو پڻ
[سنواريو]حوالا
[سنواريو]- ↑ Diogenes Laërtius, viii. 51
- ↑ Aristotle, Poetics, 1, ap. Diogenes Laërtius, viii. 57.
- ↑ Apollonius, ap. Diogenes Laërtius, viii. 52, comp. 74, 73
- ↑ Diogenes Laërtius, viii. 67, 69, 70, 71; Horace, ad Pison. 464, etc.
- ↑ Diogenes Laërtius, viii. 69
- ↑ See especially Lucretius, i. 716, etc.[6]
- ↑ Horace ارس پوئيٽيڪا
- ↑ Frag. B17 (Simplicius, Physics, 157–159)
- ↑ Frag. B6 (Sextus Empiricus, Against the Mathematicians, x, 315)
- ↑ Plato, Timaeus, 48b–c
- ↑ Frag. B35, B26 (Simplicius, Physics, 31–34)
- ↑ Frag. B35 (Simplicius, Physics, 31–34; On the Heavens, 528–530)
- ↑ Frag. B57 (Simplicius, On the Heavens, 586)
- ↑ Frag. B61 (Aelian, On Animals, xvi 29)
- ↑ Frag. B127 (Aelian, On Animals, xii. 7); Frag. B117 (Hippolytus, i. 3.2)
- ↑ Clement of Alexandria, Miscellanies, iv. 23.150
- ↑ Clement of Alexandria, Miscellanies, v. 14.122
- ↑ Plato, Meno
- ↑ Sextus Empiricus, Against the Mathematicians, ix. 127; Hippolytus, vii. 21
- ↑ Frag. B109 (Aristotle, On the Soul, 404b11–15)
- ↑ Frag. B100 (Aristotle, On Respiration, 473b1–474a6)
- ↑ Frag. B84 (Aristotle, On the Senses and their Objects, 437b23–438a5)
- ↑ Aristotle, On Respiration 13
- ↑ Aristotle, Physics, 213a24–7
- ↑ Diogenes Laërtius, viii. 77
- ↑ هي اُن اسٽراسبرگ پاپائرس سان نه ملائجي جنهن ۾ عيسائي دعائون شامل آهن
- مضمون with short description
- Short description is different from Wikidata
- اهڙا مضمون جن ۾ هيٽ نوٽ سانچا غير موجود صفحي کي نشانو بڻائن ٿا
- Articles containing Ancient Greek (to 1453)-language text
- سانچا
- سمورا مضمون جن ۾ ڀروسي جوڳن حوالن جي کوٽ آهي
- مضمون جن ۾ ڀروسي جوڳن حوالن جي کوٽ آهي from September 2022
- Articles with invalid date parameter in template
- CS1 انگريزي-language sources (en)
- CS1 errors: ISBN date
- CS1 فرانسيسي-language sources (fr)
- Wikipedia articles incorporating a citation from the 1911 Encyclopaedia Britannica with Wikisource reference
- Articles with Internet Encyclopedia of Philosophy links
- Commons link is locally defined
- Commons category wi page teetle different than on Wikidata
- Articles with Internet Archive links
- سان اي سي عنصر15
- VIAF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- LCCN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ISNI سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- GND سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- SELIBR سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BNF سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- BIBSYS سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- ULAN سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- NLA سان سڃاڻپ ڪندڙ وڪيپيڊيا مضمون
- Wikipedia articles with faulty authority control identifiers (SBN)
- باهه سبب فوت ٿيل ماڻهو
- پنجين صدي ق م جا يوناني فلسفي
- پنجين صدي ق م جا يوناني شاعر
- قديم اڪراگاس جا رهواسي
- قديم يوناني شامن
- ڪثرتيت جا فلسفي
- قديم يوناني طبيعيات دان
- ميگنا گريشيا جا فلسفي
- فطرتي فلسفي
- سائنس جا فلسفي
- سقراط کان اڳ وارا فلسفي
- سسلي جا يوناني
- 490ع واري ڏهاڪي ق م جون پيدائشون
- 430ع واري ڏهاڪي ق م جون وفاتون
- ايتنا جبل
- معجزا ڪندڙ ماڻهو
- قديم يوناني طب